ٽيليويزن

ٽيليويزن يا ڏور ڏسڻي انگريزي ٻولي: Television هن سان برقي حرڪت ذريعي تصوير ۽ آواز کي گڏ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ مراد آهي.

هن ۾ ڪنهن شخص يا شيءِ سان منعڪس ڪيل روشني، پهرين برقي حرڪت ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي، پوءِ وري هن برقي حرڪت کي هڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي پهچائڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. آخر ۾ برقي حرڪت، روشنيءَ ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي ته جيئن هن مان هڪ ڏسي سگهجندڙ تصوير ٺهي وڃي.

ٽيليويزن
2008 ۾ نڪتل ھڪ دڪان ۾ وڪري لاءِ رکيل فليٽ اسڪرين ٽيليويزنن جي تصوير

ايجاد

ٽيليويزن جي تڪميل 1873ع ۾ هن انڪشاف کان پوءِ ٿي ته سيلينم تي روشني پوڻ سان اُن جي برقي مواصليت تبديل ٿي ويندي آهي. شروع شروع ۾ سيلينم جا خانا استعمال ڪيا ويا، پر اطمينان جوڳو نتيجو برقيائي ٽيوب (Electronic Tube) فوٽو ٽيوب (Photo Tube) جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ حاصل ٿيو.

دريافت

1897ع ۾ سر جي. جي. ٽامن برقي ٽيوب جي ماهيت دريافت ڪئي. 1905ع ۾ آئن اسٽائن فوٽو ڪيميڪل افيڪٽ (Photo Chemical effect) جي نظريي کي تڪميل تائين پهچايو. 1906ع ۾ لي دي فاريسٽ فلائي ٽيوب ٺاهي. اِئين 1930ع کان 1940ع تائين ٽيلي ويزن جو ساز ۽ سامان تجربي گاهه ۾ تڪميل تي پهتو. -ٻي عالمي جنگ- ۾ ٽيليويزن بازار ۾ پهتي. ٽي ويءَ جو بنيادي اصول اهو آهي ته ايندڙ تصوير کي ننڍن ننڍن ذرن ۾ ورهائي پهچايو وڃي. -ٽيليويزن- تجارتي پيماني تي 1953ع ۾ شروع ٿي. -ان- جي ڪئميرا لاڳاپيل منظر کي سرخ، سبز يا بلو رنگ ۾ تقسيم ڪندي آهي. ٽئي رنگ الڳ الڳ وصول ڪندڙ -اوزار- ۾ پهچندا آهن، -جتي- اهي هڪ خاص تصويري نليءَ تي گڏ ٿيندا آهن ۽ اک جو پورو رنگين منظر ڪاري ۽ اڇي رنگ ۾ ڏيکاري ڏيندو آهي. -ٽيليويزن- جي ايجاد ۾ ڪيترن ئي سائنسدانن جو حصو آهي، پر -ان- جي ڪاميابي اسڪاٽ لئنڊ جي هڪ انجنيئر جان بيئرڊ جي هٿان ٿي.

ٽيليويزن 
Baird in 1925 with his televisor equipment and dummies "James" and "Stooky Bill" (right).

1920 ۾ جڏھن ايمپليفڪيشن ٽيليويزن جي ٺھڻ کي ممڪن بڻايو تڏھن اسڪاٽس موجود جان لوئي بيئرڊ پنھنجي پروٽو ٽائيپ وڊيو سسٽم ۾ نپڪو Nipkow ڊسڪ لڳائي. 25 مارچ 1925 تي ھن لنڊن ۾ سيلفرج جي ڊپارٽمينٽ اسٽور تي ھن Silhouette تي تصويري حرڪت کي نشر ڪرڻ جو ماڻھن سامھون مظاھرو ڪيو. 30 سيپٽمبر 1929ع تي بي بي سي دنيا جو پهريون -ٽيليويزن- پروگرام پيش ڪيو. -ان- ۾ بيئرڊ جيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويو هو.

رنگين ٽيليويزن

رنگين ٽيليويزن 20 صديءَ جي وچ ۾ ايجاد ٿي.دنيا جي پھرين رنگين ٽيليويزن ٽرانسميشن جو سڀ کان پھريون مظاهرو بہ جان لوئي بيئرڊ 3 جولائي 1928 ۾ ڪيو.. پاڪستان ۾ سڀ کان پهرين ٽيليويزن اسٽيشن 1964ع ۾ لاهور ۾ ڪم شروع ڪيو. -ان- کان پوءِ ڊاڪا، ڪراچي، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئٽا اسٽيشنون قائم ڪيون ويون. 1977ع جي شروع ۾ رنگين پروگرام پيش ڪيا ويا.

ٽيليويزن 
Color bars used in a test pattern, sometimes used when no program material is available.

حوالو

حوالا

Tags:

ٽيليويزن ايجادٽيليويزن دريافتٽيليويزن رنگين ٽيليويزن حوالوٽيليويزن حوالاٽيليويزنآوازانگريزيروشني

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سنڌ جي تاريخجان مڪيننانگشيخ ايازسنڌ1994عڪينيڊاعيسوي تقويمفاطمه زهراهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجميڊياوڪيجي ايم سيدوڪيپيڊياهنگرياعرابگڏيل بادشاھتشھنشاھي بارگاھآخرتپهاڪوسربياسويڊش ٻوليمحمد بن قاسمبارڪ اوباماايشياڪوروناوائرس روڳ 20191 نومبرٻين مھاڀاري جنگاٽليرومي سلطنت1213عسنڌي ٻوليسج گرهڻسڪندر اعظمروھڙيھاريسينيگالگوگلبرونڊياتر آمريڪاائينيمري شملاوٻاسيسائيڪلٽيڪنالاجيآزاديسارس ڪووي 2پاڪستان جو سينيٽمحمد عثمان ڏيپلائيروبوٽ🡆 More