بعث پارٽي

بعث پارٽي (انگريزي: Ba'th Party ) جنھن جو عربي ۾ مڪمل نالو حزب البعث العربي الاشتراڪي (انگريزي: Arab Socialist Ba'th Party ) آھي.

اھا شام جي ھڪ سياسي جماعت آهي جنھن جو بنياد مشيل عفلق، صلاح الدين البيطار ۽ ذڪي الارسوزي جي ساٿين رکيو. لفظ بعث يا بعث ازم جو مطلب جاڳرتا يا قيام آهي ۽ اھو ھڪ نظريو آهي جيڪو عرب قومپرستي، عرب سوشلزم ۽ سامراج مخالف مفادن جي گڏجڻ سان ٺھيو. ان نظريو عرب دنيا جي ھڪ رياست ۾ جي قيام جي حق ۾ آھي. ان جو عمل جا اصول اتحاد، آزادي ۽ سوشلزم اصل ۾ عرب اتحاد غير عرب قبضي مان عرب علائقي جي آزادي جي عڪاسي ڪن ٿا.

عرب سوشلسٽ بعث پارٽي
حزب البعث العربي الاشتراكي
سيڪريٽري جنرل مشيل عفلق (1954–65)
منيف الرزاز (1965–66)
باني مشيل عفلق
صلاح الدين البيطار
بنياد 7 اپريل 1947 (7 اپريل 1947)
خاتمو 23 فيبروري 1966 (23 فيبروري 1966)
انضمام عرب بعث
عرب بعث موومينٽ
عرب سوشلسٽ موومينٽ
جانشين بعث پارٽي (عراق واري شاخ)
بعث پارٽي (شام واري شاخ)
اخبار البعث
نظريو بعث ازم
رنگ ڪارو, ڳاڙهو , اڇو ۽ سائو (عربن وارا رنگ)
نعرو عربي ٻولي: "وحدة، حرية، اشتراكية"
(" اتحاد، آزادي ، اشتراڪيت")

پارٽي جو قيام

شام جي ٻن اسڪولي ماسترن جن 1920 واري ڏھاڪي ۾ پيرس ۾ تعليم حاصل ڪئي ھن پارٽي جو بنياد وڌو. انھن مان ھڪڙو مشيل عفلاق (1910 -1989) نالي سان يوناني آرٿوڊڪس عيسائي ھيو ۽ ٻيو صلاح الدين البيطار (1912-1980) سني اسلام جو مڃيندڙ ھيو. انھن ھن پارٽي جي ذريعي ھڪ اھڙي جديد انقلابي تحريڪ جو تصور ڏنو جنھن جو مقصد عرب اتحاد ذريعي ڌرتيءَ کي فرانس ۽ برطانيا جي تسلط مان آزادي حاصل ڪرڻ ھيو ان پارٽي جو قيام 7 اپريل 1947 ۾ مشيل عفلق ۽ البيطار جي پارٽي عرب بعث موومينٽ ۽ الرسوزي جي پارٽي عرب بعث جي انضمام سان عمل ۾ آيو ۽ ان جو نالو عرب بعث پارٽي رکيو ويو ۽ جلد ئي ان پارٽي شام کان ٻاھر ٻين عرب ملڪن ۾ شاخون قائم ڪيون پر صرف شام ۽ عراق ۾ زور وٺي سگھي.

اقتدار

1952 ۾ اڪرم الحوراني جي عرب سوشلسٽ موومينٽ ان ۾ ضم ٿي وئي ۽ پوء ان جو نالو عرب سوشلسٽ بعث پارٽي رکيو ويو ۽ 1954 جي عام چونڊن ۾ اھا شام جي پارليامينٽ ۾ ٻين وڏي جماعت بڻجي وئي. ان پارٽي جي عراق واري شاخ عرب سوشلسٽ بعث پارٽي، عراق پڻ زور وٺي وئي. 1963 ۾ ٻنھي ملڪن ۾ فوجي انقلابن ذريعي اقتدار ۾ اچي ويون.شام ۾ اڃان تائين اھا جماعت اقتدار ۾ آھي ۽ عراق ۾ 1963 ۾ ٿورو وقت اقتدار ۾ رھي پر 1968 ۾ ٻيھر اقتدار ۾ آئي ۽ 2003 ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي فوجن جي عراق ۾ داخل ٿيڻ تائين حڪومت ۾ رھي.

حوالا

Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ابايوجينزوارسا معاهدووچون دورڀارت2009عابن بطوطاٽيڪساس26 آگسٽدرزي( عقيدو)نارينار واري جنگمڇيگڏيل قومن جو عالمي اداروپانفتح الله گولنرڍنيدرلينڊزپي ڪي-46 (هري پور-1)اشتراڪيتInternational Standard Book Numberپاڪستان ۾ صحتآذربائيجانزرتشتي مذھباين اي-34 (نوشھرہ-2)910عفارين ايڪسچينج مارڪيٽسنبل1435عتاريخڏکڻ اوڀر ايشيا1605عناديه مرادهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجونگاري مئٿائيمومل جي ماڙيرگ ويدڊريسڊنڪولڪتادودو چنيسرمير لطف الله عرف متاروحجفهرست سنڌي ٻولي جا شاعرگوبند مالهيگوئٽيسينٽرل آفريڪن ريپبلڪڪردتصوفسارس ڪووي 2غزوہ بدرجنسي سنگڪولمبياانڊونيشياسڊنيعالمي معياري ڪتاب نمبراين اي-45 (ڊيرا اسماعيل خان-2)جينيالاجيڪن وڄڻفيزيئانڊاءڍنڍ بيڪلمطلق آمريتالفارابيلڪشميسينٽ لوسيانواز شريفدي نيو يارڪ ٽائمزدولھ دريا خانسائنوبئڪٽيريا🡆 More