هري دلگير

هري دلگير (انگريزي ٻولي:Hari Dilgeer) سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر ۾ 15 جون 1916ع ۾ گرڏني مل جي گهر ۾ جنم ورتو.

سوانح

هريءَ دلگير جو والد پڙهيل لکيل ۽ سرڪاري کاتي ۾ مئجسٽريٽ هو. هريءَ جو گهراڻو پڙهيل لکيل هو. سندس پيءُ گرڏنو مل پڻ سنڌي ۽ سرائيڪي صوفياڻي شاعري ڪرڻ سان گڏ روزاني اخبارن ۾ انگريزيءَ ۾ ليک پڻ لکندو هو، تنهن ڪري گهر ۾ ادبي ڪتابن جو هئڻ لازمي هوندو هو، جيڪو هري واندڪائيءَ جي وقت ۾ پيو پڙهندو هو. انهيءَ سان گڏ هري جي والد کي راڳ ويراڳ سان به چاهه هوندو هو، جنهن جي ڪري سندس گهر ۾ به صوفياڻي راڳ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون، جن ۾ روحل فقير، بيدل ۽ بيڪس جو ڪلام ڳايو ويندو هو، جيڪي هو ڌيان ۽ گيان سان ٻڌندو هو.

هريءَ شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي ۾ ئي حاصل ڪئي. اڳتي هلي بمبئي يونيوسٽيءَ مان ڊبل گريجوئيٽ، بي ايس سي ۽ بي اي سول ڪيائين. 1942ع ۾ سرڪاري نوڪري ۾ گهڙيو ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ٿي 1958ع ۾ نوڪري ڇڏيائين. هري دلگير 1958ع ۾ مختلف سببن جي ڪري، سنڌ مان لڏي هندستان هليو ويو، جتي هو ٻين سرگرمين سان گڏ راجنيتي معاملن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو. 1968ع ۾ ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي گانڌيدام (Gandhidham) ميونسپالٽي جو پريزيڊنٽ چونڊيو، پر راجنيتي معاملن مان بيزار ٿي ميمبري جي مدي پوري ٿيڻ کان ٽي سال اڳ ميونسپالٽي مان استعيفا ڏئي ڇڏي. سندس لاڳاپو ”ساهيتيه اڪاڊمي“ ۽ هند سرڪار جي سنڌي صلاحڪار بورڊس، نيشنل بوڪ ٽرسٽ، گجرات ساهيتيا اڪاڊمي، بمبئي ۽ گجرات جي سنڌي يونيورسٽين جي سنڌي بورڊس سان پڻ رهيو.

هري دلگير جو ادبي ڪم

اٺين ڪلاس (ان وقت چوٿون) ۾ پڙهڻ دوران هري دلگير کي ڪشچند بيوس (Kishinchand Bewas) جو ڪلام پڙهڻ جي لاءِ مليو، جيڪو ڪورس طور پڙهايو ويندو هو. ڪشچند جي ڪلام هريءَ جي دل تي گهرو اثر ڪيو. سندس من ۾ شاعر ته اڳ ۾ ئي لڪل هو ۽ بيوس جي ڪلام انهي شاعر کي اچي جاڳايو ۽ هري شاعري ڪرڻ لڳو. هن پنهنجيون شروعاتي ٻه چار ڪوتائون روهڙي ۾ لکيون، ڪنهن پاڙيسرياڻي ڇوڪريءَ تي، ٻي سنڌونديءَ تي، جا هرروز سامهون وهندي ڏسندو هوس. ٽين ڪوتا سردار ڀڳت سنگهه جي ڦاسي تي (انهن ئي ڏينهن کيس ڦاسي تي چاڙهيو ويو هو) تي لکيون پر کيس پنهنجين ئي ڪوتائن مان ڪو خاص مزو نه آيو.

هري جي شاعريءَ جي صحيح معنا ۾ شروعات لاڙڪاڻي ۾ ٿي، لاڙڪاڻو ان وقت نه رڳو سياسي تحريڪن جي حوالي سان مشهور هو، پر اتي مشاعرا به ڏاڍا ٿيندا هئا، جن ۾ شاعر نه رڳو پنهنجو ڪلام اچي ٻڌائيندا هئا، پر ڪجهه ته پوسٽ جي ذريعي پنهنجي شاعري ڏياري موڪليندا هئا، جيڪا انهن مشاعرن ۾ پڙهي ويندي هئي. لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران هري جي دوستي ’هوند راج دکايل‘ سان ٿي، جيڪو قومي تحريڪ جوسرگرم اڳواڻ ۽ جوشيلو شاعر پڻ هوندو هو، تنهن کان سواءِ هريءَ جي جڏهن بيوس سان ملاقات ٿي ته هو انهيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويو. انهي وقت هري دلگير جي ٻين اهم همعصرن ۾ پرڀو وفا (Pirabhoo Wafa)، رام پنجواڻي (Ram Punjwanni)، گوبند ڀاٽيا (Goband Bhattiya) وغيره هئا. جيڪي پڻ ڪشنچند بيوس کي پنهنجو شعري ۾ استاد ڪري مڃيندا هئا. 1930ع ۾ هري دلگير جو هڪ شعر لاڙڪاڻي جي ڪنهن هفتيوار اخبار ۾ ڇپيو، جيڪو نواز علي ”نياز“ جي نظرن مان گذريو، جنهن هري جي دل کولي همت افزائي ڪئي ۽ هري کائنس شعري فن جي سکيا ورتي. جنهن جو ذڪر ڪندي هري دلگير لکي ٿو ”استاد نواز علي نياز کان مون شعري فن سکيو ۽ بيوس (ڪشچند) کان ڪويتا جي پرک پرايم“.

انهي وقت لاڙڪاڻي ۾ جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا، سي گهڻو ڪري طرحي هوندا هئا. ’طرح‘ گهڻو ڪري اردو مان ترجمو ڪري ڏني ويندي هئي. جنهن تي شاعر پنهنجو شعر جوڙيندا هئا. اهڙي ئي هڪ مشاعري ۾ (1930ع) هري دلگير پنهنجو شعر پڙهيو. ان وقت سندس عمر چوڏهن سال هئي. انهي شعر تي کين خواب داد مليو ۽ اڳتي هلي کيس مشاعرن ۾ سٺو مان ملڻ لڳو. گڏوگڏ سندس شعرَ سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ پڻ ڇپجندا هئا، جن ۾ ماهوار ”سنڌو“ پڻ شامل هئي، جيڪا انهي وقت مشهور رسالو هوندي هئي ۽ انهيءَ ۾ ڇپجڻ هر ليکڪ جي خواهش هوندي هئي.

1940ع ۾ ”سنڌو“ رسالي جي ايڊيٽر بولچند واسو مل راجپال، هري دلگير کي رسالي جي شاعري واري ڀاڱي جو انچارج مقرر ڪيو، جيڪا ذميداري هن اڍائي سال سنڀالي. 1941ع ۾ امر لعل هڱوراڻي سان گڏجي ساقي رسالو ڪڍيائين. اهو رسالو ڪرائون سائيز جي ويهن صفحن تي جيترو هوندو هو ۽ قيمت هڪ آنو هوندي هئي. ان رسالي جون ڇهه هزار ڪاپيون نڪرنديون هيون. سنڌي ٻولي جي امر ڪهاڻي ادو عبدارحمٰن (ليکڪ امر لعل هڱوراڻي) پهرين ”ساقي“ رسالي ۾ ڇپي هئي. هري دلگير 1947ع تائين ٻارن جي رسالي ”گلستان“ جي شاعري جي حصي جو پڻ ايڊيٽر رهيو، جيڪو شيوڪ ڀوڄراج ڪڍندو هو. 1939ع ۾ هري دلگير جي ملاقات فتح چند واسواڻي (Fatah Chand Waaswanni) سان ٿي، جيڪو حيدرآباد مان سنڌي ساهيتيا رسالو ڪڍندو هو. اهو سنڌي جو پهريون رسالو هو، جنهن ۾ ٻين ٻولين جون ڪهاڻيون ترجمو ڪري ڏنيون وينديون هيون. فتح چند واسواڻي ئي هري دلگير جو پهريون شعري مجموعو ڪوڏ 1941ع ۾ ڇپايو. ان ئي سال هري جو ٻيو ڪتاب هرشچندر جيون ڪوتا ڇپيو. انهن ٻنهي ڪتابن تي هري دلگير کي سنڌي ادبي بورڊ جا انعام مليا. هري دلگير شاعري جي شروعات ۾ ڪشچند بيوس کان گهڻو متاثر هوندو هو ۽ پنهنجي پهرين ڪتاب ”هرشچندر جيون ڪوتا“ جو مهاڳ به کائنس لکرايائين. جنهن ۾ هو لکي ٿو: ”منهنجي ڪوي سنگ جي ساٿين مان دلگير به هڪ آهي. ڪوتا جي ميدان ۾ هو پنهنجي حقي نوجوان وهيءَ کان مون کي ويهارو سال رسيلي ”پنڊي پڪو ميوو“ آهي جتان چک اتان رسيل.“

دلگير آسا وادي شاعر

هري دلگير هڪ آشا وادي شاعر هئو ۽ اميد ئي هن جو اصول ۽ سپنو رهيو. ”مان آشا وادي جو جهنڊو کڻي گهمندڙ شاعرن مان آهيان، آشا منهنجو احوال آدرش ۽ سپنو آهي.“

سحر امداد جي دلگير جي شاعري بابت رائي

دلگير جي شاعري بابت رائي ڏيندي سحر امداد لکي ٿي: ”دلگير هڪ سچو شاعر آهي. هن جي شاعري جو رنگ بنهه نئون نيارو آهي. هن جو نج پنهنجو رنگ آهي، جيڪو ڪنهن کان به اُڌارو ورتل نه آهي. هن جي شاعري جي نواڻ ۽ تازگي پنهنجي پڙهندڙ کي به نواڻ ۽ تازگي عطا ڪري ٿي. هن جي شاعري ۾ موجود من موهيندڙ نغمگي، هن جي شاعري جو نئون ردم، هن جي لفظ لفظ جي جڙ مان ڦٽندڙ ترنم ريزي، هن جي شاعري جو نئون نرالو آڪار-هن جي شاعري ۾ موجود النڪارن جي انفراديت، اهي سڀ شيون ملي هن جي شاعري کي هڪ بنهه نرالو ۽ يڪتا روپ سروب عطا ڪن ٿيون.“

دلگير جا ڇپيل ڪتاب

    شاعري ۾: ”ڪوڏ“ (1941ع) (2)هرشچندر جيون ڪوتا (1941ع) (3)موجي گيت (بيوس سان گڏ-1942ع) (4)ماڪ ڦڙا (نارايڻ شيام سان گڏ-1953ع) (5)موج ڪئي مهراڻ (1944ع) (6)پل پل جو پڙلاءُ (1977ع) (7)امر گيت (گيتا-شعر ۾ 1981ع) (8)مزيدار گيت (ٻارن لاءِ -983ع) (9)رولو آواز (1984ع) (10) گيت گلابي (ٻالڪ گيت-1987ع) (11)جهنگلي گل (نثر نظم-1988ع) (12)پروليون (ٻارن لاءِ-1991ع) (13)جپ صاحب (شعر ۾ ترجمو-1991ع) (14)لهرن لک لباس (1993ع) (15)اڪيلو چنڊ (1998ع) (16)صبح جو سهاڳ (2001ع)
    ٻيا ڪتاب:(1)شعر بيوس (چونڊ شاعري معنى سان-1968ع) (2)ڪهاڻي ڪرم يوگيءَ جي (1975ع) (3)ڪشچند بيوس (1982ع) (4)چولو منهنجو چڪ ۾ (آتم ڪٿا-1987ع) (5)بيوس جي ڪوتا-جائزو (1993ع) (6)بيوس: هڪ گلدستو (ترتيب:1991ع) (7)گند منهنجي گوڏ ۾ (آتم ڪٿا-2003ع).

ديهانت

هري درياني دلگير 12-اپريل 2004ع تي ديهانت ڪئي.

حوالا

Tags:

هري دلگير سوانحهري دلگير جو ادبي ڪمهري دلگير دلگير آسا وادي شاعرهري دلگير سحر امداد جي دلگير جي شاعري بابت رائيهري دلگير دلگير جا ڇپيل ڪتابهري دلگير ديهانتهري دلگير حوالاهري دلگيرانگريزي ٻوليسنڌلاڙڪاڻو

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

آپريشن طوفان الاقصيسامواi5v5pآتش پرستي1296عمصرڪارياورهانگ ڪانگ جي منتقليميرپور خاص ڊويزن1238عملان ڪاتيارپرمانند ميوا رامقاضي قاضنحجهيٺيون چترال ضلعومياميڪتبوٽيڪساسمچيل ڊيل2008عپاڪستانيورپي اتحادانٽرنيشنل آرگنائزيشن فار اسٽينڊرڊائيزيشنولاديمير زلينسڪياخلاقڊونلڊ ٽرمپابوجھلتهراناين اي-22 (مردان-2)ڄامشوروسنڌو ماٿري جي تهذيبآيوبريمنڳوٺ بکر جماليسينالاسڪاپي ڪي-45 (ايبٽ آباد-4)آسٽريليا جا شاھي سربراھسعودي عرب جا صوباعبدالقادر جوڻيجوميڊياوڪياوزون تھنارويرضاڪارترخان گهراڻو2015ع حج ڀڄ ڊڪپانڊاڪووڊ-١٩ ويڪسينڪوالالمپورججدلهنگلاج ماتاپيزلي1938عڪتوپاڪستان جو ٺھراءُ716عڊي اين ايسُڳنڌسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبارغون خاندان708عماهتاب محبوبوحداني رياستاتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيمتاريخي ماديتڏکڻ ڪورياواڱڻپاڪستان جي پارليامينٽ🡆 More