انارڪلي

انارڪلي مغل دور جو هڪ تاريخي ڪردار آهي.

انارڪلي
انارڪلي 

معلومات شخصيت

هيءَ هڪ ايراني واپاريءَ جي ڌي هئي، جيڪو پنهنجي ڪٽنب سان گڏ جڏهن ايران مان هندستان پئي آيو ته واٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري کيس ماري وڌو ۽ سندس مال متاع، زال ۽ ڌيءُ نادره بيگم کي پاڻ سان کڻي ويا. ڌاڙيلن معصوم نادره کي ڪابل جي صوبيدار راجا مانسنگهه وٽ وڪڻي ڇڏيو. هن کيس -اڪبر بادشاهه- جي حرم ۾ ڪنيز ڪري ڏنو. جڏهن نادره جوان ٿي ته سندس حسن ۽ جمال ڏسي اڪبر کيس ’انارڪليءَ‘ جو نالو ڏنو. ڪتاب ”تحقيقات چشتيه“ ۾ ڄاڻايل آهي ته: ”-اڪبر بادشاهه- جي انارڪليءَ سان تمام گھڻي محبت هئي، انهيءَ ڪري محل جون ٻيون ڪنيزون هن -تان- سڙنديون هيون ۽ جڏهن اڪبر حيدرآباد دکن جي جنگي مهم تي ويو، تڏهن حاسد ڪنيزن انارڪليءَ کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو.“ جڏهن ته ڪنهيا لال ”-تاريخ- لاهور“ ۾ هن طرح لکيو آهي ته: ”جڏهن اڪبر حيدرآباد دکن ۾ هو، تڏهن انارڪليءَ لاهور ۾ سخت بيماريءَ جي حالت ۾ وفات ڪئي.“ مٿين ٻنهي بيانن جي ابتڙ عام طور ائين مشهور آهي ته -اڪبر بادشاهه- انارڪليءَ کي هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو، پر سندس فرزند شهزادو سليم (جهانگير -بادشاهه-) ۽ انارڪليءَ هڪٻئي سان پيار ڪندا هئا. جڏهن اڪبر کي اها خبر پئي ته هن حڪم ڏنو ته انارڪليءَ کي قيد ڪيو وڃي ۽ انارڪليءَ کي قيد ڪيو ويو. شهزادو سليم انارڪليءَ کي قيد مان آزاد ڪرائي آگري ڏانهن ڀڄي نڪتو، پر شاهي فوج اڪبر جي حڪم تي ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو، سليم کي ڪجهه به نه چيو ويو پر حسين ۽ جميل ڪنيز انارڪليءَ تي مقدمو هلائي، کيس موت جي سزا ڏئي، ڀِت ۾ چڻايو ويو. سندس بيڏوهه موت 1008ھ/1599ع ۾ ٿيو. هي واقعو شهزادي سليم کان ڳجهو رکيو ويو. اڪبر جي مرڻ بعد جڏهن شهزادو سليم، جهانگير جي لقب سان -تخت- نشين ٿيو، تڏهن کيس اصل واقعي کان آگاهي ملي ۽ کيس ڏاڍو ڏُک پهتو ۽ هن -ان- جاءِ تي، -جتي- انارڪليءَ کي ڀت ۾ چڻيو ويو هو، سندس ياد ۾ هڪ مقبرو تعمير ڪرايو، جيڪو ”مقبرءِ انارڪليءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. هي مقبرو -اڪبر بادشاهه- جي وفات کان ڏهه سال پوءِ 1024ھ/1615ع ۾ ٺهي راس ٿيو. مقبري ۾ انارڪليءَ جي قبر جي ڪتبي تي مجنون سليم اڪبر جي نالي سان هي شعر لکيل آهي: تا قيامت شڪر گويم کردگار خويش را آهه گرمن -باز- بينم روي يار خويش را (مجنون سليم اڪبر) ]آئون قيامت تائين پنهنجي پروردگار جو شڪار گذار رهندس، جيڪڏهن هو مون کي منهنجي يار جي صورت جو هڪ دفعو ٻيهر ديدار ڪرائي[.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

24 ڊسمبرآئرين جوليٽ ڪيوريسعودي عرب جي گورنریٽ جي فهرستجارج برنارڊشامارچميسوپوٽيمياهوتچند مولچند گربخشاڻيپيراگوئيانبجاپان ۾ عورت وادمڌيا پرديشجاگرافيائي بيھڪ نظامڪولئي۔پالس ضلعوقيامت جون نشانيونشهيد بينظيرآباد ضلعو2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملوقطعوجاگرافيبکر فقير جمالي27 ڊسمبرسائنسڏکڻ ڪورياذات پاتآسٽريليا جا شاھي سربراھفوجگليليئو گليليئيآخرتايوبي سلطنتاحمديپاڪستاني عام چونڊون، 2002ڏکڻ اوڀر ايشيااپنشدٻوليآبپاشي1045عانگريزي ٻوليراوي18جنوريٽرانزسٽرزراعتعلي محمد راشديآرڪٽڪ سمنڊاخلاققواليچمبڙ تعلقو1406عآبدوزفھرست سنڌ جون ذاتيوناڪترخان گهراڻوبليڪ هولشاستا ڪائونٽي، ڪيليفورنياوحي2008عڪيِري اَنڊَروُڊتاروانٽرنيٽهيٺيون چترال ضلعوسسئي پنهون جو داستانڊائنوسارز🡆 More