مڪئي

مڪئي کنڀين وانگي مڪائي به حقيقت ڪري نڪي ڀاڄي اَهي نڪي ميوو.

اَنن جي قطار ۾ اچي ٿي، ٻاجهريءَ ۽ جوار وانگي هن جا به سنگ ٿين ٿا ۽ انهن وانگي، خريف جي فصل ۾ ٻنين ۾ پوکبي آهي. مگر مڪائيءَ جو ولايتي ٻج جو آمريڪا مان ايندو آهي، سو ڏاڍيءَ سنڀال مان پوکيندا آهن. سنگن جون ڪچڙيون چوٽيون وڍي، کير ۾ ڪاڙهي، تري پوءِ لوڻ ۽ مرچ مصالح لائي، مکڻ سان کائيندا آهن. ڏاڍي لذيذ شيءِ ٿيندي آهي. مڪائي اصل ميڪسيڪو مان آيل چون ٿا، هاڻ ته هندستان ۾ عام ٿي وئي آهي. ٻج سانوڻ ۾ پوکبو آهي، فوٽ فوٽ تي قطارون ڪري اٺن اٺن انچن تي ٻج هڻجي. آگسٽ ۽ سيپٽمبر ڌاري سنگ تيار ٿيندا.

هتي جي مڪائي ٻن قسمن جي آهي، هڪڙي اڇي ۽ ٻي ڳاڙهي، لوڻ لائي ٽانڊن تي پچائي به کائيندا آهن ۽ پاڻيءَ ۾ رڌي به کائيندا آهن. بعضي پِيهي اٽو به ڪندا آهن. ولايت ۾ ته هن جو ميدو ڪري دٻن ۾ آڻيندا آهن، جو کير يا پاڻيءَ ۾ ڪاڙهي کير پياڪ ٻارن کي پياريندا آهن، جنهن کي ڪارن فلور چوندا آهن. مڪائيءَ کي انگريزيءَ ۾ انڊين ڪارن چون ٿا.

حوالا

Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

گریز نيشنل پارڪنظرياتي تنقيددرويشاپريلھائڊروجنفاطمه زهراجلال الدين اڪبرحيدرآباد، سنڌانقلابسنسڪرتمحمد عثمان ڏيپلائيڪينسرپوسٽ امپريشن ازماملتاسپاڪستان ۾ ريلوي اسٽيشنن جي فھرستايٿوپياهجري ڪئلينڊرورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪڪرنگهي وارا جانورتحقيقانساني جسمسنڌجاوا (پروگرامنگ جي ٻولي)سنڌ جي تاريخوڪيپيڊياشاهه عنايت شهيدتجنيس حرفيٻين مھاڀاري جنگوحيمخدوم بلاولجي ايم سيدفرانسيسي ٻوليشمارياتڌرتيءَ جو ڏينھنبارڪ اوباماتعليمموهن جو دڙوپاڪستان جو آئينٽيلي ڪميونيڪيشنانسائيڪلوپيڊيا1996عقاضي قاضن1163عسماجعربمادوهٽلرعالمي معياري ڪتاب نمبربئراج🡆 More