خوجا: ذات

خوجا يا کوجا: (انگريزي: Khoja ) خوجو لفظ خواجه جي بگڙيل شڪل آهي ۽ معنیٰ اٿس مالڪ يا اعلیٰ شخص.ھو اصل ھندو لوھاڻا ھئا، جي پوءِ پندرھين عيسوي صديءَ ۾ مسلمان ٿيا ۽ اسماعيلي شيعا فرقي ۾ آيا، جنھن فرقي ۾ بورا به آيا.

خوجا: ذات
پرنس ڪريم آغا خان

نصيري خوجه

سنه 1430ع ۾ پير صدرالدين نصيري فرقي جو ۽ اسماعيلي شيعن مان، سنڌ ۽ گجرات ۾ آيو ۽ مريد ڪرڻ لڳو. برھمڻن پنڊتن جي مدد سان مذھب کي ھندو رنگ ڏنو، جنھنڪري گھڻا لوھاڻا سندس مريد ٿيا ۽ انھن کي ھن خواجن جو نالو ڏنو. انھيءَ فرقي جو باني حسن صباح ھو، جو تاريخ ۾ مشھور ٿي گذريو آھي. ھو پنھنجي امام جو وڏو داعي يا مشنري ھو، ۽ انھن امامن جي اولاد مان آغا حسن علي ھو، جنھن کي آغا خان ٿا چون. اُھو سنه 1842ع ۾ ايران مان سنڌ ۾ آيو ۽ خواجن جو پير ٿيو. انھيءَ مذھب موجب ھندن جي ديوتا وشنؤ جا نَو اوتار شمار ڪري ڏھون اوتار حضرت عليءَ کي ڳڻيندا آھن. ھو شيعا آھن ۽ پھريان ڇھ امام مڃيندا آھن ۽ پوءِ چوٽيھ ٻيا امام شمار ڪري اچي آغا خان تي بيھندا آھن، جو سندن ھاڻوڪو امام آھي. قرآن ۽ نماز نه پڙھندا آھن. پير صدرالدين جي جوڙيل پوٿي پڙھندا آھن. ھو ڏاڙھي ڪوڙائيندا آھن ۽ مُڇيون وڏيون رکائيندا آھن. ورثو شريعت موجب نه وٺندا آھن، پر ھندو قاعدي موجب ورھائيندا آھن.

خوجن جا فرقا

خواجن جا ٻه فرقا آھن: ھڪڙا پڙائي، جي محرم ۾ پِڙُ ڪندا آھن ۽ ٻين شيعن سان شامل آھن ۽ جي آغا خان جي برخلاف آھن ۽ گھڻا انھيءَ جي حڪم مان نڪتل آھن؛ ۽ ٻيا پنجي ڀائي، جي آغا خان جي فرمان ھيٺ آھن ۽ انھيءَ کي زڪواة ڏيندا آھن. اھي ھڪ جماعت ھوندا ھيا پر اوڻويھين صدي جي پوئين حصي ۾ ٻن فرقن: پنجي ڀائي ۽ پڙائي ۾ ورھائجي ويا. پنجي ڀائي خوجا وڌيڪ ڪٽر آهن ۽ آغا خان کي پاڻ سڳورن صه جو عيوضي (نائب) ڪري ڄاڻيندا آهن، ڇوته ان جو حسب نسب اسماعيل بن امام جعفر صادق معرفت حضرت محمد صه سان ملي ٿو. انھن جو اھو بي عقيدو آهي ته آغا خان خدا جو اوتار آھي. اُھي ڏينھن ۾ ٽي ڀيرا نماز پڙھندا آھن يا عبادت ڪندا آھن، پر مسلمانڪي ۽ ھندڪي گڏيل ٻوليءَ ۾. پڙائي کوجن جو عقيدو شيعن کي وڌيڪ ويجھو آهي ۽ انھن جي عبادت واري جاء ممبر سڏبي آھي ۽ آھي آغا خان کي زڪوات نہ ڏيندا آهن ڇوته سندس بعيت ترڪ ڪري چڪا آهن يا جماعت مان ڪڍيا ويا آهن. پنجي ڀائي خوجا آغا خان کي امام مھدي جو نائب ڪري مڃن ٿا ۽ کيس زڪوات ڏين ٿا انھن جي بزرگ کي مکي سڏيندا آھن ۽ سندن عالمن کي ڀڳت. ھنن وٽ مسجد ڪانھي، مسجدن جي بدران جماعت خانا اٿن. اھي ٻئي فرقا پاڻ ۾ شاديون ڪندا آھن. طھور ننڍي ھوندي ڪندا آھن. پڙائي شيعا ڏاڙھي رکائيندا آھن پر مڇون ڪونه ڪوڙين. ننڍي ھوندي جي شادي کي چڱو نه سمجھندا آھن. ۽ ٻين اثنا عشري شيعن يا امياميه مذھب وانگي نماز ۽ قرآن پڙھندا آھن، مگر ورثو اڃا به ھندو ڌرم موجب وراھيندا آھن. اُنھن جو قبرستان به ڌار آھي، جو ٻيا ھنن جي مخالف آھن.

حوالا

Tags:

انگريزيمسلمان

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سلزبرگاڪائونٽنگسافٽ ويئر جوڙيندڙعالمي گرميءَ ۾ واڌسنڌي نالاشيشمماءُ جو ڏھاڙووڪيپيڊياگلشن اقبال سب ڊويزنجي اين يو آزاد دستاويز اجازت ناموسھڻي ڍوروناچصابڻترائيلالھه آندو شاھڀيرو مل مهرچند آڏواڻيجارجياٽويوٽاسنڌي ناول جي شروعاتٿڻ وارو جانورمدينوجرنل (رسالو)مناقبا (ڪتاب)نمازاسڪولڪوروناوائرس روڳ 2019قاسم آباداستاد بخاريرڌراماديوي (فلم)هلال پاڪستانقمبر شهدادڪوٽ ضلعوپنجاب، پاڪستانجابر بن اسعث طائياداره ادب نو حيدرآباداڌ اکرينائيجيرياخليفو نبي بخشگوگلشمن علي ميراليآفريڪاليپ سالغزلٽاموسنڌو درياھپاليجيمس آئوٽرامقرآن1914عوالٽئرڪوموروسڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرغلام حسين شاهه بخاريسينٽرل آفريڪن ريپبلڪجمھوريتکيرائين واٽ ڪهڪشان28 جنوريسر بلاول25 جُولاءِبزم ادباجرڪپرڏيهي امدادنظم2003عسر معذوريحسابي سراسريڪبوترڏور (ادب)🡆 More