گني

گني(انگريزي: Guinea ) جنھن جي سرڪاري نالو ريپبلڪ آف گني يا جمھوريہ گني آھي، اولھ آفريڪا جي اولھندي سامونڊي ڪناري تي واقع ھڪ ننڍو ملڪ آهي.

ان جا پراڻا نالا فرينچ گني ۽ گني-ڪوناڪري آھن اھو اسلامي ملڪ سڏبو آهي ۽ ان جي مسلمان آبادي ڪل آبادي جو 85 سيڪڙو آھي گني جا ماڻھو 24 نسلي گروھن سان تعلق رکندڙ آھن. ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ آھي ۽ تعليمي نظام پڻ ان ٻوليءَ وارو اٿس.

ريپبلڪ آف گني

ريپبلڪ ڊي گني
Flag
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نسبتي نشان
شُعار: '"محنت، انصاف، سالميت"
ترانو: Liberté  (French)
آزادي
مڪانيت  گني  (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل) – نقشو آفريڪا  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل & تيز خاڪي رنگ ۾) – in آفريڪي يونين  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل)
مڪانيت  گني  (تيز نيري رنگ سان ڏيکاريل)

– نقشو آفريڪا  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل & تيز خاڪي رنگ ۾)
– in آفريڪي يونين  (ھلڪي نيري رنگ سان ڏيکاريل)

گادي جو هنڌ ڪوناڪري
9°31′N 13°42′W / 9.517°N 13.700°W / 9.517; -13.700
سڀ کان وڏو شهر گاديءَ جو ھنڌ
دفتري ٻوليون فرينچ
مقامي ٻوليون
نسلي گروھ (2014)
  • 33.9% فولا
  • 31.1 ماندينڪي (ماندي)
  • 19.1% سوسو (ماندي)
  • 4.5% ڪونيئڪا (ماندي)
  • 4.7% ڪسي (ماندي)
  • 4.0% ڪپيل
  • 10.2% باقي ٻيا
مقامي آبادي گنيئن يا گنيائي ( سنڌي ۾)
حڪومت وحداني صدارتي ريپبلڪ
• صدر
Mamadi Doumbouya
مقننه قومي اسيمبلي
خودمختياري
• فرانس کان مليس
2 آڪٽوبر 1958
پکيڙ
• جملي
245٬857 km2 (94٬926 sq mi) (77th)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2016 اندازو
12,395,924 (77th)
• 2014 مردم شماري
11,523,261
•  گھاٽائي
40.9 /km2 (105.9 /sq mi) (164th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$26.451 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$2,390
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2020 لڳ ڀڳ
• ڪل
$9.183 ارب ڊالر

ملڪ جو نالو

اولھ آفريڪا جي گني ريجن نالي خطي ۾ واقع ھجڻ جي ڪري ان تي اھو نالو پيو. اھو خطو گني واري نار ( Gulf of Guinea) تي واقع آهي. لفظ گني پورچوگيزي ٻولي جي لفظ گنئي (Guiné) مان ورتل آهي پندرهين صدي عيسويءَ ۾ اھو لفظ ان علائقي لاء استعمال ڪيو ويو ۽ اتان جي ڪارن رھاڪن کي گنيئس (Guineus) سڏيو ويو جيڪو لفظ سينيگال ندي تي ان علائقي ۾ رھندڙ مخصوص ڪارن ماڻھن کي زيناگا بربر يا مور نسل جي ماڻھن سان تفريق جي لاء استعمال ڪيو ويو.

تاريخ

گني ملڪ جي تاريخ گني خطي جي تاريخ جو حصو آهي جنھن ۾ 12 ۽ 13 صدي عيسويءَ ۾ سوسو ايمپائر زور ورتو جنھن جي حاڪم سوماورو ڪنتي کي 1235ع ۾ مالي ايمپائر جي سونجئاتا ڪيئتا ڪيرينا واري جنگ ۾ شڪست ڏني. مالي ايمپائر تي مانسا لقب جي حاڪمن جي حڪمراني ھئي انھن ۾ مشھور حاڪم حاجي ڪانجا موسیٰ ھيو جنھن 1235ع ۾ مڪي وڃي حج ادا ڪيو. ان جي وفات بعد مالي ايمپائر جو زوال شروع ٿيو. ان بعد سونگائي ايمپائر اٻري آئي جيڪا 1460 تائين عروج تي رھي ۽ مالي ايمپائر کان پکيڙ ۽ دولت ۾ اڳتي نڪري وئي. 1582ع ۾ اسڪيه دائود جي وفات تائين خوشحال رھي جنھن بعد تخت جي وارثن ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي ان دوران موروڪو ان تي حملو ڪيو ۽ ٽونڊيبي واري جنگ بعد ان تي قبضو ڪيو پر انھن جو تسلط قائم رھي نه سگھيو ۽ ايمپائر ننڍين بادشاھتن ۾ ورھائجي وئي.

گني 
ساموري توري واسولو ايمپائر جو باني ھيو جيڪا موجوده گني جي رياست واري علائقي ۾ قائم ھئي ۽ اولھ آفريڪا ۾ فرينچ بيٺڪي حڪومت جي خلاف مزاحمتي جنگ جو 1882ع کان 1898ع ۾ پنھجي گرفتاري تائين سرواڻ ھيو

اولھ آفريڪا ۾ وڏين ايمپائرن جي زوال بعد موجوده گني واي علائقي ۾ ڪيتريون ئي ننڍڙيون بادشاھتون قائم ٿينديون رھيون. فولاني مسلمان فوتا جلون ڏانھن ھجرت ڪري سينٽرل گني جي علائقي ۾ اسلامي رياست قائم ڪئي جيڪا 1727ع کان 1869ع تائين قائم رھي جنھن جو لکت ۾ آئين پڻ ھيو. سورھين صدي عيسويءَ ۾ اولھ آفريڪا ۾ يورپي واپاري اچي چڪا ھئا. ھتان غلامن جي برآمد جو ڪاروبار شروع ٿي چڪو ھو. گني ۾ اوڻويھين صديءَ جي وچ ڌاري فرانس جون فوجون اندر گھري آيون ۽ 1898ع ۾ ساموري توري جي فوجن جي شڪست سان ھن ملڪ تي مڪمل فرانس جو قبضو ٿي ويو. اھڙي طرح فرينچ گني نالي فرينچ اولھ آفريڪا جي ھڪ ڪالوني جو قيام عمل ۾ آيو. فرينچ اولھ آفريڪا تي فرانس جو مقرر ڪيل گورنر جنرل حڪومت ڪندو ھو جنھن جي گادي ڊاڪر شھر ۾ ھئي. فرينچ گني جو حاڪم ليفٽيننٽ گورنر ھيو. 1958ع ۾ چارلس ڊي گال فرانس جو صدر چونڊجي آيو جنھن ڪالونين کي وڌيڪ خودمختياري ڏيڻ يا انھن جي ترت آزادي لاء ريفرنڊم ڪرائڻ جا آپشن ڏنا. گني جي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻ احمد سيڪو توري ترت آزادي جي آپشن کي قبوليو تمام وڏي اڪثريت آزادي جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنھن بعد جلد ئي فرانس قبضو ختم ڪيو اھڙي طرح 2 آڪٽوبر 1958 ۾ گني آزادي ماڻي ۽ احمد سيڪو توري ان جو پھريون صدر ٿيو.

گني 
صدر احمد سيڪو توري 1961ع م يوگوسلاويا ۾ . ھن جي حڪومت کي ڪميونسٽ بلاڪ جي مدد مليل ھئي

گني سوويت يونين جي ويجھو ٿيڻ بعد سوشلسٽ پاليسيون اختيار ڪيون. پر بعد ۾ ھن ملڪ چيني سوشلزم جي ماڊل جي پيروي شروع ڪندي سوويت يونين کان پاسيرو ٿي ويو. سوشلسٽ پاليسين باوجود ھن ملڪ آمريڪي سرمائيڪاري کي فروغ ڏنو. توري ملڪ ۾ ھڪ ڊگھي عرصي تائين چونڊيل حڪمران رھيو جنھن جي مقبوليت پئن آفريڪن ازم جي ڪري پوري آفريڪا ۾ وڌي وئي ھئي.

فائل:22novemberdetail.JPG
1970ع ۾ پورچوگال جي احمد سيڪو توري کي گرفتار ڪرڻ لاء ڪيل فوجي حملي ۾ گني جي فتح جو يادگار

22 نومبر 1970 ۾ پورچوگيزي گني مان پورچوگيزي فوج آپريشن گرين سي جي نالي سان گني جي شھر ڪوناڪري تي احمد سيڪو توري کي قتل ڪرڻ يا گرفتار ڪرڻ لاء حملو ڪيو جنھن ۾ پورچوگيزي فوج ناڪام ٿي. جنھن بعد ملڪ ۾ توري حڪومت ڪاروايون شروع ڪيون جن ۾ 50000 ھزار جي لڳ ڀڳ ماڻھو مارجي ويا. احمد سيڪو توري 26 مارچ 1984ع ۾ آمريڪا ۾ دل جي آپريشن دوران وفات ڪري ويو. وزيراعظم لوئيس لانسانا بيگوئي سندس جاء تي صدر ٿيو. ان دوران ڪرنل لانسانا ڪوٽي ۽ ڪرنل ڊيئارا توري پرامن فوجي بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو. ڪوٽي صدر ۽ ڊيئارا وزيراعظم ٿيو . 1992ع ۾ ڪونٽي سول حڪومت واري طريقي کي بحال ڪيو ۽ 1993ع ۾ صدر لاء چونڊ ۽ 1995ع ۾ پارليامينٽ لاء چونڊون ڪرايو جنھن ۾ سندس پارٽي آف يونٽي اينڊ پراگريس 114 مان 71 سيٽون کٽي آئي. ڪونٽي 23 ڊسمبر 2008ع تي پنھجي وفات تائين اقتدار م رھيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد موسي دادس ڪمارا فوجي بغاوت ڪري حڪومت تي قبضو ڪيو فوجي بغاوت خلاف مظاهرا شروع ٿيا 28 سيپٽمبر 2009 تي فوج ھٿان 157 مظاهرو ڪندڙ مارجي ويا . جنوري 2010ع ۾ ڪمارا ، ڪوناتي ۽ بلئس ڪومپائوري ، بورڪينا فاسو جو صدر شھري رول جي بحالي لاء ٻارھن نڪاتي حل ڪڍيو جنھن تحت ڇھن مھينن اندر ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻي ھئي اھڙي طرح 27 جون 2010 تي صدارتي اليڪشن ٿي پر ان جا نتيجا تڪراري ٿي وڃڻ ڪري 7 نومبر 2010ع تي ٻيھر چونڊون ٿيون جنھن ۾ ووٽرن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ چونڊون پر امن طريقي سان ٿيون مخالف ڌر جي ريلي آف گنيئن پيپل نالي پارٽ جي اڳواڻ الفا ڪونڊي چونڊون کٽي ورتيون.

سياسي نظام

ھڪ خودمختيار رياست آھي جنھن جو سربراھ صدر ۽ ملڪ ۾ حڪومتي سربراھ وزيراعظم ھوندو آھي. ملڪ جي مقننه قومي اسيمبلي آهي جيڪا ھڪ ايواني آھي ۽ ان جي رڪنن کي ملڪ جا ماڻھو سڌي چونڊ ذريعي مقرر ڪندا آهن. ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت گني جي سپريم ڪورٽ آھي

انتظامي ورهاست

گني 
گني جا خطا


جمهوريه گني جي پکيڙ 245857 چورس ڪلوميٽر آھي. گني ملڪ جي انتظامي ورھاست واري علائقي جو نالو ريجن ۽ پريفيڪچر آھي. ملڪ ۾ اٺ ريجن يا صوبا آھن. ملڪ 33 بريفيڪچرن ۾ ورھايل آھي. ڪوناڪري شھر ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. نزيريڪوري ملڪ جو ٻيون وڏو شھر آھي. ملڪ جي ٻين وڏن شھرن ۾ ڪنڪان، ڪنڊيا، لابي، گوئيڪيڊو، بوڪ، ممئو ۽ ڪسيڊوگو شامل آهن جن جي آبادي ھڪ لک کان مٿي آھي. ڪوناڪري جي آبادي 2014ع ۾ 1667864 آھي

ريجن گاديءَ جو هنڌ آبادي
(2014 آدمشماري)
ڪوناڪري ريجن ڪوناڪري 1,667,864
نزيريڪوري ريجن نزيريڪوري 1,663,582
ڪنڪان ريجن ڪنڪان 1,986,329
ڪنديا ريجن ڪنديا 1,559,185
بوڪي ريجن وڪي 1,081,445
لابي ريجن لابي 995,717
فرانا ريجن فرانا 942,733
ممائو ريجن ممائو 732,117

معيشت

ملڪ جي معيشت زرعي ۽ معدني پيداوار تي بيٺل آهي ھي ملڪ دنيا ۾ باڪسائيٽ پيدا ڪندڙ ٻيون نمبر وڏو ملڪ آهي . ھن ملڪ ۾ سون ۽ ھيرن جا وڏا ذخيرا پڻ آهن گني قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آھي. دنيا جي باڪسائيٽ جي ذخيرن مان 25 سيڪڙو گني ۾ آھن. ھڪ اندازي مطابق اھي ذخيرا 25 بلين ميٽرڪ ٽن جيترا آھن. مائيننگ ان ڪري ملڪ جي معيشت جو آھن جز آهي. ملڪ ۾ ھائڊرو اليڪٽرڪ بجلي ٺھڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. ان کان سواءِ ھي ملڪ اليومنيم آڪسائيڊ برآمد ڪندڙ پڻ آھي. ملڪ جو 80 سيڪڙو مزدورن جو فورس زراعت سان تعلق رکندڙ آهي. ھي ملڪ ڪيلو، تماڪ، پائين ايپل، ڪافي، مڱيرا، ۽ ناريل جو تيل پڻ برآمد ڪندڙ آھي. باڪسائيٽ جي مائيننگ لاء سي بي جي نالي ڪمپني جي حڪومت سان شراڪت آھي جنھن ۾ 49 سيڪڙو ڪمپني جو ۽ 51سيڪڙو حڪومت جو حصو آھي

حوالا

Tags:

گني ملڪ جو نالوگني تاريخگني سياسي نظامگني انتظامي ورهاستگني معيشتگني حوالاگنيانگريزيفرينچ ٻولي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سجمسلمانسنڌو درياھسماٽمذهبشاهه جو رسالوائينيمري شملڪتابسڱريانڊونيشياسنڌي ٻولي1انسانامر سنگھ چمڪيلا1857عثميره زرينشيخ زيد ڪالوني (لاڙڪاڻو)ضمير استفھاماسلام ۾ آدمآڱرشاديولیم شیڪسپیئرمريخهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجآتم ڪهاڻيجنسي سنگآڪسفورڊ يونيورسٽيڪيٽي بندرجليبيگڏيل بادشاھتجاٽ (ذات)سينيگال1947عججهٽلراوٻاسيڳئونگيبونروبوٽسنڌي ادبڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20شمارياتبرونڊيسعودي عرب جا صوبافھميده حسينمولودليماآدمشماري🡆 More