بڪرمي ڪئلينڊر

بڪرمي تقويم ھڪ شمسي تقويم آھي جيڪا ننڍي کنڍ پاڪستان ۽ ھندستان ۾ صدين کان رائج آھي۔

بڪرمي ڪلينڊر جيڪو راجہ بڪرم اجيت جي دور کان شروع ٿئي ٿو، ھن کي ديسیي سال يا جنتري به چوندا آھن۔ ھن شمسي تقويم ۾ سال ويساک جي مھيني کان شروع ٿئي ٿو۔

ٽي سو پنجھٺ (365) ڏينھن جي ھن ڪلينڊر جا نو مھينا ٽيھ (30) ڏينھن جا ٿين ٿا، ۽ ھڪ مھينو ويساک ايڪٽيھ (31) ڏينھن جو ٿئي ٿو، ۽ ٻه مھينا جيٺ ۽ ھاڙھ ٻٽيھ(32) ڏينھن جا ٿين ٿا۔

هندن جو تاريخي ڪيلينڊر، هڪ ڏينهن کي پهرن کانسواءِ گهڙين ۾ به ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڏينهن ۾ چوهٺ گهڙيون ٿينديون آهن. هڪ گهڙي ساڍي ٻاويهه منٽ تي مشتمل آهي

بڪرمي مھينا (شمسي)

شمار نالو پنجابي گرمکي پنجابي شاھ مکي گريگورين مھينا
1 ويساک ਵੈਸਾਖ ويساکھی وچ اپريل – وچ مئي
2 جيٺ ਜੇਠ جیٹھ وچ مئي – وچ جون
3 ھاڙھ ਹਾੜ ھاڑھ وچ جون – وچ جولاءِ
4 ساوڻ ਸਾਵਣ ساون وچ جولاءِ – وچ آگسٽ
5 بڊو ਭਾਦੋਂ بادوں وچ آگسٽ – وچ سيپٽمبر
6 اسو ਅੱਸੂ اسوج وچ سيپٽمبر – وچ آڪٽوبر
7 ڪاتڪ ਕੱਤਕ کاتک وچ آڪٽوبر – وچ نومبر
8 مگھر ਮੱਘਰ مگھڑ وچ نومبر – وچ ڊسمبر
9 پوھ ਪੋਹ پوه وچ ڊسمبر – وچ جنورر
10 ماگھ ਮਾਘ ماگھ وچ جنوري – وچ فيبروري
11 ڦڳڻ ਫੱਗਣ پھگن وچ فيبروري – وچ مارچ
12 چيٽ ਚੇਤ چیت وچ مارچ – وچ اپريل

بڪرمي مھينا (قمري)

مھينو
1 چيٽ مارچ ۽ اپريل جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
2 ويساک اپريل ۽ مئي جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
3 جيٺ مئي ۽ جون جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
4 ھاڙھ جون ۽ جولاءِ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
5 ساوڻ جولاءِ ۽ آگسٽ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
6 بڊو آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
7 اسو سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
8 ڪتي يا ڪتڪ آڪٽوبر ۽ نومبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
9 مگھر نومبر ۽ ڊسمبر جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
10 پوھ ڊسمبر ۽ جنوري جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
11 مانگھ جنوري ۽ فيبروري جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو
12 ڦڳڻ
فيبروري ۽ مارچ جي وچ ۾ اچڻ وارو مھينو

بڪرمي ڪلينڊر(جنتري) ۾ ھڪ ڏينھن جا اٺ پھر ٿيندا آھن، ھڪ پھر جديد گھڙي جي مطابق ٽن ڪلاڪن جو ھوندو آھي.

انھن پھرن جا نالا ھي آھن:

ڌمي ويل: صبح 6 بجي کان 9 بجي تائين جو وقت

ٻيپھري ويل : صبح جي 9 بجي کان ٻيپھري 12 بجي تائين جو وقت

پيشي ويل : ٻيپھري جي 12 بجي ڏينھن 3 بجي تائين جو وقت

ٻي/ديگر ويل: ٽيپھري 3 بجي کان شام 6 بجي تائين جو وقت

نماشا ںويل: رات جا پھريَان لمحا، شام 6 بجي کان وٺي ڪري رات 9 بجي تائين جو وقت

ڪفتان ويل: رات 9 بجي کان رات 12 بجي تائين جو وقت

اڌ رات ويل: رات 12 بجي کان سحر جي 3 بجي تائين جو وقت

اسر ويل: صبح جي 3 بجي کان صبح 6 بجي تائين جو وقت

لفظ " ويل/ويلا " وقت جي معنن ۾ ننڍي کنڊ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڳالھايو وڃي ٿو

پڻ ڏسو

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

لنواري شريفعلڻ فقيرانتظامياميان نور محمد ڪلھوڙوگانڌيممبئيموهن جو دڙووقتجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)ڀڳوت گيتامحرممحمد بن قاسملقبسماجقرآنحيدرآباد رياستبري نظرترڪمانستان29 نومبرزان فرانسوا جاريج2024عڪلهوڙا شاهي گهراڻوAجاپان1934عترڪيبآڪاش منڊلابابيلبنگالسومرشيعہپرمانند ميوا رامويساکُصحتهٿھندوسيد گاجي شاههاعرابوڪي لغتڪِرگزِستانُآبادان شهرستان26 سيپٽمبرسمن جو راڄ1986ع1999عمسلمانتسميهڪل قومي پيداواراولھ ايشياائٽم بمشارڪنيو ميڪسيڪوڪاڇوڪمپني🡆 More