موبائل فون

ھي ٽيليفون جو اُھو قِسم آھي، جيڪو ھڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تي سولائي سان کٹي وڃي سگھجي ٿو.

موبائل فون
Motorola 8900X-2 to the 2004 HTC Typhoon, an early smartphone

ھن جي ذريعي بغير ڪنھن تار جي مدد جي فون ڪال ڪري بہ سگھجي ٿي ۽ کٹي بہ سگھجي ٿي.

ھي ريڊيو فريڪوئنسي سگنل جي ذريعي ڪم ڪندو آھي.

اِھي سگنل موبائيل ڪمپنيون ھر علائقي ۾ پنھنجا مخصوص ٿنڀا لڳائي مُھيا ڪنديون آھن.

ريڊيو فريڪوئنسي سگنل موبائيل فون تان ٿيندڙ ڪال کي موبائيل فون آپريٽر سان ڳنڍيندو آھي، جيڪو وري اُن کي پبلڪ سُئچڊ ٽيليفون نيٽورڪ (PSTN) سان جوڙيندو آھي.

جديد موبائيل ٽيليفون سروس سيليولر نيٽورڪ ڪَتب آٹينديون آھن، تنھنڪري موبائيل ٽيليفون کي اُتر آمريڪا ۾ سيليولر ٽيليفون يا سيل فون چئبو آھي.

جڏھن تہ سنڌ ۾ موبائيل فون چيو ويندو آھي.

اِن سان گڏ جديد موبائيل فون (2G) ڪيترن ئي قِسمن جون ٻيون خدمتون پٹ مُھيا ڪندو آھي، جيئن ٽيڪسٽ ميسيج، ايم ايم ايس، اي ميل، انٽرنيٽ تائين پُھچ، ننڍي فاصلي تائين بِنا تار جي رابطو (انفرارييڊ، بلوٽوٿ)، ڪاروباري ايپليڪيشن، وڊيو گيم ۽ جديد تصويرڪَشي. اھڙيون خدمتون مُھيا ڪندڙ موبائيل فونن کي فيچر فون چئبو آھي. اھڙيون موبائيل فونون جيڪي وڏي پئماني تي ترقي ڪيل ڪمپيوٽرائزڊ قابليتون آڇينديون آھن، تِن کي سِمارٽ فون چئبو آھي.

تاريخ

ھٿ ۾ کٹٹ جھڙو موبائيل ريڊيو ٽيليفون سروس ريڊيو انجنيئرنگ جي شروعاتي دور ۾ تصور ڪيو ويو. 1917ع ۾ فِنلينڊ جي ايجادڪار سائنسدان ايرڪ ٽائجر اسٽيڊٽ "کيسي ۾ رکٹ جيتري ويڙھجندڙ ٽيليفون تمام سنھي ڪاربان مائڪروفون سان" جو خاڪو جمع ڪرايو. حقيقي طور ھڪ جاءِ کان ٻئي جاءِ تائين کٹي سگھٹ جھڙن ٽيليفون پُرزن کي تخليق ڪرٹ جي ڊوڙ ٻي عالمي جنگ کانپوءِ شروع ٿي، ڪيترن ئي مُلڪن ۾ ترقياتي ڪمن کي زور وٺرائٹ جي ڪري. وڌيڪ سُڌارن سان موبائيل ٽيليفون شروعاتي ٻُڙي دور يا زيرو جنريشن (0G) سان سلسليوار "جنريشنن" يا دورن مان پار اُڪرٹ لڳو، جيئن تہ بيل نظام جو موبائيل ٽيليفون سروس ۽ اِن جو جاءِنشين سُڌارو ٿيل موبائيل ٽيليفون سروس. ھي (0G) نظام سيليولر نہ ھُئا. اُنھن ذريعي بس ڪجھہ ھڪ جھڙا ڪال ڪري سگھبا ھُئا، جيڪي نھايت مُھانگا ھوندا ھُئا. لارج اسڪيل انٽيگريشن (LSI) ٽيڪنالاجي ۾ ميٽل آڪسائيڊ سيميڪنڊڪٽر (MOS) جي ترقيءَ سان ڄاٹ جي نظريي ۽ سيليولر نيٽورڪنگ سُھانگن موبائيل ڪمينيڪيشنس ۾ سُڌارن جي اڳواٹي ڪئي. ۽ پُرزا جھڙوڪ ڪار فون.

پھريون ھٿ ۾ کٹٹ جھڙو سيليولر موبائيل فون جان ايف مِچل ۽ موٽرولا جي مارٽن ڪُوپر پاران 1973ع ۾ ظاھر ڪيو ويو. اُن ھٿ واري اوزار جو وزن ٻہ ڪلو گرام يا (4.4lb) پائونڊ ھو.

پھريون خودڪار ڪاروباري سيليولر نيٽورڪ (1G) جپان ۾ "نِپون ٽيليگراف ۽ ٽيليفون" پاران 1979ع ۾ مُتعارف ڪيو ويو ھو.

اُن جي پيروي ڪندي اِھو ساڳيو نظام "نورڊڪ موبائيل ٽيليفون" (NMT) ڊينمارڪ، فِنلينڊ، ناروي ۽ سُئيڊن ۾ 1981ع ۾ مُتعارف ڪيو.

ٻين بہ ڪيترن ئي مُلڪن اِنھن جي 1990ع جي ڏھاڪي جي شروعاتي اڌ تائين پيروي ڪئي.

ھي (1G) دور جا پھريان نظام فقط ڪجھہ ھڪ جھڙا ڪال ئي ڪرائي سگھندا ھُئا پر پوءِ بہ سيليولر ٽيڪنالاجي جي مُتبادل طور ڪتب ايندا ھُئا.

1983ع ۾ پھريون ڀيرو ھٿ ۾ کٹٹ جھڙو موبائيل ڊيانا ٽيڪ 8000x ڪمرشل طور موجود ھو.

1990ع جي ڏھاڪي ۾ جديد سيليولر نيٽورڪ ظاھر ٿيا، جن کي MOSFET بيسڊ RF power amplifiers،

(MOSFET ۽ LDMOS) ۽ RF circuits

(RF CMOS) پاران وڏي پئماني تي ھنج وٺي فعال ڪيو ويو، جيڪي بِنا تار واري رابطيڪاري ۾ ڊجيٽل سگنل پروسيسنگ جي تعارف جي اڳواڻي ڪري رھيا ھُئا.

1991ع ۾ ريڊيولِنجا (انگريزي Radiolinja) پاران ٻيو دور يا سيڪنڊ جنريشن (2G) جديد سيليولر ٽيڪنالاجي جي ايس ايم معيار (انگريزي GSM Standard) تي فِنلينڊ ۾ مُتعارف ڪرايو ويو.

ايئن اِن ميدان ۾ نون نيٽورڪ آپريٽرن وچ ۾ سخت مُقابلو شروع ٿي ويو، جيڪا ڳالھہ پھريان کان موجود (1G) نيٽورڪ آپريٽرن لاءِ نھايت ڳٹتي جوڳي آھي.

جي ايس ايم اسٽينڊرڊ (انگريزي: GSM Standard) يورپ واسين پاران CEPT (انگريزي: Europian postal and telecommunications conference) نالي سان ٿيل ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل شروعات آھي.

فرانس ۽ جرمنيءَ جي سھڪار تي آڌاريل آر ۽ ڊي (انگريزي: R&D) فني حوالي سان اِن کي عمل جوڳو ثابت ڪيو ۽ 1987ع ۾ 13 يورپي ملڪن پاٹ ۾ مُتفق ٿي ڪري ھڪڙي ياداشت نامي تي صحيح ڪيو تہ ھو 1991ع تائين اِن حوالي سان ڪمرشل خدمتون مُتعارف ڪرائي ڇڏيندا.

جي ايس ايم (2G=) جي پھرين روپ (انگريزي:version) ۾ 6000 معياري صُفحا ھُيا.

2018ع ۾ آ اِي اِي اِي/ آر ايس اِي (انگريزي: IEEE/ RSE) ٿامس ھاگ ۽ فليپي ڊُپيِس کي پھرين جديد معيار جي موبائيل ٽيليفون ۾ حصو وجھٹ تي جيمس ڪلرڪ ميڪسويل تمغو ڏنو.

2018ع ۾ 220 کان وڌيڪ مُلڪن جي 5 ارب کان وڌيڪ ماٹھن جي ايس ايم (انگريزي: GSM) کي استعمال ۾ آندو.

(2G) جي ايس ايم (4G)، (3G) ۽ (5G) تائين ارتقا ڪري چُڪي آھي. 2001ع ۾ (NTT DoCoMo) پاران (WCDMA) معيار تي جپان ۾ ٽيون دور (3G) مُتعارف ڪرايو.

ھن جي پُٺيان3G ،3.5G ، يا ٽربو 3G جو واڌارو ڪيو ويو، جيڪو ھاءِ اسپيڊ پاڪيٽ ايڪسيس (انگريزي:HSPA) ڪُٽنب تي ٻَڌل ھُيو.

(UMTS) نيٽورڪ کي وڌيڪ مواد جي مُنتقلي، رفتار ۽ گُنجائش جي اجازت ھُئي.

2009ع تائين، ڪُجھہ جاين تي اِھو واضح ٿي چُڪو ھو تہ ڀرپور فريڪوئنسي رکندڙ ايپليليشنن جي واڌاري جي حوالي سان 3G غالب پئجي ويندو، جيئن تہ ھلندڙ نشريات.

نتيجي ۾، 3G جي موجود ٽيڪنالاجي ۾ ڏھوٹ کان وڌيڪ تيزيءَ سان سُڌارن ۾ واڌ جي واعدي سان ڏسندي ئي ڏسندي چوٿين دور (4G) جي ٽيڪنالاجين ۾ بھتريون اينديون ويون ۽ ھي صنعت شروع ٿي ويو.

پھريون ٻہ ٽيڪنالاجيون 4G جي حوالي سان ٺھيون ۽ ڪمرشلي طور مُھيا ٿيون. پھرين، واءِ ميڪس (انگريزي:WiMAX) معيار، جنھن کي اسپرنٽ (انگريزي:Sprint) پاران اُتر آمريڪا ۾ پيش ڪيو ويو ۽ ٻي ايل ٽي اِي (انگريزي: LTE) معيار، جنھن کي اسڪئنڊينويا ۾ ٽيليا سونيرا (انگريزي: TeliSonera) پاران پيش ڪيو ويو.

5G ھڪ اھڙي فنيات (انگريزي: technology) آھي، جيڪا اصطلاح طور IMT) 4G) جي ترقيءَ ۾ اڳتي وڌيل موبائيل ٽيليڪميونيڪيشن معيار جي ٻئي اھم مرحلي کي ظاھر ڪرٹ لاءِ تحقيقي مَقالن ۽ رِٿائُن ۾ ڪَتب اچي ٿو.

5G اصطلاح رسمي طور تي اڃا تائين ڪنھن وضاحتي يا سرڪاري دستاويز ۾ ٽيليڪميونيڪيشن ڪمپنين يا معتبر ڌُرين جيئن تہ، WiMAX ،3GPP فورم يا ITU-R پاران ڪتب نہ ٿو ڪيو وڃي.

4G جي نون ٻاھرين معيارن کي معياري ادارن پاران ترقي وٺرايو پيو وڃي، پر اُھي اڃا تائين 4G جي ڇَٽيءَ جي ھيٺيان ڏٺا پيا وڃن، ڪنھن نئين موبائيل دور (جنريشن) لاءِ نہ.

قِسم

سمارٽ فون

سمارٽ فون کي ڳٹپ جوڳيون نُمايان خاصيتون آھن.

عالمي ٽيليڪميونيڪيشن اتحاد اُنھن کي ڳنڍڄار ملائيندڙ (انگريزي: Internet connection) سان ڀيٽيندو آھي، جنھن کي فعال موبائيل براڊبينڊ سبسڪرپشن چئبو آھي، جن ۾ ٽيبليٽ وغيرہ شامل آھن.

سُڌريل دُنيا ۾، سمارٽ فون اڳوٹن موبائيل نظامن جي ڀيٽ ۾ گھٹو اڳتي نڪري ويا آھن.

بھرحال، ترقي ڪندڙ مُلڪن ۾ اِھي موبائيل ٽيليفونن جي استعمال جو ڪُل پنجاھہ سيڪڙو %50 طور ليکيا وڃن ٿا.

فيچر فون

فيچر فون ھڪڙو اصطلاح آھي، جيڪو موبائل فونن کي بيان ڪرٹ لاءِ ماضيءَ جي نمونن وانگر علامتي طور ڪَتب ايندو آھي، جيڪي جديد سمارٽ فون جي ڀيٽ ۾ صلاحيتن ۾ محدود ڪيل ھوندا آھن.

فيچر فون علامتي طور تي ڪاڪردگيءَ جي حوالي سان آواز ڪال ڪرٹ ۽ لِکت پيغام مُھيا ڪندا آھن. اُن سان گڏ بُنيادي مَلٽي ميڊيا، ڳنڍ ڄار صلاحيتن ۽ ٻيا ذريعا جيڪي ڪَتب ۾ آٹيندڙن لاءِ "بِنا تار جي خدمتون مُھيا ڪندڙن" پاران پيش ڪيا ويندا آھن.

ھي بُنيادي موبائل فون مٿان وڌيڪ ڪارائتو ھوندو آھي، جيڪو فقط آواز ڪال ۽ لِکت پيغام ڪرٹ جي ئي لائق ھوندو آھي.

فيچر فون ۽ بُنيادي موبائل فون مالڪاٹو، مرضيءَ مُطابق ٺھيل سافٽ ويئر ۽ واپرائيندڙ سان گڏيل ھُجٹ جو لاڙو رکندا آھن.

اُن جي مُقابلي ۾ سمارٽ فون عام طور تي "موبائل ھلائيندڙ نظام" (انگريزي: Mobile operating system) ڪَتب آٹيندا آھن، جيڪو اڪثر سڀني پُرزن (انگريزي: devices) تي لاڳو ٿيندڙ عام خاصيتون وَنڊيندو آھي.

حوالا

Tags:

ٽيليفون

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1997عرکورد لیبل1934عڏکڻتلورروزوهائوس آف ڪامنز يونائيٽيڊ ڪنگڊمعبدالواحد آريسربماڪو26 جنوريتائيوانحجاب1590عوارھسکر2019–20 ڪوروناوائرس مها وباٽوڪبازيخريداري سگهه برابري1991ععوامي کاتواوڄو يا تاندوروپٺاڻترڪيفرانسيسي ٻولياولهه آفريڪاضلعو لاڙڪاڻوبيھڪ جون نشانيونگيبونيوروشيا5 اپريللوھٽوڪيوظرفآبپاشيسينٽ ونسنٽ ۽ گريناڊائنزھم آوازداستان نوري ڄام تماچياسپنگرھم معني لفظآسٽريا جي راڻي سيسيالميوعلم بيانٻين مھاڀاري جنگآسٽريلياڄارجو وڻاياز قادريسائنسي طرز فڪرخود مختيار رياستن جي فهرستلاڙڪاڻونفسيات10 جنوريسلطنت روسڊڪشنريايشيانيو ڪلاسيڪيتاسرائيلعالمي معياري ڪتاب نمبر🡆 More