ايشوري جوتواڻي: سنڌي ٻولي جي مشهور هندستاني ليکڪا

ايشوري جوتواڻي (انگريزي:Ishwari Jotwani) برطانوي هندستان ۾ سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ناول نگار، سفرناما نگار ۽ تعليمدان هئي.

سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

ايشوري جو پورو نالو ايشوري ٽوپڻداس جوتواڻي هو. هن 11 نومبر 1930ع تي دادو ضلعو جي قديم شهر سيوهڻ ۾ جنم ورتو. هن پنهنجو ننڍپڻ سيوهڻ شريف ۾ گهاريو. ورهاڱي کان پوءِ والدين سان گڏ هندستان جي شهر پوني ۾ رهائش پذير ٿي.

تعليم

ايشوري شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي شهر سيوهڻ مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم هندستان جي شهر پونا ۾ حاصل ڪيائين. بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون به پونا ڪاليج مان حاصل ڪيائين.

ادبي ۽ علمي خدمتون

ايشوري شروع ۾ سياست ۾  حصو ورتو. هن انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ، ڪئٽ انڊيا (Quit India) ۾ ننڍي عمر ۾ حصو ورتو ۽ 1942ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد به رهي. ورهاڱي کان پوءِ هُن هند جي پُوني شهر ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کانپوءِ اُتي  سينٽ ميران هاءِ اسڪول ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس پوني ۾ سنڌيءَ جي استاد طور ذميواريون نڀايون. هوءَ پوني يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جي بورڊ آف اسٽيڊيز جي چيئرپرسن، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيءَ جي ميمبر ۽ سنڌي ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ جي ميمبر به رهي آهي. واڊيا ڪاليج ۽ سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس جي هاسٽل سپريڊنٽ به رهي. سنڌي ساهتيه سڀا‘ پوني جي صدر پڻ رهي.  ايشوري پونا ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ پروفيسر طور ترقي ماڻي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن ڪهاڻيون، ناول، مضمون ۽ سفرناما لکيا.

ڪتاب

  • محبت جو تياڳ, (ناول) 1951ع
  • الفت جي آڳ, (ناول) 1953ع
  • ڪامل جون ڪهاڻيون, (ڪهاڻيون)  1993ع

امنگن جا آبشار (مضمون ۽ سفرنامو) 1993ع

  • ڇتر پتي شوا جي (جيوني/ڪٿا) : 1996ع
  • آکاڻيون پورب ديس جون
  • امر چتر ڪٿا
  • ڪوتڪ گلدستو
  • ڪرامتي ڪوتڪ

اوارڊ

پروفيسر ايشوري کي  سنڌي ادب ۾ بهترين خدمتن تي نئشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج (NCPSL) پاران 2000ع ۾ قومي اوارڊ مليو.

ديهانت

پروفيسر ايشوري 6 فيبروري 2013ع ۾ پوڻا هندستان ۾ ديهانت ڪري وئي.

حوالا

Tags:

ايشوري جوتواڻي زندگي جو احوالايشوري جوتواڻي تعليمايشوري جوتواڻي ادبي ۽ علمي خدمتونايشوري جوتواڻي ڪتابايشوري جوتواڻي اوارڊايشوري جوتواڻي ديهانتايشوري جوتواڻي حوالاايشوري جوتواڻيانگريزيبرطانوي هندستانسنڌسنڌي ٻولي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

خانجمشيد نسروانجي مهتاٽيھ اکريونآسٽروناميڪل يونٽ11 آڪٽوبرآذربائيجانآڪسيجنڇنڪينجھر ڍنڍ1169ععددي عڪسصنفتجنيس تاممحمد علي جناحمفروضوصحافيحسام الدين راشديآرڪٽڪ سمنڊاتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيمتنتون1969عوڪي ڊيٽابشير احمد شادگيتموسماياز قادريچينپهاڪوعيسيٰمٽياري ضلعوهيرا منڊيصوفي رکيل شاه1937عآل عمران (سورة)چيڪوسلوواڪياميڊيڪل اميجنگولیم شیڪسپیئرڏھاڪو1835ععرباردوسنڌ جي تاريخپنجابي جا لھجافيس بڪعلم ڪيميامختيار ملڪھرات صوبواسپيشل رليٽوٽي جو نظريوانفارميشن ٽيڪنالوجي28 آڪٽوبرڪراچي جو چڙيا گهرعشقسيما عباسيبارودگوگلچنائي2015عمومل جي ماڙينارنگي (رنگ)نيپالخاصخيلينيڪشھرڪئلينڊر🡆 More