موهنداس ڪرمچند گانڌي

موهنداس ڪرم چند گانڌي(انگريزي: Mohandas Karamchand Gandhi) جنھن کي رابندر ناٿ ٽئگور مھاتما گانڌي سڏيو ۽ ان نالي سان مشھور ٿيو.1915ع ڌاري ڏکڻ آفريڪا کان موٽڻ بعد گانڌي ڀارت جي سياست ۾ شامل ٿيو.

موهنداس ڪرمچند گانڌي
(گجراتي ۾: મોહનદાસ ગાંધી خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
موهنداس ڪرمچند گانڌي 

معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (گجراتي ۾: મોહનદાસ ગાંધી خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 2 آڪٽوبر 1869   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
پور بندر   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 30 جنوري 1948 (79 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
رهائش لنڊن (1888–1 جُونِ 1891)
ڀارت (1 جُونِ 1891–1893)
ڏکڻ آفريڪا (1893–1915)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو رهائش (P551) وڪي ڊيٽا تي
شھريت موهنداس ڪرمچند گانڌي برطانوي راڄ (1869–1947)
موهنداس ڪرمچند گانڌي ڀارت (1947–)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
قد
ڌرم هندومت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو religion or worldview (P140) وڪي ڊيٽا تي
جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of political party (P102) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو سياستدان ،صحافي ،فلسفي ،ليکڪ   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي گجراتي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي هندي ،انگريزي ٻولي ،گجراتي ٻولي ،اڙيا ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي فلسفو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
مؤثر ٿوريو ،ٽالسٽاءِ ،گوتم ٻڌ ،جان رسڪن   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو influenced by (P737) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
دستخط
موهنداس ڪرمچند گانڌي 
ويب سائٽ
موهنداس ڪرمچند گانڌي IMDB تي صفحو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو IMDb ID (P345) وڪي ڊيٽا تي

ان وقت سڄي هندستان تي انگريزن جي حڪومت هئي. گانڌي هڪ خلوص دل انسان، قابل سياستدان ۽ اهنسا جو پرچارڪ هو. سندس جنم 2 آڪٽوبر 1869ع ۾ ٿيو. ڪاٺياواڙي راجڪوٽ رياست جو شهر پوربندر سندس جنم ڀومي آهي. موهن داس يعني غلام ڪرشن جي باري ۾ اهو به چيو وڃي ٿو ته سندس وڏا اصل ۾ ننگر پارڪر کان 12 ميل پري پاري نگر جا رهواسي هئا. هن انگلينڊ مان 1891ع ۾ بيريسٽري پاس ڪئي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي. هن اُتي مئي 1894ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي شاخ قائم ڪئي.

جليانوالا باغ ۾ انگريزن طرفان ڪيل خون ريزي کان پوءِ ھن هندن ۽ مسلمانن کي گڏجي آزاديءَ جي جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ تيار ڪيو. جڏهن سڀني جماعتن جا اجلاس گڏ ٿيڻ لڳا ته گانڌي جي حيثيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو ۽ اهڙي طرح هو مسلمانن توڙي هندن جو محبوب رهنما بڻجي اڀريو. 1922ع ڌاري کيس ڇهن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو پر سندس طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ٻن سالن اندر آزاد ڪيو ويو. 1930ع ۾ هن جڳ مشهور لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ جي هلچل هلائي. ان دوران ٻه ڀيرا کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو. اهڙي طرح سياست ۾ سرگرمي سان بهرو وٺندو رهيو.

آخر 8 آگسٽ 1940ع تي ڪانگريس کان ”هندستان خالي ڪريو“ جو ٺهراءَ پاس ڪرائي شھري نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪرايائين. انگريز سرڪار ڪانگريس کي غيرقانوني جماعت قرار ڏيئي، لکين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري ڇڏيو. ان وقت مسلم ليگ ۽ ڪانگريس وچ ۾ وڇوٽين جي ڪري ٻن الڳ ملڪن جي ورهاست لاءِ ماحول سازگار هو. جڏهن ته گانڌي اهڙي ورهاڱي جي سخت خلاف هو. نيٺ لارڊ مائونٽ بيٽن وائسراءِ ٿي آيو جنهن هندستان کي ورهائي پاڪستان ۽ هندستان طور ٻن الڳ ملڪن جو بنياد وڌو. ان ئي عرصي ۾ مسلمانن ۽ هندن وچ ۾ سخت خون ريزي ٿيندي رهي، گانڌي سمجهوتي لاءِ گهڻي ڪوشش ڪئي ايتري قدر جو هندن جي ڪٽر فرقي پرست جماعت جي هڪ فرد گاڊسي جنوري 30، 1948ع تي صبح جي وقت پستول مان فائر ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. اڄ به ڪروڙين ماڻهو سندس مداح آهن. تاريخ جو هي يگانو فرد آهي، جنهن اهنسا جي پرچار ۾ حياتي گذاري پر نيٺ سندس موت هڪ هنساواديءَ هٿان ٿيو.

مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي مهاتما گانڌي اپيل

جيڪڏهن منهنجو آواز مهاتما جيءَ (Gandhi Jee) تائين پهچي ٿو ته مان کيس درخواست ڪندس ته هو ڪنهن به سنڌيءَ کي لڏپلاڻ جي صلاح نه ڏي. مان هجرت جو تجربو پنهنجو پاڻ تي ڪري چڪو آهيان. مان هندستاني مهاجرن کي ڪابل ۾ ۽ بلگيريا (بلغاريه) ۽ سربيا جي ترڪ مهاجرن جي استنبول ۾ پريشاني ڏسي چڪو آهيان. مهاتما جي منهنجي خيال ۾ ان لفظ لڏپلاڻ (هجرت) جو پسمنظر خواب ۾ به ڪونه ڏٺو هوندو. مان سنڌي آهيان ۽ سنڌين کي سڃاڻان ٿو. هو جيڪڏهن غلطي ڪن ته هڪ سنڌي کين سنئين واٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ سولائيءَ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. مهاتما عام طور نيڪ طبع انسان آهن. منجهن هندو ۽ مسلمان جو ڪو به فرق ڪونهي. منهنجو پروگرام ڏاڍو چٽو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان، ڪنهن هندوءَ جو مال ڦريو آهي ته ان کي واپس ڪرايو وڃي. جيڪڏهن مسلمان ڪنهن هندؤ کي قتل ڪيو آهي ته عدالت ۾ وڃي پنهنجو ڏوهه باسي. هيءُ ياد رهي ته هن وقت مان شهري فسادن جي ذميواري نه ٿو کڻي سگهان، ان لاءِ گورنمينٽ جي ذميدار آفيسرن کي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻهراڙيءَ جي سڌارن ۾ مان گورنمينٽ جو هڪ مددگار بڻجي ڪم ڪندس.

مائونٽ بيٽن (Mountbatten)، گانڌي لاءِ ڪا سٺي راءِ نه رکندو هو. پنهنجي ذاتي رپورٽ ۾ L/PO/6.123:ff155-62 هن (مائونٽ بيٽن )لنڊن ۾ موجود اعلئ اختيارين کي لکيو ته: ".....مون کيس (گانڌي کي ) چئي ڏنو هو ته هو هڪ مدي خارج پوڙهو ۽ خطرناڪ ٽراٽسڪائسٽ آهي" ۽ ائين هن گانڌي کي سڄي ان منظرنامي يعني اختيارين جي منتقلي مان مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ڇڏيو. گانڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد برطانوي راڄ لاءِ ڄڻ ته اک جو ڪنڊو بڻجي چڪا هئا. تنهنڪري انهن ٻنهي مان جند ڇڏائڻ لاءِ هر قسم جا حربا استعمال ڪيا ويا. جن ۾ مکيه قومي رهنمائن سان ڌڪار وارو ورتاءُ شامل هو.ايتريقدر جو ٻيو ته ٺهيو پر ونسٽن چرچل (Winston Churchill) جهڙو ماڻهو به انهي مرضي کان نيارو نه هو. چرچل کي ته گانڌي جي لباس تي به اعتراض هو. هڪ ڀيري چئي ڏنائين : " هي وڪيل جيڪو ڪنهن وقت ڪنهن مندر جو ٻائو هو. هاڻي ڦري هڪ فتني باز ساڌو بڻجي ويو آهي...۽ هليو آهي شهنشاهه سلامت جي نمائندي سان برابري جي بنياد تي صلح سانت جون ڳالهيون ڪرڻ.

حوالا

  • جديد سياست جا نو رتن، ليکڪ جي ايم سيد
  • گانڌي، ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي


Tags:

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

ويب صفحو1947عسعودي عربيورپي اتحادآسٽريائي سلطنتبادشاهي مسجدرشيعالمي معياري ڪتاب نمبر1608عجابر بن اسعث طائي13 جنورياسپنگرنڪاراگوالوڪ ادب2020 بغداد بين الاقوامي هوائي اڏي تي هوائي حملوسسئي پنهون جو داستانعشق مجازي کان عشق حقیقي جو سفر (افسانو)نيڪٽاءِ853عسنڌي ٻوليٽوڪيوبحري جھازهيروڊوٽسيوم پاڪستانڪولمبياانڊوراپوٽاشيئمانساني حقن جو عالمي پڌرنامومڪو1886عوڪيميڊيا ڪامنزسهروالبانياسکر بئراجتائيوان صوبونيوٽن جي حرڪت جا قانونهماليامرزا قليچ بيگ2020عڊينمارڪنيپالمحبتبئڪٽيريا1506عضمير (گرامر)رومي سلطنتاٽليآئزڪ نيوٽن430عنيو يارڪ سٽيٻين مھاڀاري جنگاڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيروحل فقيرسماجي اڀياسآغا نورمحمد پٺاڻايل سيلويڊورجرمنيليکڪصحتحيدرآباد، سنڌھوائي گدلاڻسنڌي وڪيپيڊيامضمون (ادب)وچ ايشيا🡆 More