وايو منڊل يا ماحول جو توازن يا ايڪالاجي/ ايڪوپاليٽڪس (انگريزي ٻولي: Ecology- Eco-Politics)، انسان ذات ۽ اُن جي آسپاس موجود ساهوارن ۽ ماحول جي وچ ۾ لاڳاپي جي اڀياس کي ”ماحولياتي اڀياس يا علم“ سڏيو وڃي ٿو.
هن علم تحت وڌندڙ ٽيڪنيڪي فني ايجادن ۽ انساني آباديءَ سبب، ماحول تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۽ ٻي جيوت لاءِ وڌندڙ هاڃن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ يا اُپاءَ وٺڻ جو اڀياس ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ماحولياتي سياست ذريعي انسان ۽ ماحول جي هڪٻئي سان لاڳاپي جي عملي سياست ۽ بين الاقوامي لاڳاپن تي پوندڙ اثرن جو اڀياس ڪبو آهي. هي نظريو نئون آهي ۽ 1971ع ۾ مشهور سياسي دانشورن هيرلڊ ۽ مارگريٽ اسپرائوٽ جي علمي ڪاوش، دُنيا جي گولي سان لاڳاپيل سياست بابت (Towards a Politics of the Planet Earth) ذريعي تفصيل سان پڌرو ڪيو ويو. خوراڪ ۽ ٻين وسيلن جي اڻاٺ، ماحولياتي تباهي، ماحولياتي تبديلي، سمنڊن ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال، سامونڊي مٿاڇري، ڀرپاسي ۽ اوسي پاسي جي ماحول ۽ پولار سميت ڪيترائي موضوع هن علم جي دائري ۾ اچن ٿا ۽ انهن جو سياست تي وڏو اثر ٿئي ٿو. اُهي وسيلا جيڪي سڄي دنيا جي ملڪيت (Global Commons) آهن ۽ جن جي تباهيءَ جي ڪري، سڄي دُنيا تي اثر پون ٿا، اِن علم ۾ اُنهن جي اهميت ۽ پولار جي بچاءَ جي تمام گهڻي وڪالت ڪئي وئي آهي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ايڪو پاليٽڪس, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.