ھٿرادو ذھانت (artificial intelligence) اھا ذھانت –سمجهه، ولوڙ، ۽ معلومات جي پرک – جيڪا مشينن پاران ڏيکاري ويندي آھي، اھا جانورن ۽ انسانن جي ذھانت کان مختلف ھوندي آھي.
ان جي مثالي ڪمن ۾ ڳالھ سمجهڻ، ڪمپيوٽر جو ڏسڻ، قدرتي زبانن جي وچ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ ٻين انپٽ جو جواب ڏيڻ آھي.
هٿرادو ڏاهپ يا ذھانت جي ڪاريگري وڏي پيماني تي صنعتي ڪارونھوار، حڪومتي ۽ سائنسي تاڃي پيٽي ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪجهه اعليٰ ڳڻپيوڪري ايپيلڪشن يا ادارا جيڪي هٿرادو ذھانت جي مدد سان ڪم ڪري رهيون آهن مثلن گوگل ان ڪاريگري کي جديد ڄاڻ جي ڳولھا لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي. يوٽيوب، ايمازون ۽ نيٽفڪلس جھڙا ادارا سفارشي سرشتي (ريڪيمينڊشن سسٽم) ۾ پڻ هٿرادو ذھانت کي استعمال ڪري رهيا آهن. انساني آوازن کي سمجھڻ لاءِ جهڙوڪ سِري يا اليڪسا يا گوگل هوم، يا پاڻ مرادو هلندڙ ڪارون، يا گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاريگري، مثال طور ويمو، تخليڪي اوزار جهڙوڪ چيٽ جي پي ٽي، مِڊ جرني يا ڊي ايل، ايِ جھڙن ايپليڪشنن ۾ پڻ هٿرادو ذهانت جي ڪاريگري استعمال ڪئي ويندي آهي, ان سان گڏ اعليٰ سطح تي راندين جھڙوڪ، شطرنج ۽ گو گيم جهڙين راندين لاءِ پڻ هٿرادو ذهانت کي استعمال ڪيو ويندو آهي.
هٿرادو ذهانت جو بنياد 1956ع ۾ هڪ تعليمي ضابطي جي طور تي رکيو ويو هو. هٿرادو ذهانت تعليمي نظامن ۾ ڦوڙي نه هجڻ جي ڪري ڪيترو ئي وقت نااميدي سان گذرندو رهيو. پر 2012 کان پوءِ، جڏهن ڳوڙهو علم سڀني هٿرادو ذهانت جي ڪاريگرين کان اڳتي وڌيو، اتي ڦوڙيءَ ۽ دلچسپي ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ھٿرادو ذھانت, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.