هائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج

هائيپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج (انگريزي: Hypertext Markup Language، مخفف: HTML، اچار: ايڇ ٽي ايم ايل) هڪ اهڙي معياري ٻولي آهي، جيڪاويب سائيٽس ٺاهڻ جي لاءِ ڪم ايندي آهي ان سان گڏ جاوا اسڪرپٽ ۽ ڪيسڪيڊ اسٽائيل شيٽ سبب ويب سائيٽس کي وڌيڪ خوبصورتي ملندي آهي.

انٽرنيٽ تي جيڪي به ويب صفحا نظر ايندا آهن اهي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ٺهيل هوندا آهن. ايڇ ٽي ايم ايل (HTML ) يعني Hyper Text Markup Language ڊاڪومينٽ کي ويب پيج پڻ سڏيو ويندو آهي.

ويب برائوزر عام طور تي ايڇ ٽي ايم ايل جا ڪوڊ حاصل ڪري ٿو ۽ انهن کي هڪ سهڻي نموني پيش ڪري ٿو.

ايڇ ٽي ايم ايل جا ڪوڊ ٽيگ جي ذريعي ڪم ڪن ٿا. جنهن ۾ ٻه ٽيگ هونديون آهن، پهرين شروعاتي ٽيگ ۽ ٻي آخري ٽيگ.

شروعاتي هن ٽيگ کي Opening tag چئبو آهي. آخري هن کي Closing tag چئبو آهي.

ايڇ تي ايم ايل کي نوٽ پيڊ، نوٽ پيڊ پلس پلس يا ڊريم ويوور ۾ لکي سگھجي ٿو. ويب پيج ڏسڻ لاءِ ڪوبه ويب برائوزر جهڙوڪ انٽرنيٽ ايڪپلورر، گوگل ڪروم يا موزيلا فائرفاڪس ڪافي آهن. هونءَ به جڏهن اسان ايڇ ٽي ايم ايل ۾ ڪوڊنگ لکندا آهيون ته دراصل اسان ويب برائوزر کي هدايتون ئي ته ڏيندا آهيون ته اسان جو ويب صفحي کي اهو ڪيئن ظاهر ڪري.

1992ع ۾ Tim Berners Lee ويب پيج متعارف ڪرايو ۽ 1995ع ۾ مائڪرو سافٽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پهريون ڀيرو قدم رکندي انٽرنيٽ ايسڪپلورر  متعارف ڪريو جنهن کان پوءِ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ وڏين وڏين ڪمپينين منجهه مقابلو شروع ٿيو. آپريٽنگ سسٽم مھيا ڪندڙ ڪمپنين جهڙوڪ مائڪرو سافٽ، ايپل، لينڪس وارن انٽرنيٽ پروٽوڪول جو سافٽويئر مفت ۾ محيا ڪيو.  انٽرنيٽ پروٽوڪول جو پروگرام 1970ع ۾ Defense Advanced Research Projects Agency) DARPA) ايجاد ڪيو ۽ World Wide Web  ان تي ئي بيهڪ رکي ٿي

ايڇ ٽي ايم ايل جا ٻيا ڪيترائي نسخا پڻ آهن جن ۾ DHTML, XML, SHTML مشهور آهن.

هن وقت دنيا ۾ 1.8 ارب ويب سائيٽس موجود آهن، جن جو بنيا ايڇ ٽي ايم ايل آهي.

Tags:

انگريزياچارمخففويبسائيٽ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

جلال چانڊيوسنڌ جي تاريخراشد بهبودوفانقلابشيخ ايازاديتي ڀاٽياانسائيڪلوپيڊيانيپچونڪمپيوٽریوگینڊا4 آڪٽوبرھائڊروجنسج گرهڻڪيلوايشياشمس العلماءايڪواڊوراسلام ۾ آدمسڊنيحرف جملوممتاز مرزاویب برائوزروڪي لغتڪائونٽيائينيمري شملٽيلي ڪميونيڪيشناپريلارجنٽائنويب سائيٽ1909عپاڪستانسينٽ پيٽرسبرگآڪاش منڊلهجري ڪئلينڊرآزاديبجليولیم شیڪسپیئرفرانسيسي ٻوليپريوگمادوآفريڪا ۾ اسلاملاس اينجلس ٽائمزآڪسفورڊ يونيورسٽيشاديانگريزي وڪيپيڊياواچوڙوعارف علويايشيا ۾ اسلامسرشٽيشاهه جو رسالواتر آمريڪا31 جنوريآرائين (ذات)سنسڪرتآذربائيجان غاليچو ميوزيموڪيپيڊيالنڊن1 نومبرپاڪستان جو سينيٽ🡆 More