رام

رام ہا راما(انگريزي: Ram) يا (انگريزي: Rama) (/ˈrɑːmə/رام، شري رام، جنهن کي رامچندر به چيو ويندو آهي؛ ھندو مذهب ۾ سڀ کان وڏو ديوتا آھي ۽ وشنو جو ستون وڏو اوتار ۽ ڪرشن ۽ گوتم ٻڌ وانگر وشنو جو مشھور روپ سمجھيو ويندو آهي.

سندس جنم ايوڌيا ۾ راجا دسرٿ ۽ راڻي ڪوشليا مان ٿيو.

رام چندر
رام
ڪاوِڙيَلُ رام ورونا پاران جواب نه ڏيڻ کان تنگ اچي برهماستر کي کنيو
سنسڪرت ۾ راما
اشريڪ وشنو جو ستون اوتار
ٺِڪاڻو وئڪونتا, ايوڌيا,۽ ساڪيت
ھٿيار تير ڪمان
ساٿي سيتا
ماءُپيءُ دسرٿ (پيء)


ڪوشليا (سڳي ماء)
ڪاليڪي(ويڳي ماءُ)


سمترا (ويڳي ماءُ)
ڀاء ڀيڻ لڇمڻ (ڀاء)
ڀارت (ڀاء)
شتروگھن(ڀاء)
شانتا(وڏي ڀيڻ)
ٻچو لاوا (پٽ)
ڪشا (پٽ)
متن رامائڻ
تھوار رام نوامي, وواھ پنچمي, ديپاوالي, دسشيرا

ھندو ڏند ڪٿائي سورمو

رام 
رام پنهنجي گهرواري سيتا سان گڏ

آڳاٽي هندُڪي زماني ۾ اُتر هندستان ۾ اڪيچار سورما ۽ جنگي جوڌا ٿي گذريا آهن. ساري ديس ۾ سڀني کان ٻلوان ۽ سورمو راڄ ڪنور رام ٿي گذريو آهي جو دسرٿ، ايوڌيا (جو هاڻي اُتر هندستان ۾ اوڌ جي نالي سان ڪوٺبو آهي) جي راجا جو پٽ هو.اُنهيءَ سمي ۾ سڀني کان وڌيڪ سوڀيان واري ڪنيا هئي سيتا جا هڪ ٻئي کتري راجا جي ڌيءَ هئي. پڻس کي هڪ وڏو ڳرو ڌنش (ڪمان) هو، ۽ چيائين ته جيڪو اِهو ڌنش موڙيندو تنهن کي سيتا جي ٻانهن ڏيندس. راجائن هڪ ٻئي پٺيان اُنهيءَ ڀاري ڌنش موڙڻ لاءِ جتن ڪيو، پر ڪو سوڀارو ڪونه ٿيو. پر جڏهين رام آيو تڏهين هو سهنجائي سان هن کي موڙي ويو ۽ ويس موڙيندو تان جو ٺڪاءُ ڏيئي ٻه ٽڪر ٿي پيو. چوڌاري واه واه پئجي ويئي ۽ پوءِ وڏي ڌوم ڌام سان رام ۽ سيتا جو ويانهن ٿيو..3- رام کي پڻس ٻين سڀني پٽن کان گهڻو ڀائيندو هو. جنهن صورت ۾ راجا جو وڏو پٽ هو تنهن صورت ۾ تخت جو وارث پاڻ ئي هو. پر رام کي هڪ ڪٺور دل ماٽيجي ماءُ هئي، جنهن جي مرضي هئي ته منهنجي پٽ کي گادي ملي. ٻڍي راجا کي پرڀائي ريجهائي چيائينس ته رام ۽ ڀاڻس لڪشمن کي ديس نيڪالي ڏيئي ڏکڻ هندستان ڏي بن ۾ موڪل ۽ منهنجي پٽ کي يوُراج مقرر ڪر. رام پنهنجا پيُ جي آگيا انوسار لڪشمن ۽ سيتا سان گڏجي ٻيڙيءَ ۾ ندي لتاڙي دکن جي ٽاڪرو ملڪ ڏي روانو ٿيو. 4- اِتي وڃي رام ڪيترا سال بن ۾ رهيو. ٻيلن ۾ ڪاري رنگ جون ڪي قومون رهنديون هيون جن کي آريه ڪوٺيندا ئي هوا باندرا. اِنهن سان رام دوستيءَ جو رستو رکيو. هڪڙي ڏينهن رام ويو شڪار تي ته سندس پر پٺ راوڻ نالي هڪ پاپي راجا سيتا کي کڻي ويو لنڪا جي ٻيٽ ۾، جن کي هاڻي سيلون ملڪ ڪري ٿا چون..رام سندس پٺيان پيو ۽ سُگر پوُ ٻيلن وارين ڪارين قومن جي حاڪم، پنهنجا سينا پتيءَ (سپه سالار) هنوُمان (جنهن کي هاڻي هندو باندرن جو ديوتا ڪري پوڄين ٿا) سان وڏو ڪٽڪ کيس واهر ڪرڻ ڪاڻ ڏياري موڪليو. راوڻ کي ماري سيتا کي سک سان موٽي وٺي آيا. 5- نيٺ رام، سيتا ۽ لڪشمن سان گڏجي پنهنجي راڄ گديءَ ڏانهن موٽيا. پڻس ته مري ويو هو ۽ سندس ننڍي ڀاءُ جنهن گاديءَ تي وهڻ کان اِنڪار ڪيو هو ۽ ڀاءُ ڪاتر ساري راجائي امانت رکيو ويٺو هو تنهن رام جي موٽڻ شرط کيس ايوڌيا جي راجائيءَ جون واڳون سونپيون. رام اُتي ڪيترا سال ڏاڍي آنند ۾ راڄ ڪيو. اڄ ڏينهن سوڌو هندو کيس ديوتا ڪري پوڄيندا آهن. سندس جيون چرتر (حياتيءَ جو احوال) ڪَوِتا (شعر) جي نموني ۾ هندن جي هڪ وڏو پوتر پستڪ رامايڻ ۾ ڏنو ويو آهي..

رام جا نالا ۽ مطلب

رام ويدن واري سنسڪرت جو لفظ آهي جنھن جو ذڪر ارٿ ويد ۾ ملي ٿو. مونئر وليمس مطابق ان لفظ جي معني آهي: ڪارو ، اونداهي رنگ وارو يا اوندھ وارو. اھو لفظ راتڙي مان نڪتل آهي جنھن جي معنيٰ رات آهي. ٻين ويدن ۾ ساڳي لفظ جي مطلب سھڻو، پرڪشش ۽ پيارو ڏيکاريل آهي. ھي لفظ مختلف ھندي ٻولين م نالن جي آخر ۾ پڻ استعمال ٿيندو آهي جن م ان جي معني سھڻو يا وڻندڙ ھوندي آھي. ھن لفظ جو استعمال نالن جي اڳيان پڻ ٿيندو آهي. ھن اوتار جو نالو رام چندر پڻ آهي جنھن جي معنيٰ آهي چنڊ وانگر سھڻو. ), ھن جا ٻيا نالا، دسرٿي: دسرٿ جو پٽ، رگھوا: سورجونسي خاندان جي رگھو جي اولاد، آھن. جاوائي ٻولي ۾ ھن جو نالو رام وجي تامل ۾ رامار، تيلگو ۾ رامودو، ملائي ۾ ميگت سري راما آھي. وشنو سھاسر نامو مطابق رام وشنو جو 394 ئون نالو آهي.

رام جو جنم

رام 
اجمير واري جين مندر ۾ رام جي سون جي ٺھيل بناوٽ

خيال آهي تہ رام قمري ڪيلينڊر جي نائين مھيني ۾ پيدا ٿيو ان ڏينهن کي بھار جي مند ۾ رام نوامي جي نالي سان ملھايو ويندو آهي ۽ اھو ھندو ڪيلينڊر ۾ چئن نو راتڙين مان ھڪ آھي جنھن کي وسنٿا نوراتڙي چون ٿا.

حوالا

Tags:

رام ھندو ڏند ڪٿائي سورمورام جا نالا ۽ مطلبرام جو جنمرام حوالارامانگريزيايوڌيامذهبهندومتوڪيپيڊيا:IPA for Englishگوتم ٻڌ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

سعودي عربثقافتبھارپوئيٽڪاخريداري سگهه برابريدُنيا1200عمحمود الحسن رحمة الله علیہاربعمحمد هاشم ( لهر ڪيٽوي)گھريوٽيوبسائرس اعظمکيرائين واٽ ڪهڪشانهجري ڪئلينڊراڌارام ٿانورداس ميرچنداڻيامامپي پي-83 (خوشاب-3)سائنسي طرز فڪرٻارڻايڪواڊور26 سيپٽمبرائٽم بم1995عٻين مھاڀاري جنگادبي تنقيد1997عايران جا شهرانڊورانل ديمنتيآسٽريابيتآئزن هاورسارس ڪووي 2جمال ابڙوسجآچرپيسالبياويٽنامساريس1696عماحولياتي تحفظ ۾ مقاميُورَپمليريانڪاراگواميڊياوڪيپورچوگالڏکڻ ڪوريامُک صفحوايشياقرآنچانور1708عمحمدگوتم ٻڌايل سيلويڊورآسٽريا جي راڻي سيسي1998عورچوئل پرائيويٽ نيٽورڪٽيليويزن🡆 More