ھاجرہ: حضرت ابراهيم جي زال

ھاجرہ يا ھاجران ، بيبي ھاجرہ (/heɪˈɡɑr/ hay-GAR؛ عبراني: הָגָר, جديد Hagar طبري Hāgār، ڪجهه لهجن ۾ عربي ٻولي: هاجر Hājar; لاطيني ٻولي: Agar) پيغمبر ابراهيم جي زال جو نالو، جنھن مان کيس اسماعيل پيدا ٿيو.

جينيسز، توريت مطابق مصري نسل جي هاجره ساره جي ٻانهي هئي. ساره، هاجره کي ابراهيم کي ٻار ڄڻڻ لاءِ ڏنو. اسلام جي مطابق هاجره ابراهيم جي زال هئي. ھاجرہ جو نالو ڪتاب جينيسز، توريت مان ورتل آهي، هن جو ذڪر توريٿ کان سواءِ سمورن ابراهيمي مذهبن ۾ ملي ٿو.

هاجره
ھاجرہ: جينيسز ۾ ذڪر, مذهبي عقيدا, ادب ۽ فنون لطيفا
هاجره ۽ اسماعيل جي بي دخلي وارو منظر
پيدائش مصر
وفات ھيبرون
ٻيا نالا بي بي هاجره
بُڻ بُڻياد مصري
پيشو ٻانهي
جيون ساٿي ابراهيم
ٻار ٻچا اسماعيل (ابراهيم جو پٽ)

جينيسز ۾ ذڪر

جينيسز، توريت جي پهرين ڪتاب ۾ هاجره جي حوالي سان خلاصو 16 آرڪائيو ڪيا ويا 2019-06-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.

ابراهيم ۽ هاجره

هاجره ساره جي مصري ٻانهي ۽ ابراهيم جي زال هئي. ساره ڪيتري ئي وقت کان سُنڍ هئي ۽ ان جي خواهش هئي ته خدا طرفان ڪيل واعدو، جنهن موجب ابراهيم ڪيترن ئي قومن جو پي ٿيندو؛ پوري ٿي. جيئن ته هنن جي عمر وڌي رهي هئي ان لاءِ ساره پنهنجي ٻانهي هاجره ابراهيم کي ٻي زال طور ڏني.

جڏهن هاجره اميد سان ٿي، تڏهن هن جا ساره سان اختلاف وڌڻ لڳا، هاجره اهڙي شڪايت ابراهيم سان ڪئي، ۽ ساره سان سخت رويو اختيار ڪيو، جنهن جي ڪري هو هلي وئي.

هاجره اختلافن کان پوءِ شور صحرا ڏانهن رواني ٿي. جتي رستي ۾ هڪ فرشتو مليو، جنهن کيس صلاح ڏني ته هي ساره ڏانهن واپس وڃي، جيئن سندس ٻار جي پيدائش، ساره وٽ ٿي، جيڪو ٻار مستقبل ۾ وڏي مرتبي وارو ٿيندو.جينيسز 16:12 ان فرشتي ئي کيس صلاح ڏني ته ٻار جو نالو اسماعيل رکيو وڃي. ان کان پوءِ هي ابراهيم ۽ ساره ڏي واپس وئي جتي کيس ٻار ڄميو جنهن جو نالو هن فرشتي جي هدايتن مطابق اسماعيل رکيو.

هاجره جي بي دخلي

ھاجرہ: جينيسز ۾ ذڪر, مذهبي عقيدا, ادب ۽ فنون لطيفا 
حاجره ۽ ملائڪ

پوءِ، ساراه کي اسحاق نالي پٽ ڄائو، ۽ ٻنهي عورتن وچ ۾ ٻيهر اختلاف شروع تي ويا. جڏهن اسحاق ٿڃ ڇڏيو، ته ساراه ڏٺو ته هن جي پٽ سان اسماعيل ڀوڳ ڪندو هو. ان لاءِ هن ابراهيم سان شڪايت ڪئي ته اهو اسماعيل ۽ حاجره کي ڪٿي ٻي هنڌ موڪلي ڇڏي ۽ اسماعيل، ڪنهن به ورهاست جو حصو نه ٿيندو. ابراهيم ان تي پريشان ٿيو، پر خدا جي حڪم ٿيو ته هو ائين ڪري.

ٻي ڏينهن صبح، ابراهيم هاجره ۽ اسماعيل کي وٺي نڪتو. هن هاجره کي ماني ۽ پاڻي ڏئي بير سبع ڏي روانو ڪيو. ان وقت تائين هي سفر ڪندي رهي جيسيتائين هن جو پاڻي پورو ٿيو. جنهن تي هن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. خدا هن ۽ هن جي پٽ جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ هنن کي بچائڻ چاهيو.

ان کان پوءِ اتي هڪ ملائڪ آيو، جنهن هاجرن کي پاڻي جو کوهه ڏيکاريو ۽ خدا طرفان نياپو ڏو ته اسماعيل جي نالي سان هڪ وڏي قوم جو جنم ٿيندو. ان کان پوءِ هنن پاران جي صحرا ۾ رهائش اختيار ڪئي.

مذهبي عقيدا

بهائي

بهائي عقيدي مطابق باب ابراهيم ۽ حاجره جي خاندان مان هو، ۽ الله جو وعدو هو ته هو ابراهيم جي نسل کي ڦهلائيندو. بهائي ڇاپي گھر طرفان هڪ ڪتاب ڇاپيو ويو جنهن ۾ ابراهيم جي زالن ۽ ٻانهين جو ذڪر ۽ پنج مختلف مذهبن مان سندس نسب جو پڻ ٻڌايو ويو آهي.

اسلام

قرآن ۾ ھاجرہ جي ابراهيم سان شادي جو ذڪر ناھي بلڪہ اھڙو ذڪر حديث ۾ آھي تہ ھاجرہ ابراھيم جي ٻين زال ھئي. ابو ھريرہ جي روايت آھي تہ محمد فرمايو تہ ابراهيم پنھنجي زال سارہ سان ظالم بادشاھ جي ملڪ مان گزريو تہ ڪنھن بادشاھ جي آڏو ھن جي گھرواري سارہ جي سونھن جي تعريف ڪئي جنھن تي بادشاھ ابراهيم کي گھرايو ۽ سندس عورت بابت پڇيو تہ جواب ڏنائينس تہ منھنجي ڀيڻ آهي. بادشاھ کيس سارہ کي پيش ڪرڻ لاءِ چيو تہ ھن سارہ کي اھو سمجھائي پيش ڪيو تہ کيس ٻڌائي ته ھوء سندس ڀيڻ آهي. سارہ ايئن ئي ڪيو. بادشاھ سارہ ۾ ھٿ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي تہ ھٿ سن ٿي ويس پر سارہ جي دعا سان ٺيڪ ٿي ويس .وري بادشاھ جي نيت خراب ٿي ۽ ھٿ وجھڻ جي ڪوشش ڪيائين تہ وري ھٿ سن ٿي ويس پر التجا تي سارہ دعا گھري تہ ٺيڪ ٿي ويو جنھن بعد بادشاھ سارہ کي ھڪ ٻانھي ھاجرہ تحفي طور ڏئي فارغ ڪيو جنھن کي سارہ ابراهيم ڏي وٺي آئي. قرآن ۾ بيان ٿيل آهي تہ خدا جي حڪم سان ابراھيم ھاجرہ ۽ اسماعيل کي مڪي واري وادي ۾ آندو ۽ بيابان ۾ مروه جي ٽڪري تي کين اڪيلو ڇڏي ھليو ويو. جڏھن انھن جو پاڻي مشڪ (waterskin ) مان ختم ٿي ويو تہ اسماعيل پاڻي لاءِ روئڻ شروع ڪيو جنھن تي ھاجرہ اتي موجود ٽڪرين صفا ۽ مروہ جي وچ ۾ پاڻي جي تلاش ۾ ست دفعا چڪر ڏنا. مسلمانن جو عقيدو آھي تہ ان جي پاڻيء لاءِ اھا ست دفعا ڊوڙ خدا کي پسند اچي وئي جنھن ڪري خدا کين حڪم ڏنو تہ قيامت تائين ان عمل کي ورجائين. اھڙي طرح اھو حج جو لازمي عمل ٿي ويو. مسلمانن جي عقيدي مطابق جڏھن آخري دفعو صفا کان ٿي مروه تہ موٽي آئي تہ ملائڪ جبرائيل نازل ٿيو جنھن پير سان زمين تي ڌڪ ھنيو تہ ان مان پاڻي جو چشمو ڦٽي آيو جيڪو زم زم جي نالي سان مشھور ٿيو. جڏهن ھاجرہ اسماعيل کي لوط جي زمين متفقاث جي لڳ جنم ڏنو ان وقت ابراهيم جي عمر 86 سال ھئي. ابراهيم جي وڃڻ کان پوءِ بني جھم (Banu Jaham) قبيلي جي ماڻھن ھاجرہ ۽ اسماعيل جي سار لڌي.

مسيحيت

جديد عهد نامي ۾ رسول پولس گلتين پرڳڻي ڏي خط لکندي چيو ٿو ته: ڇالاءِ جو ان ۾ لکيل آهي ته ابراهيم کي ٻه پٽ هئا، هڪڙو ٻانهي مان ۽ ٻيو سندس زال مان جيڪا ٻانهي نه هئي21. انهي ڳالهه مان هڪڙو مثال وٺجي ٿو، ڇالاءِ جو اهي ٻه عورتون ڄڻ ٻه عهد آهن، انهن مان هڪڙو سينا جبل وارو آهي، جنهن ڪري غلام ئي پيدا ٿين ٿا ۽ اها آهي حاجره24.

ادب ۽ فنون لطيفا

ھاجرہ: جينيسز ۾ ذڪر, مذهبي عقيدا, ادب ۽ فنون لطيفا 
هاجره

ڪيترن ئي مصورن هاجراه ۽ اسماعيل جي صحرا ۾ زندگي کي پنهنجي مصوري ۾ چٽيو آهي. وليم شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ۾ پڻ ان قصي جو ذڪر ڪيو آهي. 19 صدي ۾ آمريڪا ۾ ايڊمونيا لوئيس پاران هاجراه جو مجسمو جوڙيو ويو، جيڪو ان جي مشهور ڪمن طور سڃاتو وڃي ٿو. هن ان مجسمي کي انهن عورتن جي نانءُ ڪيو جيڪي تڪليف ڏسن ۽ جدوجهد ڪن. ڪيترن ئي ناولن ۽ شاعري ۾ هاجره يا ان جي نالي واري ڪردار کي اڪثر جلاوطن ڏيکاريو ويو آهي.

اثر

اسرائيل

1970ع کان پوءِ، اسرائيل ۾ نئين ڄاول ٻارڙي تي هاجره نالو رکڻ جو رواج وڌيو آهي. هن نالي کي سياسي طور متنازه سمجهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ والدين کي عرب ۽ فلسطينن جي وچ ۾ نيئن شروعات جو حامي سمجهيو ويندو آهي.

آفريڪي آمريڪي

شجرو


متفرق خيال

ھاجرہ اصل ۾ لفظ ھاغار جي بگڙيل صورت آهي جنھن جي معني بيگانو يا اجنبي آهي. ھاجرہ جو اصل وطن مصر ھيو ان ڪري اھو نالو مٿس پئجي ويو. اھو بہ خيال آهي تہ ھاغار جي معني "جدا ٿيڻ" آھي جو عربي ۾ ھاجرہ لفظ جي معني بہ اھا ئي آهي. ھاجرہ پنھنجي وطن کان جدآ ٿي ابراهيم سان گڏ ھجرت ڪئي تنھنڪري مٿس اھو نالو پيو.ھڪ خيال اھو بہ آهي تہ ھاجرہ دراصل حاجرہ آھي جنھن لفظ جي معني اس (sunshine) آهي ۽ اھو لفظ حج مان نڪتل آهي.. ابراهيم نبي ار شھر جو رھندڙ ھو، جتي تبليغ دوران ان جي زال سارہ ۽ ڀائيٽيو لوط مسلمان ٿيا ۽ ٻنھي کي ساڻ ڪري لڏي فلسطين آيو، جتان پوءِ مصر ويو. ھاجرہ مصر جي بادشاھ يا فرعون جي ڌيءَ ھئي. فرعون ابراهيم جي بزرگي مان متاثر ٿيو ۽ پنھنجي ڌيء جي شادي ابراهيم سان ڪيائين.ھاجرہ پيٽ سان ٿي جنھن تي سارہ جا ھن سان تعلقات خراب ٿيا، جڏهن کيس اسماعيل ڄائو تہ سارہ مطالبو ڪيو تہ ابراهيم ھاجرہ ۽ ان جي پٽ کي علحده ڪري جنھن تي ابراهيم کين فلسطين کان مڪي جي وادي منتقل ڪيو جتي مڪي جو شھر آباد ٿيو. ابراهيم پنھنجي پٽ سان گڏجي ڪعبي جي تعمير ڪئي جيڪو الله جو گھر سڏجڻ لڳو

حوالا

وڌيڪ ڏسو

حوالو

Tags:

ھاجرہ جينيسز ۾ ذڪرھاجرہ مذهبي عقيداھاجرہ ادب ۽ فنون لطيفاھاجرہ متفرق خيالھاجرہ حوالاھاجرہ وڌيڪ ڏسوھاجرہ حوالوھاجرہ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

مرزا قليچ بيگڄام آريعيد نمازحجتوريتحق ۽ واسطااسماعيل بن جعفرقرآنآمريڪا جون گڏيل رياستونسنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊپاڪستان ۾ گهڻيون زالون پرڻجڻ جو رواجهيٺيون چترال ضلعوپاروتيٽرانزسٽرنارويپاڪستان جي اسيمبلين جي تڪن جي فهرست1579ع1969ع624عپاڪستاني سينيٽ جون ايندڙ چونڊونڪولڪتاسون1985عچانورقنديل بلوچسيڪيولرازمڪارٽونافلاطونانٽرنيٽانتخاب سنڌي ڪلام سچل سرمستمندر604عمُک صفحوزراعتاوجھريافسانو1754عشعبان1197عآرٽ نوئووسعودي عرب جا صوباڀارتپدرشاھيسيما عباسيبٽالينحرف نداحيدرآباد ضلعو، سنڌ4 سيپٽمبرهفتوچنڊپاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئشنآسٽرياتاريخي ماديتٺٽ سولنگيقطعوقيامت جون نشانيونگوگلسهمتيناري وادپٿر جو دوريوٽيوبنسل ڪشيماتا (بيماري)ملڪا پکراجايبرڊينوتايو فقيرهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجتراويح جي نمازعيسائيحرف جملوواڱڻ🡆 More