پليڪوزوئا

پليڪوزوئا(انگريزي: Placozoa) گھڻ گھرڙيائي جاندارن جي ھڪ پيڙھياتي بڻ جو نالو آھي.

بناوٽ ۾ ھي سڀني گھڻ گھرڙيائي جاندارن ۾ سڀ کان وڌيڪ سادو ھوندا آھن.انھن جي گروھ بندي ساڳي جنس جي صورت ۾ ٿيل آهي. جنھن کي ٽرائڪوپليڪس اڊھئرنس چون ٿا. جيتوڻيڪ انھن جي اندر جينز جي ڪافي گوناگونيت آهي جنھن مان ان نسل جي جاندارن جون جنسون گھڻيون ھجڻ کپن پر آھي مارفالاجي جي علم مطابق ساڳي جنسن وارا آهن. ھن فائلم جي دريافت 1883 ۾ جرمن زولاجسٽ فرانز ايلھارڊ شولز (1840–1921) ڪئي ھئي. ۽ گذريل ستر جي ڏهاڪي ۾ جرمن پروٽوزولاجسٽ ڪارل گوٽليب گريل (1912–1994) ان جو باقاعده تجزيو ڪيو ان جي درجي بندي ۾ ان جو ڪوبہ عام نالو موجود ڪونھي ۽ ھن جي مٿي ذڪر ڪيل سائنسي نالي جي معني سنوان يا ھموار جانور(انگريزي: "flat animals") آھي. ٽرائڪوپليڪس ھڪ ننڍڙو ھموار يا افقي شڪل جو ھڪ ملي ميٽر جيترو جاندار آھي. اموئبا(انگريزي: Amoeba) وانگر ھن جا به مستقل خدخال نہ ٿيندا آهن پر ان جي جسم جو ھيٺيون حصو چپٽيل يا دٻيل ھوندو آھي ۽ مٿيون حصو سنئون يا ھموار هوندو آهي. ان جي جسم جو ٻاهريون تھ ھڪ سادي ايپيٿيليم گھرڙن جو ٺھيل ھوندو آھي جنھن جي مدد سان ھي جاندار سمنڊ جي تري ۾ رڙھي سگھڻ جي صلاحيت رکندڙ ھوندا آھن

پليڪوزوئا
پليڪوزوئا
ٽرائڪوپليڪس اڊھئرنس
سائنسي درجا بندي پليڪوزوئا
Unrecognized taxon (fix): پليڪوزوئا

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ڪتولنڊنڪارٿيجسنڌو درياھسنڌي ٻوليءَ جي اخبارن جي فھرسترومي سلطنتآءِ پي ايڊريسڪشش ثقل17 ڊسمبرآزاد ڪشمير جي تعلقن جي فهرستسنڌ جي تاريخنباتياتمخدوم بلاول1937عارههسنڌي ڪيلينڊر13 جنوريهفتي جا ڏينهنحاجي فقير الله علويعوامي کاتوليماسرشٽيويب سائيٽسنڌي ثقافتي ڏھاڙوآدمشماريٽيڪنالاجيمير عبدالحسين1973عروسسڊنيتاروسرمائي-ڪنڌ ڀوريساز9 سيپٽمبرھاريشمس العلماءآڱرسسئي پنهون جو داستان1213ع2001عپاڪستان جو ٺھراءُشمارياتفھميده حسينمحمد سومار شيخشاهه جو رسالوعارف علويقومسارس ڪووي 2🡆 More