جالنڌر (انگريزي ٻولي: Jalandhar) يا جلنڌر، هندستان جي رياست پنجاب جو هڪ قديم شهر آهي.
ستين صدي عيسويءَ ۾ هيءَ هڪ راجپوت بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ هو.
جالنڌر پنجاب رياست جو ٽيون سڀ کان وڏو شهر ۽ ريل جي اهم جنڪشن آهي. ڀرپاسي جي زرعي علائقن جون شيون هن شهر ۾ خريد ۽ وڪرو ڪيون وينديون آهن. جالنڌر جي ڀرپاسي ڪيترائي ڳوٺ ڏاکڻي پاسي وڏي ڇانوڻي کانسواءِ اوڀر ۾ 9 ميل پري هڪ ائير فيلڊ به آهي. شهر جا تيرهن ڪاليج گرو نانڪ يونيورسٽي سان ڳنڍيل آهن. ضلعي جالنڌر ستلج درياهه جي اتر ۾ 31396 چورس ڪلوميٽر علائقي تي مشتمل آهي. مڪئي، ڪڻڪ، وونئڻ، ڪمند ۽ چڻا هتان جا اهم فصل آهن.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article جالنڌر, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.