عرب اسرائيلي تڪرار

عرب اسرائيلي تڪرار (Arab-Israel Conflict) جي حوالي سان ڪجهه مبصرن جو خيال آهي بہ صيهونيت جي مڃتا ۽ عثماني سلطنت جي ناڪاميءَ کانپوءِ دُنيا جي يهودين جي فلسطين ڏانهن ٿيل لڏپلاڻ سان ئي عربن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڦڏو شروع ٿي ويو هُو، ته ٻين جو خيال آهي تہ اِهو تڪرار، اسرائيل جي وجود ۾ اچڻ سان شروع ٿيو آهي.

1948ع ۾ عرب ملڪن ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پهرين جنگ لڳي، جنهن ۾ عرب ملڪن کي وڏي شڪست آئي ۽ اسرائيل فلسطين سميت ڪيترن ئي علائقن تي قبضو ڪري ڇڏيو. عرب ملڪن، خاص ڪري مصر ۽ اسرائيل وچ ۾ ٻي جنگ سوئيز واھ تي قبضي تان 1956ع ۾، ٽين جنگ 1967ع ۾ (جنهن جي نتيجي ۾ سينائي جي رڻ پٽ، غَاذا جي پٽيءَ ، بيت المُقدس، بيت اللحم ۽ هيبرون وغيره جي عرب علائقن تي اسرائيل جو قبضو ٿي ويو) ۽ چوٿين جنگ 1973ع ۾ لڳي. جڏهن تہ 1982ع ۾ آزادي پسند فلسطيني گوريلن خلاف آپريشن ڪندي اسرائيلي فوجن جي طرفان بيروت تي ڪيل ڪاھ کي بہ ڪُجھ مبصر مڪمل جنگ طور ڳڻين ٿا. اولاھن ملڪن ۽ آمريڪي مدد هجڻ ڪري، لڳ ڀڳ سڀني جنگين ۾، اسرائيل کي سوڀ حاصل ٿي، جنهن عربن کي ڏاڍو دلگير ڪيو ۽ سندن فوجي اهليت بابت غيريقيني پيدا ڪئي. اڄڪلھ بہ اهو جهڳڙو هلندڙ آهي، پر هاڻي انهيءَ تڪرار ۾ فلسطيني پاڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن تہ ٻين عرب ملڪن جي دلچسپي گهٽجي ويئي آهي.

حوالا

Tags:

اسرائيلبيت المقدسسلطنت عثمانيہفلسطين

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

فاطمه زهراآبھواانسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪاابابيلگانڌياحمد خان نظاماڻيڪارا ھيروپکيڪِرگزِستانُسنڌ جي هاڪڙا وادي1976ع1958عڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائراڱارواتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيمجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)2006عکيرٿر جبلادرڪبوٽسواناازبڪستانلائوسقنڌارنيلم ضلعومذهب1931عآسمانتهرانشماريات30 آڪٽوبر1957عشاھ عبداللطيف ڀٽائيگوگل ترجموائٽم بمنيو ميڪسيڪواشوني ڀاويپروليچينڇوهه ڇنڊڻ14 سيپٽمبرميرپور ضلعوحرف جملونوبل انعام حاصل ڪندڙن جي فهرستصوفچادرمرتضيٰ ڀٽولغت نويسينيو يارڪ سٽي1505عجي ايم سيدهٽلرکيرائين واٽ ڪهڪشانبني اسرائيلمائڪرونيشيا جون فيڊريٽيڊ اسٽيٽسٻاراڻو ادب7 آگسٽتجنيس حرفياڪائونٽنگوڪي لغتموبائل فون🡆 More