اين. ايف. سي. اوارڊ

ايـن.

ايـف. سـي جـي پـوري مـعـنيٰ ”National Financial Commission Award“ آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’قومي مالياتي اوارڊ‘ چئجي ٿو. اين. ايف. سي اوارڊ ملڪ جو صدر لاڳو ڪندو آهي. ناڻي واري وفاقي وزير جي اڳواڻيءَ ۾ تيار ٿيل هن ڪميشن ۾ چئني صوبن جا ناڻي وارا وزير ۽ صدر جا مقرر ڪيل نمائندا شامل هوندا آهن. پاڪستان ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رقمن جي ورڇ جي شروعات 1951ع کان ٿي. هينئر تائين -اٺ- مالياتي اوارڊ پيش ٿي چڪا آهن. اٺين مالياتي اوارڊ تي وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف رهيا ۽ ارڙهين ترميم بعد گهڻي ڀاڱي معاملا حل ڪيا ويا. 1951ع کان وٺي 1974ع تائين جيڪي به مالياتي اوارڊ آيا آهن، انهن ۾ وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ٿيندڙ رقمن ۾ صوبن جي حصي ۾ مسلسل واڌارو ٿيندو رهيو ۽ صوبن مان اوڳاڙيل ٽئڪسن جو وڏو حصو صوبن کي ملندو رهيو آهي، پر 1990ع کانپوءِ حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي ۽ ورڇ -جوڳي- پول ۾ نوان ٽئڪس شامل ڪيا ويا، انهن ۾ وري وفاق جو حصو صوبن کان وڌيڪ رکيو ويو. 1997ع ۾ جيڪو ڇهون مالياتي اوارڊ آندو ويو، -ان- کي ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ يڪسان تبديل ڪيو ويو. هن ۾ سمورا ٽئڪس آئل ۽ گئس سرچارج سميت ورڇ -جوڳي- پول ۾ شامل ڪيا ويا. سيلز -ٽيڪس- جي اوڳاڙيءَ جو پنجاهه سيڪڙو ڪراچيءَ جي بندرگاهن سميت سڀ رقمون اوارڊ ۾ شامل ڪيون ويون، جنهن سبب 1961ع، 1964ع ۽ 1970ع جي اوارڊ جي ڀيٽ ۾ هن اوارڊ ۾ صوبن جي -ٽيڪس- وصوليءَ جي شرح گهٽجي وئي، جنهن سبب 91 سيڪڙو وصوليون وفاق وٽ هليون ويون. صوبن وٽ وصولين مان صرف 6 سيڪڙو ۽ مڪاني ادارن وٽ وصولين جو صرف 3 سيڪڙو رهجي ويو, قومي آمدنيءَ ۾ صوبن جو حصو بلڪل گهٽجي يعني فقط 6 سيڪڙو رهجي ويو، ڇا ڪاڻ ته صوبن جا ٽئڪس وفاقي، پول ۾ شامل ڪيا ۽ وري وفاق مان رقمن جو حصو وڌائي صوبن کي خوش ڪيو ويو. جنهن جو بنيادي فائدو پنجاب کي پيو ۽ سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ جو ٿيو. ستون مالياتي اوارڊ پ پ حڪومت متفق راءِ سان آندو. تازو ارڙهين ترميم جي منظوريءَ بعد اين. ايف. سي اوارڊ ۾ صوبن جي حصن بابت -اصلاح- ڪئي وئي آهي.

حوالا

Tags:

پاڪستان

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

جي آء ايفصنم مارويواشنگٽن ڊي سيابوجھلاتر آمريڪاغزوہ بدرشهيد بينظيرآباد ضلعوٽيڪساس1296عروزوايوبي سلطنتمدي جو تپخاصخيليننجاتمغاءِ خدمتعالمي معياري ڪتاب نمبرمصراحمدي1095عڪولئي۔پالس ضلعواين اي-22 (مردان-2)بيت الخلاگهنٽوڪمپيوٽر سائنساَنبِڙِيآخرتسنڌي ڪيلينڊرشبنم گلموسيٰ خيل ضلعو، پاڪستانيورپي اتحاداڪلکتروايتآرمينيائي ٻوليگيتپنجاب، ڀارتآغا صوفيهندوڌرمآرڪيئااوجھريبريمنونگاري مئٿائيذات پاتريل گاڏيوڪي لغت1940عڪاليجقلوپطرہفوٽانسنڌو درياھچانوراڇي مکسعودي عربميان نور محمد ڪلھوڙوعلم عروضزاب الڪبير نديمحمد ابراهيم جويورمضانڪمپيوٽرهانگ ڪانگ جي منتقليآمريڪا کنڊ🡆 More