ٽوگو:(انگريزي: Togo ) (i/ˈtoʊɡoʊ/) جنھن جو سرڪاري نالو ٽوگليز ريپبلڪ آهي، اولھ آفريڪا جو ھڪ خودمختيار ملڪ آھي جنھن جون سرحدون اولھ م گھانا، اوڀر ۾ بينن، اتر ۾ بورڪينا فاسو ۽ ڏکڻ ۾ گني واري سمنڊ سان ملن ٿيون. ھن ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ لومي شھر آھي جيڪو گني واري سمند تي واقع آهي. ٽوگو جي پکيڙ 57000 چورس ڪلوميٽر آهي اھڙي طرح آفريڪا جي ننڍڙن ملڪن ۾ شامل آھي جنھن جي آبادي اٽڪل ڏھ لکن جي لڳ ڀڳ آهي. ھن ملڪ واري خطي م يارھين کان سورھين صديءَ دوران مختلف قبيلا لڏي ڦھلجندا ويا. ملڪ جو ساحلي علائقو غلامن جي خريد۽ فروخت جو مرڪز ھيو جتي يورپي واپاري اچي خريداري ڪندا هئا. ان واپار ھن ملڪ جي ساحل کي غلامن جي ساحل طور مشھوري ڏني. 1884 ۾ جرمني ھن علائقي جو نالو ٽوگو لينڊ کي پنھنجي زيرنگراني علائقو (Protectorate) بڻائي ڇڏيو. پھرين جنگ عظيم م ھن ملڪ جي حاڪميت فرانس جي حوالي ٿي. 1960 ۾ ھن ملڪ فرانس کان آزادي ورتي. 1967 ۾ ڪميونسٽ مخالف نيسنگبي آياديما فوجي بغاوت ذريعي ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ھڪ جماعتي ڊڪٽيٽر شپ قائم ڪئي. 1993 م ھتي گھڻ جماعتي صدارتي چونڊون ٿيون جن م ھي ڌانڌلي جي الزامن ۾ کٽي آيو ۽ اھڙي طرح ملڪ جو لاڳيتو ٽي ڀيرا صدر رھيو. مرڻ تائين ملڪ جو صدر رھيو. ان وقت ھن جو صدارتي عھدي جو لاڳيتو ڪل مدو 38 سال ھجڻ جي ڪري آفريڪا جو سڀ کان گھڻي دير تائين صدر رھڻ جو اعزاز رکندڙ حاڪم ھيو. 2005 م سندس پٽ فوري نيسنگبي (Faure Gnassingbé) صدر چونڊجي آيو.
ٽوگوليز ريپبلڪ République togolaise (French) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
مڪانيت ٽوگو (تيز نيرو رنگ) | |||||
گادي جو هنڌ | لومي 6°8′N 1°13′E / 6.133°N 1.217°E | ||||
سڀ کان وڏو شهر | لومي | ||||
دفتري ٻوليون | فرانسيس | ||||
تسلیم ٿيل قومي ٻولي | ايو • ڪابيي | ||||
نسلي گروھ | 99% ايو, ڪابيي , ٽيم , گوئرما , ۽ 33 ٻيا آفريڪي گروہ 1% يورپي، شامي نسل وارا لبناني | ||||
مقامي آبادي | ٽوگوليزي | ||||
حڪومت | وحداني غالب پارٽي صدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر | فئوري نيسنگي | ||||
• وزيراعظم | ڪومي سيلوم ڪلاسوء | ||||
مقننه | نيشنل اسيمبلي | ||||
آزادي | |||||
• فرانس کان | 27 اپريل 1960 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي | 56٬785 km2 (21٬925 sq mi) (123rd) | ||||
• پاڻي (%) | 4.2 | ||||
آبادي | |||||
• 2017 اندازو | 7,965,055 (99th) | ||||
• 2010 مردم شماري | 6,337,000 | ||||
• گھاٽائي | 125.9 /km2 (326.1 /sq mi) (93rde) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $12.433 billion (150th) | ||||
• في سيڪڙو | $1,468 | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2017 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل | $4.797 ارب ڊالر |
ٽوگو جي موسم گرم آھي ۽ ھتان جا ماڻھو صحارا جي قوم سڏبا آهن جن جي معيشت زراعت تي دارومدار رکندڙ آھي ۽ اھا موسم سندن پوکن م فائدو پھچائيدڙ آهي. ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي فرينچ يا فرانسيسي آھي. ماڻھن جو مذھب راوايتي آفريڪي عقيدي تي مشتمل آهي پر عيسائي ۽ مسلمان بہ ھتي نمايان اقليتون آھن.
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article ٽوگو, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.