ٿائيپوسام

] ٿائيپوسام (انگريزي ٻولي: Thaipusam) هندن جو ڌرمي ڏڻ آهي.

ٿائيپوسام (Tamil: தைப்பூசம்) گناهه بخشائڻ ۽ سکائون پوريون ڪرڻ واري ڏڻ طور مشهور آهي. هي ڏڻ گهڻو ڪري تامل ڪميونٽي جنوري يا فيبروريءَ جي مهيني ۾ چنڊ جي چوڏهين تاريخ تي ملهائيندي آهي. هن ڏڻ تي تامل (ڏکڻ هندوستاني) انگوڇا ٻڌي مٿي تي مختلف ديوتائن جون مورتيون يا ٻيو سامان ننڍڙين ڏولين ۾ مٿي تي رکي هلندا آهن، جن کي ڪاواٽي (Kavadi) سڏجي ٿو. ان ڪاواٽيءَ کي تارِن سان ٻڌي انهن جا پوڇڙ سنوان سڌا، يا وري ڪنڍن يا سوئن ذريعي ڪاواٽي کڻندڙ جي جسم ۾ ٽنبيا ويندا آهن. اهي سوئا ۽ ڪنڍا جسم ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ٽنبيل هوندا آهن، خاص ڪري ڇاتي ۽ پٺ ۾. ڪي ڪي ڪاواٽي کڻندڙ ماڻهو ته اهي سوئا ڳلن، چپن ۽ ويندي ڄڀ مان به آرپار لنگهائي هلندا آهن. ٿائيپوسام، سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ ڏياري ۽ هوليءَ وانگر وڏي پيماني تي تامل ملهائين ٿا، خاص ڪري ٿائيپوسام جو جلوس ٿيڻ ڪري سڀ ڏسن ٿا. اهي ماڻهو مٿي تي ڪاواٽيون رکي هلندا آهن جن ۾ چڱو بار هوندو آهي. تائيپوسام جو ڏڻ انڊيا، شري لنڪا، ملائيشيا، سنگاپور کان سواءِ جن به ملڪن ۾ تامل آبادي وڏي انگ ۾ رهي ٿي ملهايو ويندو آهن، اهو ئي سبب آهي جو تائيپوسام ڏڻ انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، ميانمار ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ پڻ ملهايو ويندو آهي.

ٿائيپوسام
தைப்பூசம்
ٿائيپوسام
ٿائيپوسام جي دوران موروگن.
عرفيت தமிழர் திருவிழா
ملهائڻ وارا تال ۽ مليالي ماڻهو خاص ڪري سريلنڪا جا تامل، ملائيشيا جا هندوستاني، هندوستان سنگاپوري
قسم مهذبي
تاريخ تامل ڪليندر جي مطابق.

گيلري

حوالا

Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1897ع1856عمولانا اشرف علي ٿانويبگھڙبين الاقوامي پيمائش سلسليوار ڳڻپکيرٿر جبلن جو سلسلوادريس عليہ السلاممڪتوباتعالمي معياري ڪتاب نمبرايمانمير سردار چنڙماهتاب محبوببريڊ پٽ1928عايڪو سسٽمآئرلينڊڪئلينڊراُرڙيٽالپرچٽساليڊيڪارٽلويفاستاد بخاريخواجا غلام فريدذاتين جي انسائيڪلوپيڊيا1180ع1903عحسن درسابوالاعليٰ مودودي1410عفھرست سنڌ جون ذاتيونالجامع القِبْلينغاروايميزون (ڪمپني)بادشاھ بيگم (اول)گونگي بسنتپشتڪوه شمیلملايالمجنيد بغداديامام اوزاعي سنڌيماءٌمولانا ظھير الدين بکريسچل سرمستسي پيڪاو سي ايل سيعالمي گرميءَ ۾ واڌ1968عڪمپيوٽر سائنسامام بخاريعالمگيريتڪراچي وسطي ضلعوسنڌ يونائيٽڊ پارٽيروزنامچوسنڌي ڪيلينڊرسنڌي ادبراڄڌاني شھرگنو عام عوامي اجازت نامو2009عبالغن جي تعليميوم پاڪستان🡆 More