مارڪسي فلسفو

مارڪسي فلسفو يا مارڪسزم (Marxism) ماديت پسند فلسفي جي سائنسي شڪل آهي.

هي فلسفو سادو ۽ پورهيتن جي حقن جو فلسفو آهي. مارڪس چوي ٿو تہ اهو چوڻ غلط آهي تہ ماده جي حيثيت اول ۽ روح يا شعور جي حيثيت ثانوي آهي. هن جي راءِ آهي تہ مادو اصل آهي، شعور ۽ روح مادي جي ئي پيدائش آهن. مارڪسي فلسفو، هڪ انقلابي نظريو آهي، جنهن مطابق هر ڪا شيءِ تبديل ٿيندڙ آهي ۽ اها تبديلي ترقيءَ ڏانهن وڃي ٿي. ڪارل مارڪس(1883ء-1818ء) ۽ سندس ساٿي فريڊرڪ اينگلز جي مرتب ڪيل نظرين جي مجموعي کي مارڪسزم سڏيندا آهن. اھو سائنسي علمن وانگر سماج جي ارتقا جو علم آهي جنھن مطابق سرمائيداري واري سماج جو خاتمو اڻٽر آھي جنھن جي جڳھ ڪميونسٽ سماج وٺندو ۽ ان تبديلي جو ذريعو سوشلزم آھي. مارڪسزم جا قائدا سماجي ارتقا جي دريافت آھن جيڪي ڪنھن جي خواھش سان تبديل نہ ٿا ٿي سگھن. مارڪس 5 مارچ 1822ع ۾ پنھجي دوست ويدميئر کي کليل ھڪ خط ۾ لکيو آهي ته: “جدید معاشري ۾ طبقن وچ ۾ ڪشمڪش جي موجودگي جو سھرو ان جي مٿان ناھي پر ان کان اڳ سرمائيداري وارن تاريخدانن ان طبقاتي ڪشمڪش جي تاريخي ارتقا کي ۽ سرمائيداري جي معاشياتدانن طبقاتي معيشت کي تفصيل سان بيان ڪري چڪا ھيا . ھن نئين ڳالھ اھا ڪئي ھئي تہ:

  • طبقن جو وجود پيداوار جي ترقي ۾ مخصوص تاريخي مرحلي سان مشروط آهي.
مارڪسي فلسفو
ڪارل مارڪس جي 1875ع ۾ نڪتل تصوير
  • طبقاتي جدوجھد لازمي طور تي پرولتاري آمريت يا مزدورن جي آمريت ڏانھن وٺي وڃي ٿي.
  • پرولتاري آمريت بذات خود طبقن جي خاتمي ۽ غير طبقاتي سماج ڏي منتقلي تي مشتمل آهي.

مارڪسزم جي فلسفي جي بنياد تي ڪميونسٽ ميني فيسٽو لکيو ويو جنھن جو نعرو ھيو تہ: "دنيا جا مزدورو متحد ٿي وڃو!" ڪارل مارڪس مطابق سرمائيداراڻي نظام اندر اھا خامي موجود آهي ته اھو مسلسل وڏي پيماني تي لاھا چاڙھا پيدا ڪندو آهي ۽ آخرڪار پاڻ کي پاڻ ئي ختم ڪري ڇڏيندو. اھو ھڪ غير مستحڪم ترين نظام آھي. غلامي وارو نظام ۽ جاگيرداراڻو نظام سماج ۾ کوڙ صدين تائين قائم رھيا پر اُنھن جي ڀيٽ ۾ سرمائيداراڻو نظام جنھن چيز کي ڇھندو آھي ان کي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي. ان نظام ۾ نہ رڳو برانڊ تيزي سان تبديل ٿيندا آهن پر ڪمپنيون ۽ صنعتون پڻ تخليقي عمل جي نتيجي سان ٺھنديون ۽ ختم ٿينديون آهن. ان سان گڏوگڏ انساني رشتا پڻ ختم ٿي نئين روپ ۾ ٻيھر جڙندا آهن. مارڪس کي يقين ھو ته ھڪ عوامي انقلاب ضرور ايندو جنھن ذريعي ڪميونسٽ سماج قائم ٿيندو جيڪو وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ۽ وڌيڪ انسان دوست نظام ھوندو. مارڪسزم وارو فلسفو جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جي نظرين تي مشتمل آهي.

حوالا

Tags:

ڪارل مارڪس

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

انساناتر آمريڪاانساني جسمعارف علويڪٻرڪبيرحسن ابن عليروزو9 سيپٽمبرآل انڊيا مسلم ليگانٽرنيٽجنسي سنگويلزآرڪيئاڌرتيءَ جو ڏينھنڪوروناوائرس روڳ 2019جي ايم سيدسياستدانناولڊجيٽل آبجيڪٽ آئڊنٽيفائرڪوروناوائرس مها وبا بلحاظ ملڪ ۽ علائقو، 2019-20مذهبحرف جملوضمير (گرامر)قومتاروآڪسفورڊ يونيورسٽيگيبونايشيا ۾ اسلام1996عناچممتاز مرزاجڪارتاڊڪشنريسائيڪلشاديڪرنگهي وارا جانوربني اسرائيلرومي سلطنتايسپ جو آکاڻيونپاڪستان جو آئينبورنو رياستآتم ڪهاڻي1994عمخدوم بلاولاپريل11 جنوريسنسڪرتسازآذربائيجان غاليچو ميوزيمافغانستان🡆 More