نائورو

نائورو(انگريزي: Nauru) جو سرڪاري نالو نائورو جي ريپبلڪ آھي.

ان جو پراڻو نالو پليزنٽ آئلينڊ ھيو. ھي ملڪ اوشيانا کنڊ جي علائقي جي پيسيفڪ سمنڊ جي ٻيٽن واري علائقيمائڪرونيشيا ۾ واقع آهي. ان جو سڀ کان ويجھو پاڙيسري ملڪ ڪريبتي آھي جنھن جو بانابا ٻيٽ ھن ملڪ جي اوڀر طرف 300 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. ان جي اتر-اولھ ۾ ٽوالو ۽ اتر-اوڀر ۾ 1300 ڪلوميٽرن تي سولومن ٻيٽ واقع آھن اوڀر-اتر م پاپوا نيوگني ، ڏکڻ-اوڀر ۾ مائڪرونيشيا جون وفاقي رياستون ۽ ڏکڻ ۾ مارشل ٻيٽ واقع آهن. نائورو جي ڪل پکيڙ 21 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ مناڪو کان پوء پکيڙ م ھي دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي، ۽ يورپ کان ٻاھر دنيا جو ۽ پيسفڪ سمنڊ جو سڀ کان ننڍڙو ملڪ آهي. آباديبم جي ملڪ ويٽيڪن سٽي اسٽيٽ ۽ ٽوالو کان پوءِ دنيا جو ٽيون نمبر ننڍڙو ملڪ آهي.ھي ملڪ گڏيل قومن، پيسيفڪ آئلينڊ فورم، قومن جي دولت مشترڪه ۽ آفريڪن ڪيريبئن اينڊ پيسيفڪ گروپ آف اسٽيٽس جو رڪن آھي.

جمهوريه نائورو

نائورو ريپبلڪ
Flag of نائورو
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '"سڀ کان اول خدا جي مرضي "
ترانو:  نائورو اسان جو وطن
Location of نائورو
گادي جو هنڌ يارين (اصل ۾ )
0°32′S 166°55′E / 0.533°S 166.917°E / -0.533; 166.917 (Nauru) 166°55′E / 0.533°S 166.917°E / -0.533; 166.917 (Nauru)
سڀ کان وڏو شهر دنيگومودو
دفتري ٻوليون نائوري
انگريزي
نسلي گروھ
  • 58% نائوروئن
  • 26% پيسفڪ ٻيٽن وارا
  • 8% گورا
  • 8% چيني
مقامي آبادي نائووئن
حڪومت وحدانيپارلياماني غير جماعتي جمھوريت
• صدر
لائونل آئنجيميا
•  اسپيڪر
مارڪوس اسٽيفن
مقننه پارليامينٽ
آزادي
• گڏيل قومن جي نگراني ۾, ( يونائيٽيڊ ڪنگڊم ، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ کان)
31 جنوري 1968
پکيڙ
• جملي
21 km2 (8.1 sq mi) (193rd)
• پاڻي (%)
0.57
آبادي
• آڪٽوبر 2018 مردم شماري
11,200 (234th)
•  گھاٽائي
480 /km2 (1٬243.2 /sq mi) (25th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$160 million (192nd)
• في سيڪڙو
$12,052 (94th)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2017 لڳ ڀڳ
• ڪل
$114 million

تاريخ

ھن ملڪ جي ٻيٽن کي 100 ق م ۾ مائڪرونيشيا ۽ پولينيشيا جي ماڻھن وسايو هو. اوڻوھين صدي عيسويءَ ۾ نائورو کي جرمني ڪالوني بڻائي جرمن ايمپائر جو حصو بڻائي ڇڏيو. پھرين جنگ عظيم جي خاتمي بعد ھن ملڪ کي ليگ آف نيشنز جي اختيار ۾ رکيو ويو جنھن جي نگراني آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ يونائيٽيڊ ڪنگڊم جي ذمي ھئي. ٻين جنگ عظيم م جاپان ان تي قبضو ڪيو پوء اتحادي فوجن جي اختيار م آيو. جنگ بعد ھي ملڪ گڏيل قومن جي نگراني ۾ آيو ۽ 1968ع ۾ آزاد ٿيو ۽ 1969ع ۾ پيسيفڪ ڪميونٽي جو رڪن ٿيو.

معيشيت

نائورو فاسفيٽ جي جبلن تي مشتمل ٻيٽ آھي ۽ فاسفيٽ جو وڏو ذخيرو ھيس جيڪو کاڻن ذريعي ڪڍيو ويو. جڏھن فاسفيٽ جا ذخيرا ختم ٿي ويا تہ ان کي ٽيڪس کان آجو ملڪ بڻايو ويو جنھن ڪري غيرقانوني مني لانڊرنگ جو مرڪز ٿي ويو. 2001 کان 2008 تائين ۽ ٻيھر 2012 کان ھن ملڪ جي مالي مدد آسٽريليا ڪندو رھيو آھي ان جي عيوض آسٽريليا اتي غيرقانوني پناهگيرن کي قيد م رکڻ لاء نائورو ريجنل پروسيسنگ سينٽر قائم ڪيو آهي. آسٽريليا تي گھڻي مدار سبب ھن ملڪ کي آسٽريليا جي گراھڪ رياست پڻ چوندا آهن.

حوالا

Tags:

انگريزياوشيانامائڪرونيشيامائڪرونيشيا جون وفاقي رياستونمارشل ٻيٽٽوالوڪريبتي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ضمير (گرامر)ڄام نظام الدين پھريونڪيوڪسبرووخ اسپنوزاجدائيءَ جو گيتترڪي ٻوليخميري اٽوڪيوٽوڪِرگزِستانُطبيبنارجرمن وڪيپيڊياپارليامينٽري نظامچنگڏيوالولٿوينياٽوڪيوپاڪستان ۾ ائٽمي توانائيبگوٽاٻوٽاڪوروناوائرسفٽبالجھنگ ڪاسنيتيشخضمير خالصاسمآفريڪي اتحادپراگدوستيسينگاپورهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجحسام الدين راشديافسانوي ادبڪتابحياتياتي جنسدرخواستڪرناٽڪاانسائيڪلوپيڊياڪمبوڊيامير عبدالحسينلوڻاسلامي موڪلونروسغيداق بن عبد المطلببھيقولپاڪستان ۾ جمھوريتراولا منڊيپورچوگالسنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽيسنڌي ماڻھن جي فهرستپنڊي گھيبڊائرياڪولمبياميڊياوڪيبيتڪڻڪٻين مھاڀاري جنگادب ۽ تنقيدجنطيانہ1930ع🡆 More