ابابيل (Abaabeel) هڪ ننڍڙي پکي جو نالو آهي.
هي پکي اڏرڻ دوران به کائي سگهي ٿو. اَبابيلُ: پکيءَ جو هڪ قسم، جنهن جي ڇاتي اڇي، مٿو ۽ ڪنڌ ڳاڙهسرو، چهنب ننڍي، پڇ ڊگهو ۽ شاخدار هوندو آهي. ننڍو جهرڪيءَ جيڏو، پر ڪارسرو، هيءُ پکي مٽيءَ جو آکيرو ٺاهي، ان اندر نرم کَنڀ وڇائي ڇڏيندو آهي. سج لٿي کان ٿورو اڳ ٻاهر نڪرندو آهي. نهايت تيز اُڏامندو آهي. سج لٿي مهل ڏسبو ته ابابيل هوا ۾ هڪ ٻئي پٺيان لهندا چڙهندا نظر ايندا. اهي تيز اُڏامندي اُڏامندي يڪدم ڍرا ٿي ويندا آهن، ائين هو جيتن کي جهلڻ لاءِ ڪندا آهن.
ابابيل جهرڪيءَ جهڙي ٻولي ڪندو آهي. هو پنهنجو آکيرو اڪثر ڪري گهرن جي ڇڄهرين ۾ جوڙيندو آهي. هيءُ پکي پنهنجن ٻچن کي گهڻو پيار ڏيندو آهي. هن پکيءَ جو گذران جيتن تي هوندو آهي ۽ سخت سيءَ ۾ لڏپلاڻ ڪري گرم علائقن ۾ هليو ويندو آهي. حڪيم چون ٿا ته طبي لحاظ سان ابابيل جو پڪل گوشت ڪيترين بيمارين کي فائدو ڏيندو آهي.
قرآن پاڪ ۾ هن پکيءَ جو ذڪر سورة ’الفيل‘ ۾ آيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته الله پاڪ ابابيلن جو ولر موڪلي، ابرھہ جي لشڪر کي تباهه ڪري ڇڏيو. ابابيل جا ڪجهه قسم هيٺ ڏجن ٿا.
وڪيميڊيا العام ۾ ابابيل سان لاڳاپيل ابلاغي مواد ڏسو. |
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ابابيل, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.