2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو

{

2020 بغداد انٽرنيشنل هوائي اڏو (ايئرپورٽ) هوائي حملو (ائيراسٽرائيڪ)
Part of the 2019-20 فارسي نار بحران
2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو
3 جنوري 2020، بغداد بين الاقوامي هوائي اڏو جي ويجهو آمريڪي حملو ۾ ڀڳل جهاز جو ٽٽل ڦٽل يا بچل سچل سامان
Type ڊرون حملو
جڳھ
near بغداد بين الاقوامي هوائي اڏو، بغداد گورنريٽ، عراق

33°15′29″N 44°15′22″E / 33.25806°N 44.25611°E / 33.25806; 44.25611 44°15′22″E / 33.25806°N 44.25611°E / 33.25806; 44.25611
پاران رٿيل نگراني هيٺ
Target قاسم سوليماني
تاريخ وقت 3 جنوري 2020 (2020-01-03)
about 1:00 a.m. (مقامي وقت، UTC+3)
پاران پورو ڪيل آمريڪا جون گڏيل رياستون
اپت ڏسو نتيجا
حادثا 10 killed
2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو is located in Iraq
2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو
Location in Iraq

سانچو:Campaignbox 2019–20 Persian Gulf crisisسانچو:Campaignbox Iraqi insurgency (2017–present)


2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو (انگريزي ٻولي: 2020 Baghdad International Airport airstrikeقاسم سوليماني جي موت، قاسم سليماني جي موت 3 جنوري 2020 تي، آمريڪا ۽ ايران جي وچ۾ وَڌندڙ تڪرار دوران، آمريڪا بغداد بين الاقوامي هوائي اڏو ويجهو سفر ڪندڙ قافلي تي ڊرون حملو ڪيو، جنهن ۾ اسلامي انقلابي گارڊ ڪور (IRGC) ۽ قدس فورس (جنهن کي آمريڪا، ڪينيڊا، سعودي عرب ۽ بحرين هڪ دهشت گرد تنظيم نامزد ڪيو آهي) جي ڪمانڊر ايراني ميجر جنرل قاسم سليماني مارجي ويو. ان حملي ۾ عراق جي پاپولر موبلائزيشن فورسز (پي ايم ايف) جو نائب چيئرمين، نامزد دهشت گرد، ابو مهدي المهنديس سميت 9 ٻِيا مُسافر پڻ مارجي وِيا.

هي حملو 2019–20 ۾ فارس نار (خليج فارس) جي بُحران دوران واقع ٿيو هيو، جيڪو 2018 ۾ ايران سان يو ايس جو 2015 جو جوهري ٺاهه (معاهدي) تان دستبرداري کانپوءِ شروع ٿيو هيو، پابنديون ٻيهر لڳايون ويون، ۽ الزام هيٺ آيل ايراني عنصرن تي علائقي ۾ آمريڪي فوجُن کي هراسان ڪرڻ جي مُهم هَلائڻ جو الزام لڳايو ويو هيو. 27 ڊسمبر 2019 تي، عراق ۾ ڪي-1 ايئر بيس، جنهن ۾ عراقي ۽ آمريڪي اهلڪار شامل هيا، تِن تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ آمريڪي ٺيڪيدار مارجي ويو هيو.آمريڪا ان جي جواب ۾ عراق ۽ شام ۾ هوائي (فضائي) حملا (ايئر اسٽرائيڪ) شروع ڪيا، جِن ۾ 25 ايران جا حمايتي ڪاتب حزب اللہ عسڪريت پسند مارجي ويا. ڪُجھ ڏينهَن کانپوءِ، شيعا مليشيا فوج جي اهلڪارن ۽ انهن جي حامين گرين زون ۾ آمريڪي سفارت خانو تي حملو ڪري جوابي ڪارروائي ڪئي.امريڪا زور ڀري چيو تہ ان هوائي حملي کي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ "ويجهو حملو" کي روڪڻ جي لاءِ منظور ڪيو هُيو ۽ گڏيل آمريڪي رياستن جي دفاع کاتو هڪ بيان جاري ڪيو هيو تہ آمريڪي سفارت ڪارن ۽ فوجي اهلڪارن تي وَڌيڪ حملن کي روڪڻ لاءِ هي فيصلائتي "دفاعي ڪارروائي" آهي، جڏهن تہ ايران جو موقف هُيو تہ هيءَ "رياستي دهشت گردي" جي ڪارروائي هُئي.عراق چيو تہ ان حملي عراق جي قومي خودمختاري کي ڇيهو رسايو (مجروح ڪيو) آهي، اهو آمريڪا سان پنهنجي معاهدي جي خلاف ورزي ۽ ان جي عهديدارن خلاف جارحيت جو هڪ عمل هيو. 5 جنوري 2020 تي، عراقي پارليامينٽ سمورن غير ملڪي فوجين کي پنهنجي سرزمين تان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هڪ قرارداد منظور ڪئي.

ان حملي جي قانوني حيثيت کي بعد ۾ بين الاقوامي قانون سان گڏوگڏ آمريڪا جي اندروني گهريلو قانونن ۽ عراق سان سندن ٻہ طرفو سيڪيورٽي معاهدن جي سلسلي ۾ پڻ سوالي نشان لڳايو ويو هُيو. سليماني جي مارجي وڃڻ سان آمريڪا ۽ ايران جي وچ۾ ڇڪتاڻ ۾ تيزيءَ سان وَاڌارو ٿيو ۽ فوجي تنازعي جو خدشو پيدا ٿي ويو. ايراني اَڳِوَاڻن بدلو وَٺڻ جو پڪو پهہ (عزم) ڪيو، جڏهن تہ آمريڪي عهديدارن جو چوڻ هُيو تہ هو کين حق آهي تہ هو عراق ۾ ايران جي حمايتي نيم فوجي دستن (پيراملٽري) تي ڪنهن بھ نوعيت جو حملو ڪرڻ جو امڪان بڻائيندا، جنهن ۾ انهن کي خطرو هُئڻ سميت ثقافتي ماڳن جو پڻ احساس هيو. 5 جنوري 2020 تي، ايران 2015 وارو بين الاقوامي جوهري معاهدو تان پنهنجي وعدن (ڪمٽمينٽ) کي ختم ڪيو. بين الاقوامي برادري منجهان ڪيترن ئي ماڻهن ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ بيانَ يا اعلان جاري ڪيا، جِن ۾ صبر ۽ سفارتڪاري تي زور ڏنو ويو.

پس منظر

اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق ۽ ليونٽ (داعش) جي دهشت گرد تنظيم کي هيسائڻ (هراسان ڪرڻ) ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمريڪا جي انتظام هيٺ مشن آپريشن موروثي حل (آپريشن انهيرنٽ ريزولو (اوآءِ آر)) جي هڪ حصي طو، 2014 ۾ عراق جي اندر مداخلت ڪئي هُئي، ۽ عراقي فورسز سان گڏ ڪُلهوڪُلهي ۾ ملائي داعش مخالف اتحاد جي هڪ رِٿا طور تربيت ۽ ڪم ڪري رهي هئي. عراقی گَهرُو جنگ (خانہ جنگي) دوران، بنيادي طور ايران جي حمايتي شيعہ مليشيا هٿياربند— پاپولر موبلائزيشن فورسز جي مدد سان داعش کي 2017 ۾ وڏي پيماني تي شڪست ڏِني وَئي هُئي، جنهن ۾ عراقي وزير اعظم — ۽ آمريڪي حمايتي عراقي هٿياربند فوج کي سال 2016 کان رپورٽ ڏني وئي هُئي.

پينٽاگون جي اڳڪٿي

پينٽاگون جائزو ورتو تہ عراق ۾ آمريڪي فوجي ٺِڪاڻن (اَڏن) تي تهران جي حملن جو رهنما (سرواڻُ) سليماني هُيو، جنهن ۾ 2019 ڪي-1 ايئر بيس تي حملو ۽ آمريڪي شهرين جي مارجڻ، ۽ آمريڪي فضائي گاڏيءَ تي گولي ماري مارڻ شامل هُيو.


قاسم سليماني جي خلاف اڳ واريون ڌمڪيون

اَڳُوڻَنِ آمريڪي صَدرَنِ جارج ڊبليو بش ۽ باراڪ اوباما ٻِنهين سوچ ويچار کانپوءِ قاسم سليماني کي نشانو بڻائڻ جي راءِ قائم ڪئي ۽ پوءِ وري ان راءِ کي ان خدشي سبب نامنظور (مسترد) ڪيو ويو، تہ اهو هڪ وڏي پيماني تي جنگ جي طرف وَڌي ويندو. ريٽائرڊ سينٽرل انٽيليجنس ايجنسي (سي آءِ اي) جو گُماشتو (آفيسر) مارڪ پوليمرپالوس دي نيويارڪ ٽائمز کي ٻُڌايو آهي تہ سليماني، آمريڪا جي هٿان مارجي ويل ٻين مخالفن جي ڀيٽ ۾ (برعڪس)، کُلي عام طور ڪم ڪرڻ ۾ سُڪون (راحت) محسوس ڪندو هُيو ۽ ان کي ڳولهڻ مشڪل نہ هُيو. سليماني گهڻي ريت پنهنجيون تصويرون ڇِڪيندو (ڪڍندو) هُيو ۽ آمريڪي فوجُنِ تي کُليل نموني ٽوڪَ (طنز) ڪندو هُيو.

حملو

An MQ-9 Reaper drone

3 جنوري 2020 جي صبح سويري، سليماني جو جهاز بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جِتي اُن علائقي ۾ آمريڪي هوائي فوج (فضائيا، ايئر فورس) ۽ ٻيا فوجي جهاز ايم ڪيو-9 ريپر ڊرون سميت اڳ ئي لڪيل گهات هڻي ويٺا هيا. آمريڪي حڪومت پاران نامزد دهشت گرد ابو مهدي المهندس سميت سليماني ۽ ايراني حامي نيم فوجي شخصيتون، ٻن گاڏين ۾ داخل ٿيا ۽ ايئر پورٽ تان اندرون شهر بغداد جي طرف روانا ٿِيا. مقامي وقت مطابق صبح 1 بجي (رات جي ٻارنهن وڄڻ کانپوءِ 1 وڄڻ واري مهل) جي لڳ ڀڳ، ايم ڪيو-9 رائپر ڊرون بغداد ايئرپورٽ روڊ تي ويندڙ انهيءَ قافلي (ڪاروان) تي حملو ڪندي انيڪ (ڪيترائي) ميزائل ڇڏيا، جنهن سان ٻنهين ڪارين (گاڏين) کي باهه (آتشزدگي) وَڪوڙي وئي 10 ماڻهو مارجي ويا.

اِنهيءَ واقعي جي اطلاع ملندي ئي، آمريڪا جي بچاءُ کاتو (محڪمو دفاع) هِڪُ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو تہ اهو هوائي حملو (ايئر سٽرائيڪ) "صدر جي هدایت" تي ڪيو ويو ۽ ان جو مقصد مستقبل جي حملن کي روڪڻ هُيو. ٽرمپ مؤقف اختيار ڪيو تہ سليماني امريڪي سفارت ڪارن (سفيرن) ۽ فوجي اهلڪارن تي وَڌيڪ حملن جي رِٿابندي(منصوبا بندي) ڪري رهيو هُيو ۽ اُنَ پاران بغداد ۾ آمريڪي سفارت خانو تي حملي جي منظوري ڏئي ڇڏي هُئي.

ايران جي جوابي ڪاروائي

القدس فورس اڳواڻ جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کانپوءِ جوابي ڪاروائي ڪندي ايران  پاران عراق ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوج جي فوجي اڏن تي  ميزائل حملا ڪيا.

پڻ ڏسو

  • عراق ۾ 2020
  • سياست ۽ حڪومت ۾ 2020
  • باريشہ raid
  • ايران–سعودي عرب پراڪسي تڪرار
  • نشانو بڻائي قتل
  • گڏيل آمريڪي رياستن جي فوجي ڪاروائين جي ٽائم لائن

حوالا

سانچو:Iran–United States relations سانچو:Trump presidency



Tags:

2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو پس منظر2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو حملو2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو ايران جي جوابي ڪاروائي2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو پڻ ڏسو2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو حوالا2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

گيبونڌرتيشاھ عبداللطيف ڀٽائي جو عرسشير سنگھجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)ناولاخبارڪرشن1676عڀڳونتي ناواڻيبئبليڪ اسڪولانگريزي وڪيپيڊياآمريڪا جون گڏيل رياستونڄار1755عبرفتسکمارئي2 سيپٽمبرڪارونجھر جبل جو سلسلوآگرواڙيائي لپي1679عانسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجيٻه قومي نظريو (پاڪستان)انگريزي ٻولينبوتپاڪستان جو آئينمذهبسوڍل فقير1838عسنڌي ماڻھن جي فهرستنورالهديٰ شاههجي ايم سيدقمبر شهدادڪوٽ ضلعوروشني23 آڪٽوبراسحاقواڻڪي لپيقومي شاعريلسانياتاصل وڏو قصو گل بڪاولي ۽ تاج الملوڪ جو باتصاوير (ڪتاب)ٻوليانگلينڊقاسم سليمانيپروسٽيٽ ڪينسرهجري ڪئلينڊر1792عگڏيل بادشاھتسائنسڳاههمحمدالجزائرججمارشل آئلينڊزفارسي ٻولياسڪاٽ لينڊ جي بادشاهتعائشہڌرتي جي چرپرجينت ريلواڻي🡆 More