قبيلو جتوئي

=جتوئي= (بلوچ)


ٻولي

سنڌي، سرائڪي, بلوچي

مزھب

اسلام 


تعلق

رند 

جتوئي ھڪ روايت مطابق جتوئي، مير جتوئيءَ جو اولاد آهن، سندن ڏاڏو (نانو) مير جلال خان بلوچ هو. مير جلال خان بلوچ کي ڇهه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ ’جتو‘ هئي. جتو جو مڙس اولاد ڄمڻ کان اڳ وفات ڪري ويو هو. جنهن جي افسوس ۾ مائي ’جتو‘ پاڻ پٿر (تڏو) ڪيو هو. چند مهينن بعد هن کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو هن پنهنجي نالي جي نسبت سان ’جتوئي‘ نالو رکيو. جنهن کي ’مير جتوئي‘ چيو ويو. ڪتاب ’قديم سنڌ ۽ ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو‘ ۾ مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته نوس بن هرين جي هڪ پٽ جو نالو مير مراد خان هو. جنهن کي پهرين زال مان اولاد ڪونه هو. اولاد خاطر هن پنهنجي سوٽ جتوءَ سان نڪاح ڪيو. هن کي پٽ ڄائو، جنهن جو اولاد ’جتوئي‘ آهن. ايس. صادق علي پڻ هن راءِ سان متفق آھي. هڪ روايت موجب جتوئي، جت آهن. مير چاڪر خان جو جنگي سامان کڻندا هئا ۽ بيرق بردار هئا. فرمانبرداري، ايمانداري، وفاداري ۽ شجاعت سبب مير چاڪر خان، جتوئين کي پنهنجي جھنڊي هيٺان آڻي بلوچ قوم ۾ شامل ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ جتوئي جتن بجاءِ ’جتوئي‘ سڏجن ٿا. اصل ڪتاب ’بلوچ اور بلوچستان‘ (ص 130) موجب ’جتوئي‘ ساتڪ زئي قبيلي جو پاڙو آهي. جتوئي قبيلي جو اصل وطن ڪڇيءَ ۾ ڀنر جتوئي رياست هئي. زماني جي لاهن چاڙهن سبب اتان هجرت ڪري پنجاب جي سرائي پٽيءَ کان ٿيندا بکر کان سنڌ ۾ داخل ٿيا. سرائي پٽيءَ ۾ رهڻ ڪري هنن سرائڪي زبان اختيار ڪئي. جنهنڪري اڄ ڏينهن تائين بلوچيءَ جي بجاءِ سرائڪي ڳالهائين ٿا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو هنن ساٿ ڏنو. جنهن سبب کين جاگيرون عطا ڪيون ويون. 1857ع ۾ سردار امام بخش خان جتوئيءَ کي نوشهري ۽ دادوءَ جي علائقن ۾ انگريزن جاگير ڏني. جنهن بعد فتح خان جتوئي شڪارپور وارو، جتوئي قبيلي جو سردار مقرر ٿيو. مغلن جي دؤر ڪڇيءَ ۾ ڀنڙ سندن رياست هئي، پوءِ سنڌ ۾ شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين جتوئڪو رياست قائم ڪيائون، جا 1857ع تائين قائم رهي. مهدوي فرقي جا پابند هئا.

تاريخ

سترهين صدي عيسويءَ ۾ سکر سرڪار جي پرڳڻن مان هڪ پرڳڻو ’جتوئي پرڳڻو‘ مشهور هو. هن پرڳڻي ۾ جتوئي، بڙدي، ڪورائي قبيلا آباد هئا، جيڪي سڀئي بلوچ نسل جا هئا. شاهه بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهه وقت سندن ٻائيتاليهه ڳوٺ تباهه ڪري ڇڏيا هئا. ڪڇي ۾ سندن رياست ڀنڙ جتوئي هئي. پوءِ سنڌ ۾ شڪارپور کان لاڙڪاڻي تائين هنن جتوئڪو رياست قائم ڪئي، جا سنه 1857ع تائين قائم رهي. .

سردار

هڪ صدي اڳ سنڌ ۾ جتوئين جو سردار فتح خان جتوئي هو، جيڪو تعلقي شڪارپور جي ڳوٺ نيپئر آباد ۾ رهندو هو. جتوئين جا پاڙا هي آهن: جتوئي، عارباڻي، بُلا، بڊاڻي، بارگاڻي، برهماڻي، رمضاڻي،دائوداڻي، سيدخاناڻي، عطراڻي، مصراڻي، قادراڻي، جعفراڻي، ڪھرياڻي، راڄاڻي، مرڙاڻين، ڀرڳڙي، ڏياڻي، جانب، گاڏهي، گشڪوري، هاليلاڻي، هيسباڻي، تڙت، حسناڻي، ڪوش، کيرا، خشڪ، کروس، ڪرسي، کودا، مزاراڻي، نوچاڻي، نوتڪاڻي، اتيرا، شاهداڻي ۽ شر. ڪن روايتن موجب سُندراڻي، حاجيجا ۽ زنگيجا به جتوئين جا پاڙا آهن.

سياستدان

جتوئي قبيلي مان سياسي ميدان تي مرحوم غلام رسول خان جتوئي، رئيس غلام مصطفيٰ خان، عبدالحميد خان، لياقت علي جتوئي، ابراهيم جتوئي سميت ڪيترين ئي شخصيتن کي شهرت حاصل رهي آهي.

حوالا

Tags:

قبيلو جتوئي ٻوليقبيلو جتوئي مزھبقبيلو جتوئي تعلققبيلو جتوئي تاريخقبيلو جتوئي سردارقبيلو جتوئي سياستدانقبيلو جتوئي حوالاقبيلو جتوئي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

1691عجائوتريجابر بن اسعث طائي1990عڪارٿيجحورسڪم/ طبعي مقدارترڪيچانڊيوپروليگڏيل قومن جو عالمي اداروترجموعمر مارويالجزائرٽويوٽانارايڻ شياممغربي صحاراوي بيڪ مشينمنڊيتاجڪستانباندرڪاما2003عسکدرشنبيربلآسيہ ارجينٽو1950عترڪي ٻولينيپال زلزلو 2015ع3 نومبرسفرنامو26 جُولاءِصحتگلشن اقبال سب ڊويزنکنڀيون15 شوالشيھوڪارونجھر جبل جو سلسلوڪرنگهي وارا جانوربيجنگضمير خالص1668عخوجڪي اسڪرپٽايرانڊونلڊ ٽرمپواشنگٽن رياست1991عموزمبيقوئمرمولودمصطفيٰ قريشينائيجيريااسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستانادب4 آگسٽجيڪب آباد سب ڊويزنسر بلاولشعاربجليفيروز آباد سب ڊويزن27 سيپٽمبرعربي سنڌي رسم الخطروزانه مهراڻڪارسنڌي نالاڪويتڪرپشن🡆 More