ٿائيلينڊ (انگريزي ٻولي: Thailand) جو سرڪاري نالو موانگ ٿائي، پراٿٽ ٿائي (انگريزي ٻولي: Kingdom of Thailand) ۽ پراڻو نالو سيام (Siam) آهي.
ٿائي ٻوليءَ ۾ هن جي معنيٰ ”آزاد ماڻهن جي ڌرتي“ آهي، ڇو ته ڪنهن به يورپي ملڪ هن کي فتح نه ڪيو. ٿائيلينڊ جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 24 جون 1932ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جي ميمبرشپ 15 ڊسمبر 1946ع کان ٿيل آهي.
ٿائيلينڊ جي بادشاھت ราชอาณาจักรไทย (ٿائي) Ratcha-anachak Thai | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
سائي رنگ سان ڏيکاريل ٿائيلينڊ جو مقام مڪانيت ٿائيلينڊ (green) نقشو ASEAN (dark grey) – [Legend] | |||||
گادي جو هنڌ | بينگڪاڪ 13°45′N 100°29′E / 13.750°N 100.483°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | بينگڪاڪ | ||||
دفتري ٻوليون | ٿائي | ||||
ڳالھائجندڙ ٻوليون |
| ||||
نسلي گروھ (2009; 2011سانچو:RP) |
| ||||
مذهب | ٻڌازم 94.5 پرسنٽ, اسلام 4.29 پرسنٽ ۽ عيسائي 1.17 پرسنٽ باقي ھندو ۽ ٻيا. | ||||
مقامي آبادي | ٿائي سيامي (پراڻي وقت ۾ ) | ||||
حڪومت | يونيٽري پارليامينٽري آئيني بادشاهت فوجي آمريت جي ماتحت | ||||
• شاھي سربراھ | مھا وجيرا لانگوڪارن | ||||
• وزيراعظم | پريووت چنوچا | ||||
مقننه | نيشنل ليجسليٽو اسيمبلي | ||||
ٿائيلينڊ جي تاريخ | |||||
• سکو ٿائي | 1238–1448 | ||||
• آيوتيا بادشاھت | 1351–1767 | ||||
• ٿنبوري بادشاھت | 1768–1782 | ||||
• رتناڪوسن بادشاھت | 6 April 1782 | ||||
• سيامي انقلاب ۽ آئيني بادشاهت | 24 June 1932 | ||||
• موجودہ آئين | 6 April 2017 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي | 513٬120 km2 (198٬120 sq mi) (50th) | ||||
• پاڻي (%) | 0.4 (2,230 km2) | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو | 68,863,514 (20th) | ||||
• 2010 مردم شماري | 64,785,909 | ||||
• گھاٽائي | 132.1 /km2 (342.1 /sq mi) (88th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $1.296 trillion | ||||
• في سيڪڙو | $18,734 | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $514.700 billion |
101°18′E / 15.4°N 101.3°E
هي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو اهم ملڪ آهي. هن جي اتر ۽ اولهه ۾ ميانمار (برما)، اتر ۽ اوڀر ۾ لائوس، ڏکڻ اوڀر ۾ ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ نار، ڏکڻ ۾ ملائيشيا، ڏکڻ اولهه ۾ انڊيمان سمنڊ آهي. ٿائيلينڊ جي ڪل پکيڙ 513115 چورس ڪلوميٽر (198062 چورس ميل) ۽ آبادي 6 ڪروڙ 11 لک 64 هزار آهي. گاديءَ جو هنڌ بينڪاڪ (Bangkok) آهي ۽ سڀکان مٿانهون هنڌ ڊوئي انٿانون (بلندي: 2595 ميٽر) آهي.
ٿائيلينڊ جي سرڪاري ٻولي ٿائي آهي ۽ جڏهن ته هتي لائو، چيني، ملائي ۽ انگريزي پڻ ڳالهائي وڃي ٿي.
هتان جي موسم گرم، گهميل، پر سٺي هوندي آهي، مارچ کان مئي تائين گرمي، جون کان آڪٽوبر تائين برساتون ۽ نومبر کان فيبروريءَ تائين سيءُ پوندو آهي.
ٿائيلينڊ ۾ آئيني بادشاهت آهي.بادشاهه رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ) ۽ هٿياربند فوج جو ڪمانڊر انچيف آهي. وزيراعظم حڪومت جو اڳواڻ آهي، جيڪو سرڪاري طور رياست جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. اسيمبليءَ جا ميمبر بادشاهه جي منظوريءَ سان وزيراعظم کي چونڊيندا آهن.
ٿائي لينڊ جي مکيه زرعي پيداوار ۾ چانور، مڪئي، ٻج، ناريل، ڪمند، رٻڙ، ڪپهه، تماڪ آهي ۽ مکيه صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، چانور ۽ کنڊ جي پيڪنگ، ڪپڙو اڻڻ، ريڊي ميڊ وڳا، اليڪٽرانڪ شيون، سيمينٽ، ڪاغذ ۽ سياحت اهم آهن.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ٿائيلينڊ, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.