محمد ضیا الحق

محمد ضياء الحق: Muhammad Zia-ul-Haq پاڪستان جو چئن ستارن وارو جنرل جيڪو 12 آگسٽ 1924 ۾ برٽش انديا جي پنجاب صوبي جي شھر جالنڌر، ۾ ڄائو ۽ 17 آگسٽ 1988 ۾ سي 130 جھاز واري حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

Muhammad Zia-ul-Haq
محمد ضیاء الحق
محمد ضیا الحق
محمد ضياء الحق
پاڪستان جو صدر
عهدو سنڀاليو
16 سيپٽمبر 1978 – 17 آگسٽ 1988
پيشرو فضل الاهي چوڌري
جانشين غلام اسحاق خان
ذاتي تفصيل
پيدائش 12 آگسٽ 1924(1924-08-12)
جالنڌر، پنجاب، برٽش انڊيا
وفات 17 آگسٽ 1988 (عمر 64 سال)
بھاولپور
آخري آرامگاهه فيصل مسجد، اسلام آباد
قوميت برٽش انڊين (1924–1947)__پاڪستاني (1947–1988)
جيون ساٿي بيگم شفيق ضياء (1950 کان 1988 تائین
ٻار ٻچا 5 (محمد اعجاز الحق سميت)
مادر علمي سينٽ اسٽيفنس ڪاليج، دھلي
يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي ڪمانڊ اينڊ جنرل اسٽاف ڪاليج
فوجي خدمتون
عرفيت مرد مؤمن
فرمانبرداري محمد ضیا الحق برطانوي راڄ
محمد ضیا الحق پاڪستان
سروس/شاخ محمد ضیا الحق برطانوي هندوستاني فوج
محمد ضیا الحق پاڪ فوج
سال خدمتون 1943–1988
عهدو محمد ضیا الحق جنرل
ڪمانڊر ٻين انڊپينڊنٽ آرمرڊ برگيڊ
فرسٽ آرمرڊ ڊويژن
سيڪنڊ اسٽرائيڪ ڪور
پاڪ فوج جو سربراھ
لڙائيون/جنگيون ٻين مھاڀاري جنگ
پاڪ ڀارت جنگ 1965
بليڪ سيپٽمبر اردن
سويت افغان جنگ
محمد ضیا الحق
صدر رونالڊريگن، وليم پيٽرڪ ڪليرڪ ۽ صدر محمد ضياء الحق 1982 ۾

دھلي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ھن شخصيت برٽش آرمي ۾ داخل ٿي ٻي جنگ عظيم جي برما ۽ برٽش ملايا وارن محاذن ۾ حصو ورتو. 1965 ۾ پاڪ ڀارت جنگ ۾ ٽينڪ ڪمانڊر ھيو.1970 ۾ ملٽري ٽريننگ مشن جي قيادت ۾ اردن روانو ٿيو جتي شاھ حسين جي خلاف بليڪ سيپٽمبر واري بغاوت کي ڪچلڻ ۾ مددگار ٿيو.1976 ۾ کيس ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو. ملڪ ۾ پاڪستان نيشنل الائنس جي سياسي تحريڪ شروع ٿيڻ کان پوءِ 5 جولاءِ 1977 تي ڀٽو حڪومت جي خلاف ڪوديتا يا فوجي بغاوت ڪري حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. ان فوجي آپريشن کي آپريشن فيئر پلي جو نالو ڏنائين.ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جو آئين معطل ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيائين ذوالفقار علي ڀٽو تي سياستدان احمد رضا قصوري جي قتل جي ڪيس جي جاچ ايف آء اي کان ڪرائي چالان ماجسٽريٽ جي بدران سڌو سنئون لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي مقدمو سيشن ڪورٽ جي بجاءِ سڌو سنئون لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلرائي موت جي سزا ڏني وئي جنھن جي اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ھلي جتي سزا بحال رکي ذوالفقار علي ڀٽو کي ٻن سالن جي اندر موت جي سزا ڏئي کيس اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاھي ڏني وئي ۽ لاش فوج جي سرپرستي ۾ ڳڙھي خدابخش ۾ عزيزن جي شرڪت کان سواءِ لاوارثن وانگر دفنايو ويو .ھن جي اقتدار ۾ اچڻ سان ملڪ آمريڪا ۽ سعودي عرب جي تعاون سان افغان ۽ سويت يونين واري جنگ ۾ افغان مجاھدن جي مدد ذريعي اڻ سڌي طرح شامل ٿي ويو ھن ملڪ کي مذھبي انتھا پسندي ڏي ڌڪيو ۽ جھادي نظريي کي فروغ ڏياريو ھن جي حڪومتي پاليسين تحت لکن جي تعداد ۾ افغان جھادي پاڪستان ۾ آيا جن ذريعي پاڪستان اندر ھيروئن ۽ موتمار ھٿيارن جي پاڪستاني معاشري ۾ داخلا شروع ٿي وئي جيڪو سلسلو افغان جھاد سان گڏوگڏ 1989 تائين وڌندو رھيو . ھي يارھن سالن تائين پاڪستان جي اقتدار تي قابض رھيو ۽ ھن جي دور ۾ پريس تي شديد پابنديون رھيون ھن جي دؤر ۾ پاڪستان جو ايٽمي پروگرام جاري رھيو ۽ ملڪ ۾ صنعتڪاري ۾ اضافو ٿيو . ھن جي دؤر ۾ پاڪستان جي جي ڊي پي جو تيزي سان اضافو ٿيو.1985 ۾ ھن مارشلا ختم ڪري ملڪ ۾ غير جماعتي چونڊون ڪرائي نالي ماتر اقتدار نئين وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حوالي ڪيو ۽ پاڻ ملڪ جو ڊي فيڪٽو چيف ايگزيڪيوٽو رھيو ان لاءِ ھن آئين ۾ اٺين ترميم آڻي اھم اختيار پنھنجي قبضي ۾ ورتا 1988 ۾ اوجڙي ڪيمپ جو واقعو ٿيو جنھن بعد وزيراعظم محمد خان جوڻيجو ھن جي مرضيءَ خلاف جنيوا معاھدي تي صحيح ڪئي ۽ اوجڙي ڪيمپ واري واقعي جي جاچ جو اعلان ڪيو جنھن تي ھن محمد خان جوڻيجو جي حڪومت ڊسمس ڪري اسيمبليون ٽوڙي نومبر 1988 ۾ نئين اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو پر 17آگسٽ 1988 تي پنھنجي فوج جي اعلي قيادت ۽ سفارتڪارن سميت جھاز جي حادثي ۾ پراسرار طور تي مارجي ويو.

حوالا

فوجي عهدا
پيشرو
ذوالفقار علي ڀٽو
ڪمانڊنٽ ڪرنل آرمي آرمڊ ڪور
1974–1978
جانشين
علي جان معسود
پيشرو
ٽڪا خان
پاڪستان فوج جو سربراهه
1976–1988
جانشين
مرزا اسلم بيگ
سرڪاري عهدا
پيشرو
ذوالفقار علي ڀٽو
وزير دفاع پاڪستان
1978
جانشين
علي احمد خان ٽالپر
پيشرو
علي احمد خان ٽالپر
وزير دفاع پاڪستان
1985
جانشين
محمد خان جوڻيجو
پيشرو
فضل الاهي چوڌري
پاڪستان جو صدر
1978–1988
جانشين
غلام اسحاق خان

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

طھر جي رسمسورة انفالڪلاڪآئزڪ نيوٽنصشاهه بهاروشهرتامل ٻوليتحقيقپير الاھي بخشبڪرمي ڪئلينڊرعبدالواحد آريسرڪاليجوقت پٽوٻڌمتوبائي زڪامنظمشيرازچرٻياٽليباغباني33عپاڪستان ۾ اچ وڃ جون نشانيونحليم باغيمحبتٺٽي تي قبضي کان پوءِ آزاديءَ لاءِ سنڌين جي پھرين ڪوششسلطنت روسشرڪڪرسٽوفر ڪولمبسعروضي شاعرينالوروزگارمولانگوالياروڪي لغتبدر رفیقييُورَپوڪي مينياڳورپٽانٽرنيٽمومل راڻوجنسي سنگچينڊلر، ايريزوناموبائل فونترڪمانستانام ڪلثوم (مصري ڳائڻي)عالمگير ويبمحمدشاهه عنايت شهيدنشاستويوروشياچليوياناآذربائيجان جو صدرالاسڪاآنڌرا پرديشمختيار ملڪاخناتونادريس عليہ السلام1913عروسسنڌو ديشاردنبيلجيم🡆 More