اياز گل: سنڌي شاعر

اياز گل (انگريزي:Ayaz Gul) سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر آهي جنهن جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن.

سندس ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ خيرپور ميرس ۽ پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي تان پڻ نشر ٿئي ٿو.

اياز گل
Ayaz Gul
اياز گل: زندگي جو احوال, علمي خدمتون, ايوارڊ
اياز گل
پيدائش اياز علي دل
مارچ 1959 (عمر 65 سال)
سکر، سکر ضلعو، سنڌ
قلمي نالو اياز گل
ڌنڌو پروفيسر ، شاعر
ٻولي سنڌي
شهريت پاڪستاني
تعليم ایم اي سنڌي ادب، ايم اي ٻين الاقوامي تعلقات ، ايل ايل بي
مادرِ علمي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور
صنف غزل، وائي، نظم، گيت
موضوع شاعري
مُکيه ڪم پيلا گل پلاند ۾
ڏينهن ڏٺي جا سپنا
تو بن ڪهڙي ڇانورا
ايوارڊ گولڊ میڊل - شاھ عبداللطيف يونيورسٽي
انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي اوارڊ
سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو اوارڊ

زندگي جو احوال

پنهنجي همعصر شاعرن ۾ نمائنده شاعر، جنهن جو پورو نالو اياز علي ولد رجب علي دل آهي، هُن سکر شهر ۾ 6 مارچ 1959ع تي جنم ورتو، کيس ننڍپڻ کان ئي علم ادب سان لڳاءُ رهيو، ادبي دنيا ۾ اياز گل جي نالي سان مشهور آهي. هن 1980ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. 1981ع ۾ ايم. اي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ ڪري بعد ۾ ايل. ايل. بي جي ڊگري پڻ ورتي. هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. اياز گل نوجوانن ۾ مقبول شاعر آهي، هن 1971ع کان شاگردي واري دور ۾ شاعري جو آغاز ڪيو، سندس پهريون شعر 1973ع ۾ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ”اديُون“ رسالي ۾ شايع ٿيو. هيل تائين ٻين ڪتابن کان علاوه سندس 6 شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ پڻ اياز گل جو نالو نمايان رهيو آهي. هُو سٺو فوٽوگرافر پڻ آهي، موسيقيءَ سان گهڻي دلچسپي اٿس. سندس گهر ۾ آڊيو، وڊيو ڪئسيٽن ۽ تصويرن جي لائبريري آهي.
اياز گل 1996ع کان 1998ع تائين سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. ان کان علاوه کيس مختلف انتظامي ۽ اعزازي ذميواريون پڻ مليون آهن، جن ۾:

علمي خدمتون

ميمبر سينيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 2003ع کان اڄ تائين. ميمبر سينڊيڪيٽ، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2009-2006)، ميمبر بورڊ آف گورنرس، تعليمي بورڊ، سکر (2006ع کان اڄ تائين)، ميمبر بورڊ آف گورنرس سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو (08-2007)، سيڪريٽري ۽ ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي)، شاهه عبداللطيف، يونيورسٽي (1991ع کان اڄ تائين)، ميمبر صلاحڪاري بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، انچارج ’تنوير عباسي‘ چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور (2003ع کان اڄ تائين)، ميمبر بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي / سکر.، جنرل سيڪريٽري سکر هسٽاريڪل، سوسائٽي. سنڌ.

ايوارڊ

اياز گل کي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ، شيلڊون ۽ ميڊل پڻ مليا آهن.

  • گولڊ ميڊل (ايم. اي، سنڌي ادب ۾ پهرين پوزيشن تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان) 1980ع،
  • -انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي- جي طرفان اوارڊ (ڪتاب ’سوچون سرها گل‘ تي) 1978ع،
  • ينگ رائيٽرس گلڊ اوارڊ (ڪتاب ’گل ۽ تارا‘ تي) 1979ع،
  • سِگا طرفان گولڊ ميڊل (ڪتاب. ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ تي) 1992ع،
  • -استاد بخاري- سنگت اوارڊ (ڪتاب: ’توبن ڪهڙا ڇانورا‘ تي) 1992ع،
  • اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان شاهه لطيف اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي)1997ع،
  • سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران اوارڊ (ڪتاب: ’دک جي نه پڄاڻيءَ‘ تي) 1997ع،
  • سچل سرمست اوارڊ (سچل يادگار ڪاميٽي طرفان) 1997ع ۽ 2000ع،
  • تيرهون اسٽار اوارڊ (سائوٿ ايشيا پبليڪيشن طرفان) 2003ع،
  • پي. ٽي. وي طرفان (بهترين شاعر جو اوارڊ) 2000ع ۽ 2001ع،
  • شيخ -اياز-‘ شيلڊ (حسن ڪاڪردگيءَ تي) 2002ع. ۽ ٻيون شيلڊون.

ادبي خدمتون

اياز گل ڪجهه عرصو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ سان گڏ سچل چيئر ۾ به ڪم ڪيو. سنڌي شعبي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي مخزن ”ڀٽائي“ جو ايڊيٽر ۽ معاون به رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي رسالي ”سنگت“ جو بنياد وڌائين. هُن جا غزل، وايون ۽ گيت عابده پروين، صادق فقير، سرمد سنڌيءَ، برڪت ڀٽ، ثمينه ڪنول، شازيه خشڪ ۽ رحمت ميرالي سميت سنڌ جي مشهور فنڪارن ڳائي داد ماڻيو. اياز گل پنهنجي شريڪ حيات، ’مستور بخاري‘ ۽ پٽ ’پرين ايا‘ سان گڏ سکر ۾ رهائش پذير آهي. مستور بخاري، پاڻ ليکڪا ۽ آرڪيالاجي شعبي سان لاڳاپيل آهي.

ڪتاب

  • سوچون سرها گل (تاج جويي سان گڏ شاعري) 1978ع
  • گل ۽ تارا (ٻارن لاءِ شاعري) 1979ع
  • پِيلا گل پلاند ۾ (غزل) 1980ع
  • ڏينهن ڏٺي جا سپنا (شاعري) 1984ع
  • توبن ڪهڙا ڇانورا (شاعري) 1992ع
  • دک جي نه پڄاڻي آ (شاعري) 1997ع
  • ميلي جي تنهائي شاعري 1999ع
  • سکر جون يادگيريون (سهيڙيل) 2001ع
  • پوان شل قبول (تنوير عباسي ءَ تي مقالن جي ترتيب) 2006ع
  • روشن آ سانجهي (ايڊيٽنگ ۽ ترتيب) 2008ع
  • مسٽسزم سنڌ اينڊ سچل سرمست، مرتب، 2011ع
  • پنهنجو هيءُ اسڪول ٻارن لاءِ, 2018ع
  • خلقڻهار ٻارن لاءِ، 2018ع
  • راند روند، ٻارن لاءِ، 2018ع
  • زنگ لڳل زندگي
  • رنگن واري دنيا

حوالا

Tags:

اياز گل زندگي جو احوالاياز گل علمي خدمتوناياز گل ايوارڊاياز گل ادبي خدمتوناياز گل ڪتاباياز گل حوالااياز گلانگريزيحيدرآبادخيرپور ميرسريڊيو پاڪستانسنڌي ٻوليپاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪڪراچي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

عيسوي سالبابلمليرياسومرهيروڊوٽسھالاڻي واري جنگچي گويرا24 جمادي الثانيلاڙڪاڻوبيھڪ جون نشانيونلنڊنچيئراي ميلتاج المساجدگواڊلهاراقبرستانسنڌي ٻوليجميڪالپلو،شاداڻي پاڙوڊيشڏکڻگوگلجمي ويلزبرسات1456عسائنسي طرز فڪريوناناسلامروسعلم بيانچابھاردُنياروزوامر سنگھ چمڪيلاشمن علي ميراليوارھ تعلقوڪويتپکيجرمنيڀوٽانتخيل11 جنوريھير رانجھونيو يارڪ سٽيآسٽريا جي راڻي سيسيسفارتخانوسرونھاسيہ رسيوروشياجاپاني ٻوليحرف صحيحسکمسلمانلياقت بلوچالجيحميد سنڌيججاوڙاھ ( ناول)عيسيٰاوڄو يا تاندورومارچبيتڌرتيءَ جو ڏينھنسهڻي ميهار1399عالوحيد اخبار🡆 More