مسجد امير خاني ٺٽو

سجد اميرخاني: ٺٽي جي جامع شاهجهانيءَ جي اُترينءَ ۽ اولاهينءَ ڪئنڊ تي، مسجد کان ٻه سؤ کن قدم پري، گنبذ سان هڪ ننڍي چؤديواري موجود آهي، اها مسجد اميرخاني آهي، جنهن کي ابوالبقا امير خان جيڪو اميرخانن جو وڏو هو ۽ جنهن ٺٽي تي ٻه دفعا گورنري ڪئي، ٺهرايو.

انهيءَ مسجد جي سلسلي ۾ به اهائي روايت آهي ته مڙهي ڊهرائي مسجد ٺهرائي ويئي. اها مسجد ڀائي خان جي محلي چوڪ ملڪ مان ۽ چوڪ عبدالغنيءَ جي وچ ۾ هئي. ٻارهين صديءَ ۾ مسجد سان متصل ٺٽي جي مشهور شاعر خاندان شيخ محمد مريد قانونگو جو گهر هو. محمد محفوظ ’سرخوش‘ ان جو پٽ هو، ۽ ميان قمرالدين ”عشرت“ سندس ڏوهٽو هو. شيخ محمد مريد 1171ھ ۾ وفات ڪئي، ۽ ان بعد به سندس اولاد انهيءَ گهر ۾ رهندي آئي.

اها مسجد 1039ھ ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1040ھ ۾ جُڙي تيار ٿي. هيٺينءَ طرح انهيءَ مسجد تي ڪتبا لڳل آهن:

ڏاکڻي ديوار تي اندران:

    همين کردم طلب سالِ بنايش
    خرد گفتـﮧ کـﮧ ”بيت الله باني“ 1039ھ

مسجد جي ڪوٺيءَ اندر داخل ٿيڻ لاءِ اوڀر کان هڪ دروازو آهي، انهيءَ دروازي جي اتر ۾ ٻاهران هي ڪتبو آهي:

    اين مسجد بهشت نشان را بنا نهاد
    مهِرَ سپهر دولت و اقبال اميرخان
    دروازي جي ڏکڻ کان، ٻاهرئين طرفان:
    چون ختم بود، در همـﮧ اوصاف فيض و لطيف
    سال تمام گشتن او نيز ”ختم“ دان 1040ھ

ظاهر آهي ته جنهن مسجد هڪ سال ٺهڻ ۾ ورتو هوندو، اها فقط اها ڪوٺي ڪانه هوندي، جيڪا اڄ موجود آهي، ضرور مسجد خوبصورت ۽ ڪشادي هوندي. جتان رستو وڃي ٿو، اتي ضرور مسجد جو صحن هوندو.

مقالات الشعرا ۾ ملتفت خان مير عبدالڪريم امير خان، جيڪو امير ابوالبقا جو فرزند هو، ان کي اُن مسجد جو باني لکيو ويو آهي، جا روايت سراسر غلط آهي، البت تحفـﺔ الڪرام ۾ مير قانع صحيح لکيو آهي ته مسجد ابوالبقا اميرخان ٺهرائي. مسجد زبون ٿي چڪي هئي، ٽي_ چار سال ٿيا جو ان جي پي. ڊبليو.ڊي وارن مرمت ڪئي آهي.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ماءٌنوبل امن انعام1918عسر بلاولريلوي آمدورفتعمر مارويعربي سنڌي رسم الخطهلال پاڪستانماليتاڪآئس لينڊروسسورة اخلاصحواصحتاداره ادب نو حيدرآبادفڻسشڪاگوفارين ايڪسچينج مارڪيٽناولپاڪستان جو آئينسر معذوريموريتانياپورٽو نوووالف ليليٰکيرٿر نيشنل پارڪفوججمھوريتجوزيپي ٽورناٽوسارس ڪووي 2ناچوڪي لغت967عثقافتالھه آندو شاھ1542عپاڪستان جو جهنڊوبينظير ڀٽوقزاقستانغلام حسين شاهه بخاريجڻڊسمبربيننمضمونليسوٿوبزم ادبڄام نظام الدين سموجاگرافيڪشنچندبرونڊي26 جُولاءِڀيرو مل مهرچند آڏواڻيمريختمثيلعربي-سنڌي صورتخطيتشڪيلياتڏور (ادب)1990عخوجڪي اسڪرپٽاحداسڪولپاڪستان جا گورنر جنرل🡆 More