جارج برنارڊشا مشهور ڊرامه نگار، اديب ۽ سوشلزم جي پرچارڪ، 26 جولاءِ 1856ع ۾ آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ جنم ورتو.
جارج برنارڊشا، جارج ڪيرشا ۽ لوسـنڊا ايـلـزبٿ جو اڪيلو پٽ هو.
جارج برنارڊ شا | |
---|---|
شا 1936ع ۾ | |
پيدائش | 26 جُولاءِ 1856 ڊبلن, آئرلينڊ |
وفات | 2 نومبر 1950 (عمر 94 سال) Ayot St Lawrence, Hertfordshire, England, UK |
ڌنڌو | Playwright, critic, political activist |
قوميت | Irish |
مادرِ علمي | Wesley College, Dublin |
صنف | Satire, black comedy |
ادبي تحريڪ | Ibsenism, naturalism |
ايوارڊ | سانچو:Awd سانچو:Awd |
جيون ساٿي | Charlotte Payne-Townshend (m.1898–1943, her death) |
دستخط |
شروع ۾ جارج برنارڊشا جون لکڻيون ناڪام ويون. 1879ع ۾ هن پنهنجي زندگيءَ تي لکيل ڪتاب ‘Immaturity’ مڪمل ڪيو، پر هن ڪتاب کي لنڊن جي ڪنهن به پبليشر ڇپائڻ جي حامي نه ڀري اڳتي هلي اهو ئي ڪتاب مشهور ليکڪ جي وڏي ڪتاب جي حيثيت ۾ 1930ع ۾ شايع ٿيو. اهڙيءَ طرح هن جي اڳ ۾ لکيل چئن ناولن کي به قبول نه ڪيو ويو. ڏهن سالن تائين هن پاران اخبارن کي موڪليل مضمونن جو به اهو ئي حال ٿيو. جارج برنارڊ جي حياتيءَ جو لکيل هڪ ناول جيڪو تقريباً 1887ع يا 1888ع ۾ لکيو ويو هو، سندس مرڻ کان پوءِ 1958ع ۾ ڇاپيو ويو. اهو ناول جارج برنارڊشا جي ادبي دؤر جو آخري ناول هو.
جارج برنارڊشا سماجي سرگرمين ۾ به حصو ورتو، پر هيءُ گهڻي ڀاڱي 1889ع ۾ ڇپجندڙ ‘Fabrion Eassy in Socialism’ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سامهون آيو. جنهن ۾ هن جون پنهنجون ٻه تحريرون به شامل هيون. اهو مجموعو برطانوي سوشلسٽ ادب ۾ ڪلاسڪ جي حيثيت رکي ٿو. 1885ع ۾ ڊرامه نگار وليم آرچر (William Archer) جي نظر جارج برنارڊشا جي صحافتي ڪم تي پئي. هن جو هيءُ ڪم 1885ع کان 1888ع تائين ’Pallmall Gazette‘ ۾ ڇپجندڙ ڪتابن تي تبصري ۽ 1986- 1889ع کان ‘The World’ ۾ ڇپجندڙ فن تي تنقيدي مضمونن ۽ 1888ع کان 1894ع تائين ‘The Star’ ۽ ‘The World’ ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل هو. موسيقي ۽ خاص ڪري اوپيرا (نظميه ڊرامي) بابت جارج برنارڊشا جي ڄاڻ ڪمال درجي جي هئي، پر جارج برنارڊشا جو مقدر ان وقت چمڪيو جڏهن فرينڪ هيرس ’ ‘Frank Harri کيس ڊرامه نگار جي حيثيت ۾ `Saturday Review` ۾ جڳهه ڏني. هن حيثيت ۾ جارج برنارڊشا پنهنجين سمورين صلاحيتن ۽ حاضر جوابيءَ سان ڪم ڪندي وڪٽورين اسٽيج جي تصورن کي تبديل ڪيو. هيءُ اهو ئي زمانو هو، جڏهن جارج برنارڊشا ڊراما نگاريءَ جي شروعات ڪئي.
آئرلينڊ جي هن ڊراما نگار، اديب ليکڪ ۽ سوشلزم جي پرچارڪ کي 1925ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو.
جارج برنارڊشا جا لکيل ڊراما هيٺ ڏجن ٿا:
ڊرامن کان سواءِ جارج برنارڊشا ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف به رهيو. سندس ڪتاب: ’Black Girl in Search of God‘ ڏاڍو مشهور ٿيو، ان جي جواب ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي ’White Girl in Search of God‘ (ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾) لکيو، جنهن جو سنڌي ترجمو سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
جارج برنارڊشا 2 نومبر 1950ع ۾ هرٽ فورڊ شائر ۾ وفات ڪئي.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article جارج برنارڊشا, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.