يو سي 48 ڏيرا (انگريزي: U C 48 Dera) سنڌ جي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا نصيرآباد تعلقي ۾ واقع آهي.
ان کي تعلقي نصيرآباد جي يو سي 2 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 13,389 آهي . ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڏيرا ھڪ وڏو ڳوٺ ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. نصيرآباد کان لاڙڪاڻي ٻہ رستا وڃن ٿا ھڪ انڊس ھاء وي جيڪو وڱڻ کان گذري ٿو ۽ ٻيو اين-255 جيڪو سڌو لاڙڪاڻي وڃي ٿو. ھي يو سي ان اين-255 تي واقع آھي جيڪا ڏيرا ڳوٺ وچ مان گذري ٿو. ھنن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ ڏيرا، ڪلھوڙا، ٻٻر، لاھبڙ، سولنگي، جلباڻي، نچراڻي، جت، نوناري ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ڏيرا، ڳوٺ بوٺ ڏيرا، ڳوٺ وسايو ڪلھوڙو، باغ لاھبڙ، ڳوٺ گنھور لاھبڙ، ڳوٺ دوست محمد جلباڻي، ڳوٺ وڌو ڪلھوڙو، ڳوٺ نچراڻي، ڳوٺ حاجي نوناري شامل آهن. ڳوٺ ڏيرا جي ڀر واري ڳوٺ ۾ جانڻ چن جي مريد صوفي فقير سوچ علي جو مقبرو آھي.
ڏيرا يو سي 48 ڏيرا | |
---|---|
يونين ڪاؤنسل | |
نصيرآباد تعلقي جي يو سي 2 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°24′49″N 67°58′25″E / 27.41361°N 67.97361°E 67°58′25″E / 27.41361°N 67.97361°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شھدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | نصيرآباد تعلقو |
ٿاڻو | ڏيرا ٿاڻو |
آبادي (2017) | |
• ڪل | 17,389 |
يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين محمد علي ٻٻر ۽ وائيس چيئرمين شاھد حسين ڪلھوڙو چونڊجي آيا جيڪي پيپلزپارٽي جا اميدوار ھيا. ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ باغ لاھبڙ جو حسين بخش لاھبڙ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جنھن جو تعلق پيپلزپارٽي سان ھيو.
ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري ۽ مڊل تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.
ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ڏيرا (يو سي), which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.