رودراما ديوي: ھندوستاني سنڌي راجپوت مهاراڻي

راڻي روڌرما ديوي (انگريزي ٻولي: Rudrama Devi) (وفات 1289 يا 1295)، يا رودراديوا مهاراجا، ڪڏهن ڪڏهن روڌراما ديوي يا رودراما-ديو سان نالو هِجي ڪيو ويندو آهي، دکن مٿاهون پٽ ۾ سال 1263 کان سندس موت تائين ڪاڪتيا گهراڻو (خاندان) جي مهاراڻي (بادشاهه) هئي.هوءَ هندستان ۾ بادشاهه جي حيثيت سان حڪمراني ڪندڙ تمام ٿورڙين عورتن مان هڪ هئي ۽ مرداڻي صورت ۽ لباس اوڍيائين ائين هن انڪري ڪيو ته جيئن سندس پيءُ (بادشاهه) کي ڪو پُٽ جو اولاد نه هيو ۽ پاڙي جي رياست منجهان اهو خطرو هيو ته سندس رياست جو ڪو مرد بادشاه ناهي رهيو ۽ حملو ڪري سندن رياست تي قبضو ڪيو وڃي ها.

رودراما ديوي ڪاڪاتيا بادشاهت تي پنهنجي پيءُ، گناپتديوا، سان گڏجي حڪومت هلائڻ لاءِ پنهنجي راڄ (حڪمراني) گهڻو ڪري 1261-62 کان شروع ڪئي. ھن 1263 ۾ مڪمل خودمتيار اقتدار ماڻيو.

رودراما ديوي
Rudrama Devi
رودرما ديوي جو مُجسمو
پيشرو گنپتي ديوا
جانشين پرتاب رودرا
جيون ساٿي ويراڀادرا
شاھي گھراڻو ڪاڪاتيا
پيءُ گنپتي ديوا
لاڏاڻو 1289 or 1295
ممڪن طور چندوپٽلا وٽ
(هاڻي تلنگانا ۾، انڊيا)

پنهنجي ڪاڪتيا ابن ڏاڏن جي ڀيٽ ۾، هِن ڪيترن ئي عام ماڻهن کي ويڙهاڪ جي حيثيت سان ڀرتي ڪرڻ جي چُونڊ ڪئي جيڪي اشرافيا (امير) نه هيا، انهن جي حمايت جي بدلي ۾ هن کين زمين تي لينڊ ٽيڪس روينيو کان ڇُوٽ جا وڌيڪ حق ڏنا.اِها هڪ اهم تبديلي هُئي ۽ ان روايت جي سندس پوئينئر (جانشين) پڻ پيروي ڪئي ۽ نيٺ پوءِ وجياناگرا سلطنت پڻ ساڳئي روايت جي پيروي ڪئي.

روڌرما ديوي کي پنهنجي راڄ (اقتدار) شروع ڪرڻ کان تُرت ئي اُڀرندي گنگا شاهي خاندان ۽ جاڙيجن (يادوائن) جي چيلنجن کي مُنهن پڻ ڏيڻو پيو.هوءَ انهن ٻنهين کي پوئتي هٽائڻ ۾ ڪامياب رهي، جيڪي 1270 جي آخر ۾ گوداواري درياء کان پوئتي هٽي ويا، ۽ هن يادوئن کي پڻ هارمڃرائي (شڪست ڏني)،جيڪي اُلهندي آنڌرا ۾ قبضو ڪيل علائقو پڻ ڇڏي ڏيڻ تي مجبور ٿيا. پر نيٺ، 1273 ۾ ڪايسٿا سردار امبارديوا پنهنجي گهراڻو جو سربراه ٿيڻ کانپوءِ ان پاران پيدا ڪيل اندروني اختلاف سان معاملو نبيرڻ ۾ هوءَ ناڪام رهي.امباديوا کي ڪاڪتيا خاندان جي ماتحت رهڻ تي اعتراض هو ۽ هُن ڏکڻ اولهندي آنڌرا تي قبضو ڪري ورتو، جيڪو هاڻي گنتر ضلعو سڏجي ٿو.

ڪُٽنب ۽ جانشيني

رودراما ديوي: ڪُٽنب ۽ جانشيني, هاڻوڪي مقبول ثقافت ۾, پڻ ڏسو 
Inscription on the death of Rani Rudrama Devi in Chandupatla, 1289

روڌرما ديوي شايد 1240۾ چالڪيا شاهي گهراڻو جي هڪ معمولي پاڙو سان واسطو رکندڙ ويراڀادرا سان پرڻو ڪيو. اهو پَڪ سان هِڪُ سياسي پرڻو (ونهانو) هيو جيڪو سندس پيءُ پاران چالڪيا شاهي گهراڻو سان اتحاد ٺاهڻ لاءِ تجويز ڪيل هُيو. ان جوڙي کي ٻه ڌيئرون هيون. ويراڀادرا حقيقي طور تي اڻ دستاويز ٿيل آهي ۽ ان روڌرما جي انتظاميا ۾ ڪوبه حصو ادا نه ڪيو.

ٿي سگهي ٿو ته امباديووا سان وڙهندي روڌرما ديوي 1289 ۾ مري وئي هُجي، جيتوڻيڪ ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته 1295 تائين سندس موت نه ٿيو هيو.

انکانپوءِ سندس ڌيئرن منجهان هڪ پُٽ پراتپرودرا، جنهن کي بادشاهي وراثت ۾ ملي جيڪا رياست ان کان ننڍڙي هئي جنهن رياست تي حڪمراني لاءِ روڌرما ديوي تخت تي ويٺي هئي.

هاڻوڪي مقبول ثقافت ۾

فلم ميڪر گُوناسيکر پاران رودراما ديوي جي زندگيءَ تي هڪ تيلگو فلم روڌراماديوي ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ انوشڪا شيٽي، اللو ارجن، رانا دگگوبتي ۽ ڪرشنم راجو مرڪزي ڪردار ۾ آهن.

پڻ ڏسو

  • جنگ بازي ۾ عورتون (1500-1699)

حوالا

Notes

Citations


Tags:

رودراما ديوي ڪُٽنب ۽ جانشينيرودراما ديوي هاڻوڪي مقبول ثقافت ۾رودراما ديوي پڻ ڏسورودراما ديوي حوالارودراما ديويانگريزيعورتهندستان

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ونگو (علائقو)روزانه ڪاوشٽويوٽامٺا خان زرداريڪولئي۔پالس ضلعو1869ع1754ءاکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساھت سڀاگڏيل آمريڪي رياستن ۾ ڪوروناوائرس مها وبا، 2020خليفو نبي بخشهوتچند مولچند گربخشاڻيناستڪ ناريواددبئيڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرچانورعشقمارچهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجڪيميائي نشانيفرانسيسي انقلابمـحمـد ايوب کهڙوپٿر جو دورڪارياورپاڪستاني عام چونڊون، 2002عاصم منيرعيسوي تقويمرومن غلامداريضمير (گرامر)اجميرعيد نمازاسماء النبي محمدنوشهرو فيروز ضلعوآغا نورمحمد پٺاڻدهليآخرتبدر جي جنگمٽيخلافت عباسيہڪوروناوائرس مها وبا، 2019-20 وقت پٽيپاڪستان جي اسيمبلين جي تڪن جي فهرستٿامس مورججپاڪستانڌر مشاهداتي اُپگرههاوڀر تيمورضميرڪڪڙڪِرگزِستانُ1496عنسل ڪشيشيخ ابراهيم زڪزڪيظرفنيو يارڪ سٽيسنڌي ادبي بورڊسنڌ تي حڪمراني ڪندڙڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20آيوسيڪيولرازمسهمتيآبدوزانٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين24 ڊسمبرسنڌو ماٿريءَ جي تھذيباڇي پيٽ وارو چمڙوقاضي قاضنفھرست سنڌ جون ذاتيوناسماعيل بن جعفر🡆 More