جيڪي به هتي ميمبر آهن انهن جي هڪڙي ئي خواهش آهي ته سنڌي پيڊيا ترقي ڪري ۽ ان ۾ دوست دلچسپي وٺن. هتان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو درست اکرن يا فانٽس جي استعمال جو آهي. ٻي ڳاله ته هڪ ايڊمن هجڻ سبب ان جي غير موجودگيءَ ۾ غير مناسب لفظن جو استعمال ٿيندو رهي ٿو. ان ڪري مان اوهان اڳيان اها ڳاله رکان ٿو ته مهرباني ڪري هن پروجيڪٽ کي وڌائڻ ۽ سنوارڻ ۾ اوهان به سرگرم ڪردار ادا ڪيو. ان لاءِ صرف هيٺين ٻن ڳالهين تي عمل ڪريو ته جيئن اسان سڀ گڏجي ”سنڌي پيڊيا“ تي ٻين ٻولين جيان ڄاڻ جو بهترين مجموعو بنائي سگهون. (مان صلاح ڏيان ٿو) 1 ـ هيٺ ڏنل ايڊريس تي وڃي انگريزيءَ ۾ پنهنجا ڪمينٽس لکي اچو ته جيئن ”ميٽا وڪي“ وارن کي خبر پوي ته هتي اسان سان ڪهڙيون دشواريون آهن. هيٺ ڏنل ميٽا وڪي ايڊريس کولي ميمبر ٿي پوءِ اوهان اتي صلاح لکو ته بهتر ٿيندو: (ياد رهي ته اُتي انگريزيءَ ۾ لکڻو آهي.)
|
سنڌي پيڊيا کي استعمال ڪرڻ لاءِ عام هدايتون هيٺ ڏجن ٿيون. اڃا به جيڪڏهن ڪي شيون رهجي ويو هجن ته هن صفحي مٿان موجود لفظ ”سنواريو“ تي ڪلڪ ڪري بلڪل هيٺان پنهنجو مسئلو يا راءِ پيش ڪري سگهو ٿا.
سڀ کان پهريان اوهان سرچ يا تلاش خاني ۾ اهي لفظ ٽائپ ڪريو جيڪو موضوع اوهان ڏسڻ گهرو ٿا. جيڪڏهن صفحو اڳ ئي موجود آهي ته ان کي سنوارڻ ۽ وڌائڻ ۾ مدد ڪريو. پر جيڪڏهن اهو موضوع سنڌي پيڊيا تي موجود نه هجي ته اوهان کي هيٺان هڪ صلاح ملندي جيڪا ڳاڙهن اکرن جي لنڪ (يعني جيڪو موضوع اوهان ڳوليو پئي) ملندي ان تي ڪلڪ ڪري اوهان نئون موضوع شروع ڪري سگهو ٿا. ڇاڪاڻ ته في الحال سنڌي پيڊيا جا ”سي ايس ايس“ فائلز آخري مرحلي تائين نه پهتا آهن تنهن ڪري اوهان نئون موضوع لکڻ واري باڪس ۾ سڀ کان اڳ {{f}} لکي پوءِ اڳتي لکڻ شروع ڪندا ته اکر ”ايم بي سنڌي“ ۾ نظر ايندا.
هتي لکيو ويندڙ مواد ڪنهن به هڪ ماڻهو جي ملڪيت نه هوندو. جيڪڏهن ڪنهن مضمون جي شروعات ڪئي آهي ته هر ميمبر کي حق حاصل هوندو ته ان کي وڌيڪ سنواري ۽ وڌائي. ڪٿان به مواد چوري ڪري يا ڪاپي ڪري هتي پيسٽ نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ڪنهن به موضوع ۾ اوهان حصيداري ڪريو ٿا ته حوالا ڏئي مواد شامل ڪري سگهو ٿا. حوالا واضع ۽ چٽا هجڻ گهرجن. ڪتابي حوالا به قابل قبول آهن پر ان شرط سان گڏ ته ڪتاب جو نالو، ليکڪ جو نالو ۽ جيڪڏهن ترجمو آهي ته ترجمي نگار جو نالو ڏيڻ ضروري هوندو. جيڪڏهن ڇپائيءَ جو سال يا صفحو نمبر وغيره لکيو ويندو ته ڳاله وڌيڪ تصديق شده ٿي پوندي. ان کان علاوه آن لائن مواد جا حوالو به ڏئي سگهجن ٿا ان لاءِ صرف اها لنڪ مهيا ڪرڻي پوندي جتان مواد حاصل ڪري پنهنجن لفظن ۽ جملن ۾ لکيو ويو.
هتي ڪا به ذاتي اشتهار بازي، پنهنجي ويب سائٽ يا بلاگ جي شهرت وڌائڻ لاءِ هروڀرو لنڪ ڏيڻ منع آهي. پنهنجو ذاتي مواد اوهان صرف پنهنجي تعارفي صفحي تي ڏئي سگهو ٿا. بقايا مواد ۾ اهڙو عمل سنڌي پيڊيا جي قائدن ابتڙ سمجهيو ويندو. مضمون لکڻ وقت ان ڳاله جو خاص خيال رکيو وڃي ته پنهنجي ذاتي خيال ۽ راءِ کي ٻين تي مڙهڻ جي هرگز اجازت نه آهي. سموري مواد جي پرک ان بنياد تي هوندي ته اهو تصديق شده ۽ سچ تي مشتمل هجي.
مان به ڪجهه مواد ڏيڻ چاهيان ٿو، پر اهو صحيح طريقي سان اپڊيٽ نٿو ٿئي، مواد پيسٽ ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو اصل فارميٽ وڃائي ويهي ٿو. ڇا ڪرڻ گهرجي؟
مهرباني ادا، پر مان بلڪل نئون يوزر آهيان ان ڪري في الحال ڪجهه به نٿو ڄاڻان، منهنجي ذهن ۾ هن وقت ڪافي سوال آهن. منهنجو اڪائونٽ ٺهيل آهي، هاڻي مان ڪنهن ٽاپڪ تي لکيل مواد رکڻ چاهيان ٿو، پر مونکي ڪابه اهڙي لنڪ نظر نه پئي اچي جنهن تي ڪلڪ ڪرڻ کانپوءِ مان ان ٽاپڪ تي لکڻ شروع ڪيان؟ اهو لکيل مواد ڪهڙي طريقي سان سرچ ٿي پڙهندڙ تائين پهچي سگهي ٿو؟ ان ٽاپڪ جي فهرست وغيره ڪيئن جوڙي سگهجي ٿي؟ ان ٽاپڪ جي مناسبت سان ڪا تصوير ڪيئن رکي سگهجي ٿي؟ رهنمائي ڪندا، مهرباني Aijazali2080 09:48, 24 نومبر 2011 (UTC)

جيڪڏهن ڪو يوزر اسان جي ڪنهن لکيل مواد ۾ تبديلي ڪري ته، اڇا اسان کي ان جي آگاهي ملي سگهندي؟--Aijazali2080 12:48, 24 نومبر 2011 (UTC)
پنهنجي ليک سان لاڳاپيل ڪا تصوير ڪيئن ٿي اپلوڊ ڪري سگهجي؟--Aijazali2080 13:10, 24 نومبر 2011 (UTC)
مثال لاءِ ڏسو هيٺيان مضمون
Alixafar 19:10, 24 نومبر 2011 (UTC)
مان پنهنجو ليک ڪهڙي طرح ڊاهي سگهان ٿو، رهنمائي گهرجي. Aijazali2080 07:54, 25 نومبر 2011 (UTC)
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article مدد:فهرست سکيا, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.