نامياري شاعر ۽ نثر نگار ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي.
ادل سومرو | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 15 آگسٽ 1955 (69 سال) |
شھريت | پاڪستان |
عملي زندگي | |
پيشو | شاعر |
ڪم جي ٻولي | انگريزي ٻولي |
آجر | شاهه عبداللطيف يونيورسٽي |
ترميم |
15 آگسٽ 1955ع تي سکر شهر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، جتي هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ اياز چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. ان کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، جن ۾: وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي، ميمبر سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ اياز چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، آغا خان بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي اسلام آباد، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ بيت جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي.
ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ادل سومرو, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.