يورينس

يورينس URANUS (سنڌي:وار وڻي گِرَهَ، ھرشل، يؤرينس) جديد زماني جو دريافت ٿيندڙ ھي پھريون گرھ آھي.

ان کان پھرين قديم اسٽرونومرز رڳو مرڪري، زھرہ ، مريخ ، مشتري ۽ زحل تي ڳالھائيندا ھئا ۽ انھن تي ريسرچ ڪندا ھئا .

يورينس ⛢
يورينس
Pictured as a featureless disc by Voyager 2 in 1986
دريافت
دريافت ڪيو William Herschel
دريافت ٿيڻ جي تاريخ چُڪَ:ناقابلِڪار وقت.
نالي جي وضاحت
اچار Listeni/ˈjʊərənəs/ or Listeni/j[unsupported input]nəs/
نالي جون صفتون Uranian
مدار جون وصفون
تاريخي زمانو (فلڪيات) Epoch J2000
ايفي ھيلن 20.11 AU
(3,008 Gm)
پيري ھيلن 18.33 AU
(2,742 Gm)
اڌ وڏو محور 19.2184 AU
(2,875.04 Gm)
مدار جي بي قائدگي 0.046381
مدار جو مدو
  • 84.0205 yr
  • 30,688.5 days
  • 42,718 Uranian solar days
سائنوڊڪ مدو 369.66 days
مدار جي سراسري رفتار 6.80 km/s
سراسري ۾ غلطي 142.238600 °
مدار ۾ لاٿ 0.773 ° to ecliptic
6.48° to Sun's equator
1.02° to invariable plane
بلندي يا چڙھائي 74.006 °
دليل o پيري ايپسس
96.998857 °
جملي قدرتي سيٽلائيٽ 27
طبعي وصفون
نيم قطر جي سراسري 25,362±7 km
استوائي نيم قطر 25,559±4 km
4.007 Earths
جاگرافيائي قطب جو نيم قطر 24,973±20 km
3.929 Earths
ھمواريت 0.0229±0.0008
قطر 159,354.1 km
سطح جي ائوري
(Surface aurie)
8.1156×109 km2
15.91 Earths
مقدار 6.833×1013 km3
63.086 Earths
وزن 8.6810±0.0013×1025 kg
14.536 Earths
GM=5,793,939±13 km3/s2
گھاٽائي 1.27 g/cm3
سطحي ڪشش ثقل 8.69 m/s2
0.886 g
انرشيا فيڪٽر جي 0 حرڪت
0.23 (estimate)
ايسڪيپ ويلوسٽي
21.3 km/s

يورينس جي کوجنا اسان جي نظام شمسي جي حدن کي اڳيان وڌائي ڇڏيو جيڪي مشتري تائين محدود ھو .

ھي گرھ 13 مارچ 1781ء ۾ سر وليئم مارشل دريافت ڪئي . ھي ٽيلي اسڪوپ ذريعي دريافت ٿيندڙ پھريون گرھ پڻ آھي . جيتوڻيڪ ھن کي پراڻي زماني ۾ ڪڏھن به گرھ نه مڃيو ويو . ڇو ته ھي گھٽ چمڪندو آھي ۽ ھن جو چڪر پڻ آھستي آھي . ڏسڻ ۾ ھي صفا ستارن وانگي نظر ايندو آھي .

شروع ۾ ھرشل به ھن کي ستارو سمجھندو رھيو . ھرشل کان علاوه به ڪئي علم نجوم جي ماھرن ھن کي ستارو سمجھندا رھيا . سويڊش علم نجوم جي ماھر Anders John Lexell ھن جي مدار تي ريسرچ ڪيائين ۽ ان کي سياري وانگي ڏٺائين . ھن ٻڌايو ته ھرشل جو دريافت ڪيل آسماني جسم درحقيقت ھڪ گرھ آھي جيڪو ٻين گرھن وانگي سج کي مدار ۾ پڻ ڦري ٿو .

ھن جو نالو King George 3 رکيو ويو پر ھي نالو قبول عام نه ڪيو ويو . ٻين گرھن وانگي ھن جو نالو به رومن ميٿالوجي جي تحت يورينس رکيو ويو . ھن کي قبول عام ڪيو ويو . جيڪو رومن ميٿالوجي ۾ زحل جو پي ۽ مشتري جو ڏاڏو آھي . رومين جو آسماني ديوتا پڻ آھي .

يورينس اسان جي نظام شمسي جو ستون گرھ ۽ وزن ۾ چوٿون وڏو گرھ آھي . ھي سج کان ٽي بلين ڪلو ميٽر پري آھي . سج جي روشني ھن تائين پڄڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ لڳن ٿا . گھڻو پري ھئڻ ڪري سج جي روشني زمين جي مقابلي ۾ 400% سيڪڙو گھٽ پڄي ٿو .

يورينس سج جو چڪر 84 زميني سالن ۾ مڪمل ڪندو آھي . پنھنجي مدار ۾ ھي ھڪ چڪر 17 ڪلاڪ چوڏھن منٽن ۾ پورو ڪندو آھي . ھن چڪر دوران ھن تي رات ڏينھن ناھن ٿيندا . ڇو ته ھي 90 ڊگري تي جھڪيل آھي . ڪجهه وقت لاء ھن تي رات ڏينھن وارو ڦيرو ٿئي ٿو . اسان لاء ھي اڃان راز آھي ته ائين ڇو آھي .

يورينس جسم ۾ نيپچون کان ٿورو وڏو آھي . ھن جا 27 چنڊ آھن . يورينس کي چوڌاري تيرنھن کن گول دائرا زحل وانگي پڻ آھن . جيڪي پٿر ۽ برف جا ٽڪڙا آھن . اھي رنگ اسان مشتري ، زحل ، نيپچون تي پڻ ڏٺا آھن . ھن جي چنڊن جا نالا پوپ ۽ شيڪسپيئر جي ڪردارن مان ورتل آھن .

20 آگسٽ 1977 تي موڪليل وائجر 24 جنوري 1986 ۾ يورينس جي سسٽم داخل ٿيو . وائجر 2 يورينس ڏانھن موڪليل پھرين ۽ آخري اسپيس ڪرافٽ آھي .

ھن جي درجه حرارت ڪاٽو 224 ڊگري آھي . جيڪو اسان جي نظام شمسي جو سڀ کان ٿڌو گرھ آھي . ان لاء ھن کي Ice Giat برفاني پربت چئبو آھي . ھن تي ھوا جي اسپيڊ 560 ميل في ڪلاڪ تائين ھجي ٿو .

سج کان ھن جو مفاصلو زحل کان ٻيڻ آھي .

حوالا


Tags:

مريخ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

پاڪستانآڱرسنڌصفوران ڳوٺ، ڪراچيمسلمانامر سنگھ چمڪيلاآءِ پي ايڊريسثميره زرينحرف نداسنڌي ٻوليھائڊروجنجمال ابڙومخدوم بلاولايسپ جو آکاڻيون31 آگسٽاسلام ۾ ابراهيمسويڊش ٻوليڌرتيءَ جو ڏينھنڪيٽي بندر1947عپاڪستان جو آئينمريخشمن علي ميراليڪائونٽيشاھ عبداللطيف ڀٽائيمذهبپي پي-125 (جھنگ-1)نباتياتلاس اينجلس ٽائمزٽيڪنالاجيموسيقيورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪپاڪستان جو سينيٽپاڪستان ۾ ريلوي اسٽيشنن جي فھرستتجنيس حرفيڪينسرآذربائيجان غاليچو ميوزيمآزاد ڪشمير جي تعلقن جي فهرستمحمد علي جناححاجي فقير الله علويیوگینڊاضمير استفھامتخيلاتيگریز نيشنل پارڪپاڪستان جا انتظامي ايڪاهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجڊراموآسٽريليا29 نومبرسکر بئراجزڪواتانگريزي وڪيپيڊياموناڪو🡆 More