وينس: سج کي ٻيو سڀ کان ويجھو گرھ

وينس (انگريزي ٻولي: Venus) يا زهره سيارو پڻ اسان واري سج منڊل يا شمسي نظام جو حصو آهي.

وينس ♀
Venus in approximately true colour, a nearly uniform pale cream, although the image has been processed to bring out details.[1] The planet's disc is about three-quarters illuminated; almost no variation or detail can be seen in the clouds
A real-colour image taken by Mariner 10 processed from two filters, the surface is obscured by thick sulfuric acid clouds
نالي جي وضاحت
اچار Listeni/ˈvnəs/
نالي جون صفتون Venusian or (rarely) Cytherean, Venerean
مدار جون وصفون
تاريخي زمانو (فلڪيات) Epoch J2000
ايفي ھيلن
  • 0.728213 AU
  • 108,939,000 km
پيري ھيلن
  • 0.718440 AU
  • 107,477,000 km
اڌ وڏو محور
  • 0.723332 AU
  • 108,208,000 km
مدار جي بي قائدگي 0.006772
مدار جو مدو
  • 224.701 day
  • 0.615198 yr
  • 1.92 Venus solar day
سائنوڊڪ مدو 583.92 days
مدار جي سراسري رفتار 35.02 km/s
سراسري ۾ غلطي 50.115°
مدار ۾ لاٿ
  • 3.39458 ° to ecliptic
  • 3.86° to Sun's equator
  • 2.19° to invariable plane
بلندي يا چڙھائي 76.680°
دليل o پيري ايپسس
54.884°
جملي قدرتي سيٽلائيٽ None
طبعي وصفون
نيم قطر جي سراسري
  • 6,051.8±1.0 km
  • 0.9499 Earths
ھمواريت 0
سطح جي ائوري
(Surface aurie)
  • 4.6023×108 km2
  • 0.902 Earths
مقدار
  • 9.2843×1011 km3
  • 0.866 Earths
وزن
  • 4.8675×1024 kg
  • 0.815 Earths
گھاٽائي 5.243 g/cm3
سطحي ڪشش ثقل
  • 8.87 m/s2
  • 0.904 g
ايسڪيپ ويلوسٽي
10.36 km/s (6.44 mi/s)

طبعي خصوصيتون

اسان جي ڌرتيءَ وانگر وينس پنهنجي چوڌاري به ڦري ٿو ته سج جي چوڌاري به. بلڪہ وينس کي ته اسانجي ڌرتي سَياري جي ڀيڻ سڏيو وڃي ٿو، جو ٻئي سيارا جهڙوڪر هڪ جيڏا آهن. ڌرتيءَ جو قطر Diameter 13000 ڪلوميٽر آهي ۽ وينس جو 12000 ڪلوميٽر آهي. تور ۾ به ڌرتي جي لڳ ڀڳ آهي. شڪل صورت ۾ به ڌرتيءَ جهڙو جابلو علائقو اٿس. پر باقي حالتون اهڙيون اٿس جو ان تي ڪنهن انسان يا جيت، جانور لاءِ رهڻ ڏکيو آهي. اسان جي هوا ۾ آڪسيجن ۽ ان کي هلڪو ڪندڙ گئس نائٽروجن آهي. وينس تي 95 سيڪڙو ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ آهي. وينس تي سڄو سال 500 ڊگريون ٽيمپريچر آهي، جيڪو تمام گهڻو آهي. 100 ڊگرين تي ته پاڻي ٻاڦ ٿيو وڃي ۽ هوا (يعني ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪا وينس جو Atmosphere ٿي ٺاهي) جو دٻاءُ ڌرتيءَ جي Atomospheric pressure کان 92 دفعا وڌيڪ آهي. يعني ان ۾ ڌرتيءَ جو انسان يا جانور ايتري ته چيڀاٽ محسوس ڪري جو جسم جي اندر جو رت ۽ پاڻيٺ ٻاهر نڪري اچي.

وينس ڌرتيءَ کان 42 ملين ڪلوميٽر پري سج جي ويجهو آهي. سج جي سڀ کان ويجهو مرڪري (عطارد) سَيارو آهي ان کان پوءِ وينس (زهره) ۽ پوءِ ڌرتي آهي. وينس سَيارو ڌرتيءَ کان سج ڏي وڌيڪ ويجهو هجڻ ڪري، وينس سج جي چوڌاري اسان وارن 225 ڏينهن ۾ چڪر پورو ڪري ٿو، جيڪو چڪر اسان جي ڌرتي 365 ڏينهن ۾ ڪري ٿي. پر وينس سَيارو پنهنجي محور جي چوڌاري تمام آهستي ڦري (Rotate) ٿو. ايترو آهستي جو هڪ ڦيرو (يعني ڏينهن رات) 243 اسان وارن ڏينهن ۾ ڪري ٿو. يعني وينس سياري تي بيهي سج اُڀرڻ جو نظارو ڪجي ته ٻيو دفعو سج 243 ضربيان 24 ڪلاڪن کان پوءِ اُڀرندو. ٻي ڳالهه ته وينس سيارو اُبتو ڦري ٿو ان ڪري وينس وارن لاءِ سج اولهه کان اُڀري، اوڀر طرف لهي ٿو. انگلينڊ ۽ يورپ پاسي هن سَياري کي مارننگ ۽ ايونگ تارو سڏجي ٿو، جو هي تارو (سيارو) يا ته شام جو نظر اچي ٿو يا صبح جو. هندو جوتش ۾ وينس کي شڪرا سڏين. ٽيلي اسڪوپ جي ايجاد کان اڳ اولهه ۾ هن تاري کي Wandering Star (رول تارو) پڻ سڏيندا هئا.

حوالا


Tags:

انگريزي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

برجروزانه ڪاوشآلو ارجنڪوٽ ڏيجي قلعوطوطوانگاڳاڙيمعاويہ ابن يزيدارسطواسلامي موڪلونٻين مھاڀاري جنگفھرست سنڌ جون ذاتيونوڻڪارونجھر جبل جو سلسلوڪوالالمپوروھانءُمخدوم نوحمالدوواسگريٽ نوشيدؤروحيگوگلعيدتنزانياموهن جو دڙومسلمانڪاروبارگرو گرنٿ صاحبموسمباليووڊروجھوالٽئرادب ۽ تنقيدعوامي جمهوريا ڪانگوگھريلو جھرڪيوڪي مينياھاسيہ رسپليڪوزوئاسينگاپورتيونسڪڪڙپنڊي گھيبلفظائٽمقومي راڄڌانين جي فهرستچنڊ1200عحيدرآباد، ڀارتدوستيليکڪحاجي فقير الله علويجاپاني ٻوليڪوروناوائرس روڳ 2019گڏيل بادشاھتسماجي اڀياسادبٻوٽاآءِ پي ايڊريسپاڪستاني رپيوخود آگاهيقزاقستاناک جي ماڻڪي🡆 More