اڪٿ ڪھاڻي ڪبير

هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نويس ريٽا شهاڻيءَ جو سوانحي ناول آهي.

جنهن ۾ هن مشهور ويدانتي شاعر ڪبير جي جيون ڪهاڻي ناول جي انداز ۾ لکي آهي. ريٽا شهاڻيءَ هن ڪتاب ۾ عام ناول واري انداز کان هٽي پنهنجي مخصوص اسلوب ۾ -ڀڳت ڪبير- جي ڪهاڻي بيان ڪئي آهي. هن -ڀڳت ڪبير- جي ڪوِتا کي بنياد بڻائي راويءَ جي روپ ۾ نه رڳو -ڀڳت ڪبير- جي جيون ڪٿا بيان ڪئي آهي، پر -ان- جي دوهن جي اپٽار ۽ اڀياس به فلسفاڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سنڌي ادب ۾ ڪنهن شاعر جي ڪٿا لکڻ جو هي هڪ انوکو ۽ منفرد انداز آهي، جنهن ۾ ليکڪا جي -آتما- شاعريءَ جو روپ وٺي شاعر ۾ واسو ڪري ٿي ۽ پوءِ مسلسل شاعري ئي شاعر جي زندگيءَ، فن ۽ فڪر جو احاطو ڪري ٿي، اهڙي طرح ناول نگار پردي جي پويان هليو وڃي ٿو ۽ اسڪرين جي پڙهندڙ، ڏسندڙ جي صورت ۾ شاعر جي اڪٿ ڪهاڻيءَ کي چرندو پرندو ڏسي ٿو. هن ناول ۾ ڀڳتي مارڳ جي سمجهاڻي سهڻي نموني ڏنل آهي. هن ڪتاب تي سنڌي ٻوليءَ جي نامور دانشور سائين محمد ابراهيم جويي 22 صفحن جو مهاڳ لکي -ڀڳتي تحريڪ- جي -تاريخ- تي نه رڳو روشني وڌي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته -تاريخ- جي وچين دور 700ع کان 1600ع تائين -ڀڳتي تحريڪ- جو زور ٻن شين تي رهيو، هڪ پريم ۽ ٻيو ارپنا (Devotion)، انهن ٻنهي شين کي سڀ کان اعليٰ وجود (Supreme Being) تائين پهچڻ لاءِ ضروري ڄاڻايو ويو. جويي صاحب لکيو آهي ته -ڀڳت ڪبير- جنهن فلسفي جو سفير هو، -ان- جي اسان کي اڄوڪي دور ۾ گهڻي گهرج آهي. هن دورجي ڀڳتي هيءَ آهي ته اسين سماج / سماجن ۾ برابري، انصاف ۽ آزاديءَ تي ٻڌل هڪ نئين سماج جي -تخليق- ڪريون. هن ڪتاب ۾ -آسي زميني-، موهن مدهوش ۽ ليکڪا ريٽا شاهاڻيءَ جا ليک پڻ آهن. هن خوبصورت چار رنگي ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 140 رپيا آهي، جيڪو ڪويتا پبليڪيشن ڊسمبر 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

حوالا

Tags:

ريٽا شهاڻي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

مشاھدوعربي سنڌي رسم الخطصدقواصل وڏو قصو شھزادو ممتاز ۽ دمساز (ڪتاب)ڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائر2017عڪراچيجين جيڪس روسوشعارشاهه عبدالڪريم بلڙينيوسعيدآبادجمهوريا ڪانگوڪيپ ورڊيسافٽ ويئر جوڙيندڙڄام تماچي1691عنَنھنجھرڪيسون جو معيارتشڪيلياتترڪمانستانجابر بن اسعث طائياسلام آبادڄامشورو ضلعوپرڏيهي امدادڪاراڇو جبلميڪسيڪو17 جنوريذوالفقار علي ڀٽومدينوجستارشميدسمخدوم بلاول63عڌرمارغون خاندانوڪيميڊيا ڪامنزڪاماجبوتيڪم (طبعيات)پاڪستان جي شھرن جي فھرستاسٽٽگارٽڪنڊوآخوند شيخ ميان فيضپاڪستان جو سينيٽڪرنگهي وارا جانورروزانه مهراڻشاهه جو رسالوانگلينڊفلمآئيوري ڪوسٽجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)تاجڪستانسر ڪلياڻملائيشياآسيہ ارجينٽو1990عتڪ اين اي 223سوارا ڀاسڪرٽالهيفيس بڪدُنياسيرا ليون🡆 More