عالي جان واھ

عالي جان واه، اهو واهه ٺٽي جي شهر منجهان يا شهر سان متصل وهندو هو.

انهيءَ ئي واهه کي غالبا خانواهه به سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته معصوميءَ ۽ طاهريءَ ۾ ان جو نالو خانواهه آيو آهي. انهيءَ واهه جي سلسلي ۾ روايت آهي ته اُهو ڄام نظام الدين جي وزيراعظم ۽ سپهه سالار درياه خان شهيد کوٽايو هو، تاڪه انهيءَ جي ذريعي شهر جي آسپاس خواهه ساڪري جون زمينون آباد ٿين.

انهيءَ واهه وٽ، شاهه بيگ سان درياه خان دولهه جو آخري مقابلو ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سموري لشڪر درياه خان سميت شهيد ٿي ملڪ مٿان سر ڏنو، ۽ شاهه بيگ سنڌ کي انهيءَ جنگ جي ذريعي کٽيو.

مرزا باقيءَ جڏهن خودڪشي ڪئي، ان وقت سندس پٽ مرزا مظفر بدين کان هلي اچي عالي جان واهه جي ڪپ تي لٿو، تاڪه شهر ۾ داخل ٿي پڳ ٻڌي، ليڪن اميرن پائنده بيگ کي پڳ ٻڌائي، مملڪت جو مختار ڪل ان جي پٽ جاني بيگ کي بڻايو. مرزا اهو اطلاع سڻي، عالي جان واهه جي ڪپ تان منزل ڪوچ ڪري بدين موٽي ويو.

شاهه قاسم خان بيگلار جي پٽ ابوالقاسم سلطان، جڏهن مرزا غازيءَ سان بغاوت ڪئي، (1010ھ) ان وقت مرزا ڏي نياپو موڪليائين ته تو ۽ منهنجي وچ ۾ ”بارگاه واهه“ جي حد آهي_ هي پاسو منهنجو ۽ پريون پاسو تنهنجو. جيڪڏهن اها ڳالهه تسليم نه آهي ته پوءِ مان ٺٽي پهچي عالي جان واهه کي اچي سرحد بڻائيندس.

مير قانع جي قول مان معلوم ٿئي ٿو ته اهو اوهه قلعـﮧ حاڪم نشين جي اوڀارين دروازي جي سامهون وهندو هو، ڇاڪاڻ ته اڀرندي دروازي کان نواب احمد يار خان (1116_1119هه) ان تي پُل ٻڌرائي هئي

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ملاويجاپان2015عشڪاگو2017عيُورَپ15 شوالٽويوٽاآخوند شيخ ميان فيضموريشس25 اپريلليسوٿو2007عسماجي اڀياسپورٽو نوووھرات صوبوپنجاب، پاڪستانارتقاڌرتيءَ جو ڏينھن2020ع17 فيبروريٽرانس نسٽريااڇو جبلجيڪب آباد سب ڊويزنجيڪب آبادگھاناشهيد فاضل راهونورمخدوم نوحعمر مارويميووتمثيلسينٽرل آفريڪن ريپبلڪاڪائونٽنگمڊگاسڪرپاڪستاني سينيٽ جون ايندڙ چونڊونزاپوپانکيرٿر جبلن جو سلسلو17 جنوري10 جنوريپاڪستان جو سينيٽشاھ بلوطنبضٻوٽاڪرينا ڪپوررزميه شاعريگڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جو ادارو3 نومبر1875عکيرائين واٽ ڪهڪشانبلاغتسائو ٽوم ۽ پرنسپيمادوسوڊيئمعمر بن محمد دائود پوٽومفروضوسنڌ جو برھمڻ گهراڻوڪاھو جو دڙوڪوالالمپورروزانه ڪوشش972عوچولي بينڪعالمگير ويبيوٽيوب🡆 More