ڦڳڻ

ڏيهي سال/ سنڌي ڪئلينڊر / سنبت (وڪرمي / بڪرمي ڪيلينڊر) جو ٻارهون ۽ آخري مهينو آهي جيڪو مانگهه ۽ چيٽ جي وچ ۾ آهي.

12 فيبروري کان 13 مارچ تائين هوندو آهي. ڦڳڻ 30 ڏينھن جو مهينو آهي.

ٻيا نالا ڦڳڻ جا

  1. ڦاگن / ڦاگڻ /ڦاڳڻ

علم نجوم ۾

علم نجوم موجب هن مهيني جي موسم تي ستڀشا ( شتتارڪا ) ۽ پورواڀا درپدا ، نکٽن جا اثر رهندا آهن .

هولي جو ڏڻ ڦڳڻ ۾

ڦڳڻ مهيني جي تيرهين تاريخ تي هولي ملهائبي آهي. هولي هندو جاتي جو شڀ ڏڻ آهي، جيڪو هندو جاتي هر سال ڦڳڻ مهيني جي پورنماسيءَ تي ڌام ڌوم سان ملهائيندي آهي. رنگا رنگي سندر ڏڻ ”هولي“ کي مارواڙي ۾ ”هوري“سڏيو وڃي ٿو

تلسي پوڄا ڦڳڻ ۾

هـنـدسـتـان ۾ تلسي جي وڻ کي پوتر (پاڪ) سمجهيو ويندو آهي. ان کان عورتن ،جانورن ۽ فصلن کي ڦـردار بنائڻ جون دعائون پنيون وينديون آهن. ڦڳڻ جي مهيني جي يارهيـن تـاريـخ انـهـي وڻ جي پاڙ ۾ پاڻي جو نذرانو پيش كيو ويـنـدو آهـي. هـنـدن جـي خـيـال مـوجـب ويشـنـو مقدس وڻ آهي. هو ان کي ديوتا جو درجو ڏين ٿا. عـورتـون ان جـي پـاڙن ۾ کـيـر هـاري پوڄا كن ٿيون ۽ ان وڻ جو طواف كن ٿيون. ان جي ٹارين ۾ رنگين ڌاڳا ٻـڌي اولاد لا دعائون گهرن ٿيون. سنڌ ۾ بڑ ۽ پپر جي وڻن کي پڻ اهڑي حيثيت حاصل آهـي. ي

ڦڳڻ بابت چوڻيون

  • مانگههُ مُٽا ڦڳڻ ڦولهڙيون

مطلب؛ مانگهه مهيني ۾ پوکيل اناج جي مندائتي فصل جو داڻو ٿلهو ۽ صحت مند ٿئي ٿو ۽ ڦڳڻ مهيني ۾ پوکيل پاڇاٽي فصل جو داڻو ماريل ۽ ڪمزور ٿئي ٿو ۽ ٻاڪري جي ڦولهرين وانگر ٿيندو آهي..

  • ڦڳڻ ڦُلهاريو رات سيارو ڏينهن اُونهارو
  • ڦڳڻ ڦوڪارو، نه ٽِنگَ نه ٽارُو

مطلب؛ ڦڳڻ مهيني جي خاصيت اها آهي ته ڏينهن جو ٺيڪ ٺاڪ گرمي ۽ خوشگوار موسم هوندي، پر سج لٿي کانپوءِ رات جو ٿڌڪار، سيءَ جي شدت ۽ صبح سوير خشڪ سردي سبب باقاعدي سيارو محسوس ٿيندو آهي، ان دوران سنڌ ۾ باغن اندر نئين سال لاءِ انبن ۾ پيدا ٿيل ٻُور ڦُولهارجڻ شروع ٿيندو آهي، ان ڪري هي مثال ڏنو ويندو آهي ته ”ڦڳڻ ڦُلهاريو رات سيارو ڏينهن اونهارو“ ان انبن جي ٻُور جي عجيب خوشبوءِ ڀرپاسي ۾ صبح ۽ شام جو محسوس ٿيندي آهي

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾

  • آئي رُت بسنت ڪي، ڦڳڻ ڦُلاريو، پيچرو پرينءَ جو، مون کي ڏاتر ڏيکاريو، جڏ نمي نهاريو، تي ڦُل ڏسيو ڦاٽي هنيون!
  • انگوري اور ڪيتڪي، ڦُولي ڦڳڻ ماه، جي سجن هو من ماه، ته ڦل پسيو ڦولي هنيون.

حوالا

Tags:

ڦڳڻ ٻيا نالا جاڦڳڻ علم نجوم ۾ڦڳڻ هولي جو ڏڻ ۾ڦڳڻ تلسي پوڄا ۾ڦڳڻ بابت چوڻيونڦڳڻ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ڦڳڻ حوالاڦڳڻسالسنبت وڪرمي ڪئلينڊرسنڌيمانگھمهينوچيٽڪئلينڊر

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

اينھئي صوبولارنس آف عربيہبڪرمي ڪئلينڊربرابر عالمي وقتشمسي توانائيعالمي معياري ڪتاب نمبرقاهرهآذربائيجانڪرنگهي وارا جانورپاڻيائٽم بم25 جُولاءِميان نصير محمد ڪلھوڙوموبائل فونبلگارياوقت پٽوڀوبينسورسورٺ راءِ ڏياچسئو ورهين جي جنگاسماعيلي شيعہاٽليمحبتدوري جدولحسابي سراسري5 فيبروري500عسنڌي ادبي سنگتفرانسحرف صحيحجيئي سنڌ قومي محاذسنڌي شاعريسوويت يونينيوروشياتائيوان22 نومبر1167ع1904عنازبو23 فيبروريآمريڪي گهرو ويڙههمريخسوڊيئمارسطو24 سيپٽمبراٿينسعثماني خلافت15 آگسٽٽم ڪُڪالاھيات20 نومبرڪريئيٽيو ڪامنز اجازت نامواتر آمريڪا1398عروايت1728عمُک صفحوعثماني سلطنتنيوٽرانٻڌمتڌرتيءَ جو ڏينھنفحش اداڪارباغباني🡆 More