سورة ابراهيم قرآن پاڪ جي 14 نمبر سورة آھي جنھن ۾ ست رڪوع ۽ 52 آيتون آهن.
سورت جي شروعات ”آلرٰ“ جي لفظ سان ٿئي ٿي. مڪي ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي آخري وقت ۾ نازل ٿي. هن ۾ مجموعي طرح سان نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ ٻين رسولن جي مخالفت ڪندڙن جو ذڪر ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام جي دعا جو ذڪر پڻ ٿيل آهي. ان دعا ۾ حضرت اسماعيل جو ذڪر بہ آهي، جڏهن حضرت اسماعيل عليه السلام کي بيت الله جي ويجهو ريگستان ۾ ڇڏيو ويو هو. هن ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل مان نبوت جي شروعات جو ذڪر بہ ڪيو ويو آهي، ان ڪري هن سورة جو نالو سورة ابراهيم رکيو ويو آهي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article سورة ابراهيم, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.