بلڙي شاھ ڪريم

بلڙي شاھ ڪريم (انگريزي: Bulri Shah Karim) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو هڪ شھر آهي جيڪو بلڙي شاھ ڪريم تعلقي جو صدر مقام آهي.

ھن شھر جو نالو سنڌ جي مشھور بزرگ ۽ شاعر شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جي نالي تان پيو جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ڏاڏو ھيو. شھر جو شروع ۾ نالو بلڙي ھيو. شاھ عبدالڪريم (1536-1623) مٽياري ۾ ڄائو ھو ۽ پوء لڏي بلڙي ۾ آيو جنھن ڪري ھن شھر جو نالو بلڙي شاھ ڪريم پئجي ويو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته بلڙي ھڪ عورت جو نالو ھيو. ان جي مزار پڻ ھتي واقع آهي جيڪا ھن شھر جي سياحت جو مرڪز آھي. ھن شھر م لکي محلو ۽ شيدي محلو واقع آهن. شھر م ھڪ سرڪاري اسپتال چوويھ ڪلاڪ صحت جي سھولت مھيا ڪري ٿي. ھن شھر کان پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جھوڪ شريف واقع آهي جتي صوفي شاھ عنايت شھيد جي درگاھ آھي جتي ھر سال ھزارين ماڻھو زيارت لاءِ ايندا آهن. ھن شھر جو هي پوسٽل ڪوڊ يا زپ ڪوڊ 73020 آھي.

بلڙي شاھ ڪريم
شھر
Bulri Shah Kareem
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي شھر پڻ واقع آهي
سنڌ جي نقشي ۾ ڳاڙهي رنگ سان ڏيکاريل ٽنڊو محمد خان ضلعو جنھن م. ھي شھر پڻ واقع آهي
بلڙي شاھ ڪريم is located in سنڌ
بلڙي شاھ ڪريم
بلڙي شاھ ڪريم
بلڙي شاھ ڪريم is located in Pakistan
بلڙي شاھ ڪريم
بلڙي شاھ ڪريم
جاگرافي بيهڪ: 24°51′48″N 68°19′49″E / 24.86333°N 68.33028°E / 24.86333; 68.33028 68°19′49″E / 24.86333°N 68.33028°E / 24.86333; 68.33028
ملڪ بلڙي شاھ ڪريم پاڪستان
صوبو بلڙي شاھ ڪريم سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان
آبادي (2017)
 • ڪل 6,382

آبادي

2017ع جي آدمشماري مطابق ھن شھر جي آبادي 6,382 ھئي.

تعليم

ھن شھر م پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ ھڪ ھائر سيڪنڊري تعليم جي سھولت لاء اسڪول موجود آهن. گريجوئيشن لاء پڻ ھتي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج واقع آهي.

ٽائون ڪاميٽي

بلڙي شاھ ڪريم شھر ٻہ وارڊن تي مشتمل آهي جنھن ۾ ھڪ ميمڻ محلو ۽ ٻئي ۾ لکي محلو اچي وڃن ٿو. شھر جو درجو ٽائون ڪاميٽي وارو آھي. ھر وارڊ مان ھڪ جنرل ڪائونسلر سڌي چونڊ وسيلي چونڊجندو آهي. ڪل ڪائونسلر گڏجي شھر جي ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين کي چونڊيندا آهن.

حوالا

Tags:

بلڙي شاھ ڪريم آباديبلڙي شاھ ڪريم تعليمبلڙي شاھ ڪريم ٽائون ڪاميٽيبلڙي شاھ ڪريم حوالابلڙي شاھ ڪريمانگريزيبلڙي شاھ ڪريم تعلقوسنڌٽنڊو محمد خان ضلعوپاڪستان

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سچل سرمستمحمد صديق مسافرحق ۽ واسطاسر يمن ڪلياڻ417ععبدالستار ايڌيقرآنپاڪستان جو ٺھراءُمقامي آباديڪافي (شعري صنف)ڪشميرتيونس شهر5 آڪٽوبرپولينڊڪڪڙن جي ميلعوامي کاتونبي بخش بلوچميقاتچچ نامويمنٿوڪ فروشآئس لينڊوڪي مينياشاھ جا سراصحاب ڪھفآزاديڪمپالاجدليات907ع301عمولانا اشرف علي ٿانويدالبندين1877عنڪپائيدار ترقينمازنيرڳجدگالي لهجوبغدادجي اين يو آزاد دستاويز اجازت ناموپهاڪوحرف جملو27 سيپٽمبرصديانساني هاضمي جو سرشتوڪشش ثقلچوسڻا آوازآءِ پي ايڊريسسنڌي ماڻھن جي فهرستشمن علي ميراليبجلي21 ذوالقعدانتظاميااسٽيو بالمرفادر ڪوٽواڻيشاعرييورپين ايڪانامڪ ايرياشيخ ايازحج1490عمراٺي ٻولي1961ع🡆 More