توحيد

اسلامي عقيدي مطابق الله کي سڄي ڪائنات جو هڪ اڪيلو خالق ڪري مڃڻ کي توحيد چئجي ٿو.

توحيد جو مطلب آهي هڪ خدا کي مڃڻ ۽ مڪمل طرح پنهنجي دل ۽ دماغ سان ان سان ڳنڍجي وڃڻ. اها ئي خدا ۽ انسانيت جي منزل آهي. هن دنيا ۾ اهوئي انسان ڪامياب آهي، جيڪو هڪ خدا کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه بڻائي ڇڏي. هر ڪو انسان هڪ اڻپورو وجود آهي. خدا سان پاڻ کي ڳنڍي، هو پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪندو آهي.

توحيد شعين جي نظر ۾

شيعه مسلڪ ۾ الله جي وحدانيت کي سڃاڻڻ لاءِ ٻن حصن ۾ توحيد کي جدا ڪيون آهي هڪ صفات ثبوتيه ء ٻي صفعات سلبيه آهي.

توحيد ۽ شرڪ

قرآن جي مطابق شرڪ جو عقيدو. سڀني انساني برائين جي پاڙ آهي. ان جي ڀيٽ ۾ توحيد جو عقيدو سڀني انساني خوبين جو سرچشمو آهي. قرآن شريف ۾ واضح لفظن ۾ اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته: اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ ۾َا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِ۾َنۡ یَّشَآءُ ۚ وَ ۾َنۡ یُّشۡرِکۡ بِاللّٰہِ فَقَدِ افۡتَرٰۤی اِثۡ۾ًا عَظِیۡ۾ًا (النساء: 48) ”بيشڪ الله نه بخشيندو جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ جنهن لاءِ چاهيندو معاف ڪندو ۽ جنهن شرڪ ڪيو، بيشڪ ان وڌيڪ گناهه جو بهتان ٺاهيو.“

قرآن ڪريم ۾ توحيد جي عقيدي کي هڪ آيت ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: اَللّٰہُ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَۚ اَلۡحَیُّ الۡقَیُّوۡ۾ُ ۬ۚ لَا تَاۡخُذُہٗ سِنَۃٌ وَّ لَا نَوۡ۾ٌ ؕ لَہٗ ۾َا فِی السَّ۾ٰوٰتِ وَ ۾َا فِی الۡاَرۡضِ ؕ۾َنۡ ذَا الَّذِیۡ یَشۡفَعُ عِنۡدَہٗۤ اِلَّا بِاِذۡنِہٖ ؕ یَعۡلَ۾ُ ۾َا بَیۡنَ اَیۡدِیۡہِ۾ۡ وَ ۾َا خَلۡفَہُ۾ۡ ۚ وَ لَا یُحِیۡطُوۡنَ بِشَیۡءٍ ۾ِّنۡ عِلۡ۾ِہٖۤ اِلَّا بِ۾َا شَآءَ ۚ وَسِعَ کُرۡسِیُّہُ السَّ۾ٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضَ ۚ وَ لَا یَـُٔوۡدُہٗ حِفۡظُہُ۾َا ۚ وَ ہُوَ الۡعَلِیُّ الۡعَظِیۡ۾ُ (البقره: 255) ”الله اهو معبود برحق آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. هو جيئرو آهي ۽ هميشه رهڻ وارو آهي. ان کي نه ننڊ اچي ٿي نه پنڪي، جو ڪجهه زمين ۾ آهي ۽ جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي سڀ ان جو آهي، ڪير آهي جو سندس موڪل کان سواءِ وٽس ڪنهن جي سفارش ڪري سگهي. جو ڪجهه انهن جي سامهون ٿي رهيو آهي ۽ جو ڪجهه پرپٺ ٿي رهيو آهي، ان کي چڱيءَ پرڄاڻي ٿو ۽ هو سندس معلومات مان ڪنهن حد تائين ڪا پهچ نٿا حاصل ڪري سگهن، البت جيتري حد تائين پاڻ چاهي. ان جي بادشاهي ۽ علم زمين ۽ آسمان سڀ کي گهيرو ڪيل آهي ۽ اهو الله وڏي شان ۽ بلند درجي وارو آهي.“

توحيد ۽ ھندن جي ويدانيت

ڪثرت ۾ وحدت: رگ ويد جي منڊل ڏهين (82، 1-3) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”سڀڪجهه خلقڻهار وڏو آهي. اهو ئي سڀني کي خلقي ٿو، اهو ئي سڀني کي سنڀالي ٿو ۽ اهو ئي سڀني جي مٿان آهي... جنهن پتا (پيءُ) اسان کي پيدا ڪيو آهي، جنهن کي سڀني قومن ۽ سڀني شين جي ڄاڻ آهي، سو هڪڙو ئي آهي، پر مٿس نالا گهڻا رکيل آهن.“ هن مان چٽيءَ ريت ظهار آهي ته رگ ويد واري قديم زماني ۾ جيتوڻيڪ عناصرن يا تتون کي ملائيندڙ طاقتن کي ديوتائون ڪري پوڄيائون ٿي، ته به ائين ڄاتائون ٿي ته ساري جهان جو خلقيندڙ هڪڙو ئي قادر مطلق ڌڻي آهي. رگ ويد جي منڊل پهرين (164، 46) ۾ به ائين ئي چيل آهي ته جيڪي سياڻا آهن، سي جدا جدا ديوتائن ۾ هڪڙو ئي ڌڻي پرجن پروڙين ٿا.

حوالو

Tags:

توحيد شعين جي نظر ۾توحيد ۽ شرڪتوحيد ۽ ھندن جي ويدانيتتوحيد حوالوتوحيدالله

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

شاھ عبداللطيف ڀٽائيکيرائين واٽ ڪهڪشان758عپھرين مھاڀاري جنگجنيوامرتضيٰ ڀٽوڊائنوسارزسنڌي نالاسکرپورهيتن جو عالمي ڏهاڙودٻي جي جنگآرمينياطبقووڪي سورسآئزڪ نيوٽندروازوميڊياوڪيسالوائيٻين مھاڀاري جنگوڪيپيڊياڄام جوڻوڪمرکحسين ابن علييوڪرينپونچ ضلعو، پاڪستانبين الاقوامي وايوڪياتي لپيشاردا تعلقو86عسچل سرمست1895عجسم فروشيڪنڊيارو تعلقوسلطان راهيسنڌو ديش لبريشن آرميرڌراماديوي (فلم)ڀمبر ضلعوپاڪستان ۾ اچ وڃ جون نشانيونآباديشهري آزاديشمشير الحيدريھوائي اڏوبي بي سي نيوزسڌنوتي ضلعوقرآنروسڪاروباربابر بادشاههڪمرنگوڪِرگزِستانُ26 سيپٽمبرمحرمهفتي جا ڏينهناٺ پکي1945عپرڏيهي امدادسنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽيھندو1924عزان فرانسوا جاريجهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج🡆 More