جولاءِ 31 ڏينهن جو مھينو آھي.
جون - جُولاءِ - آگسٽ | ||||||
ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ |
1 | 2 | 3 | 4 | 5 | 6 | 7 |
8 | 9 | 10 | 11 | 12 | 13 | 14 |
15 | 16 | 17 | 18 | 19 | 20 | 21 |
22 | 23 | 24 | 25 | 26 | 27 | 28 |
29 | 30 |
ھي گريگوري ڪيلينڊر ۽ جولين ڪيلينڊر جو ستون مهينو آهي جيڪو جون ۽ آگسٽ جي وچ ۾ اچي ٿو. رومن سينٽ ھن مھيني کي جولاءِ جو نالو رومي جنرل جوليس سيزر جي نالي تي رکيو ان جو سبب اھو ھو تہ ھي جنرل ان مھيني ۾ پيدا ٿيو هيو. ان کان اڳ ڏھن مھينن جو ڪيلينڊر ھوندو ھو جنھن ۾ ھن مھيني جو پنجون نمبر ۽ نالو ڪئنٽيلس (Quintilis) ھيو ھن مهيني ۾ ايشيا کنڊ ۾ گھڻي گرمي ٿيندي آهي. هن مهيني دوران ڌرتي جي اترئين اڌ گول ۾ موسم سراسري طور تي گرم ترين رهندي آهي ۽ اونھاري جو ٻيون مھينو سڏبو آهي ۽ ڏينهن ننڍا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن. ڌرتيءَ جي ڏاکڻي اڌ گول ۾ وري ھي سياري جو ٻيون مھينو ھوندو آھي ۽ اتان جي موسم اتر واري اڌ گول جي جنوري جي مھيني واري موسم ھوندي آھي.اتر اڌ گول ۾ ھن مھيني ۾ ڏينهن وڏا ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ مينهن پوندا آهن.
ھڪ قيمتي پٿر جولاءِ جي مھيني ۾ پيدا ٿيندڙ ماڻھن جو پيدائش وارو پٿر سڏبو آهي جيڪو قناعت جو اھڃاڻ سمجھيو ويندو آھي.علم نجوم مطابق ھن مھيني جو برج وارو نشان سرطان (Cancer) جيڪو 22 جولاءِ تائين ھوندو آھي ۽ باقي ڏينھن اسد برج جا ھوندا آھن
This article uses material from the Wikipedia سنڌي، سندھی ، सिन्ध article جُولاءِ, which is released under the Creative Commons Attribution-ShareAlike 3.0 license ("CC BY-SA 3.0"); additional terms may apply (view authors). مواد CC BY-SA 4.0 ھيٺ موجود آھي جيسيتائين ٻي صورت واضع نہ ڪئي وڃي. Images, videos and audio are available under their respective licenses.
®Wikipedia is a registered trademark of the Wiki Foundation, Inc. Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध (DUHOCTRUNGQUOC.VN) is an independent company and has no affiliation with Wiki Foundation.