بيليز

بيليز(انگريزي: Belize) i/bəˈliːz/ وچ آمريڪا ۾ واقع ھڪ ملڪ جو نالو آهي جنھن جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس ھيو.

ھي ملڪ وچ آمريڪا جي اوڀر واري ڪناري تي واقع آهي. ھن جي اتر اولهه ۾ ميڪسيڪو، اوڀر ۾ ڪيريبين سمنڊ ۽ ڏکڻ اولھ ۾ گوئٽي مالا واقع اٿس. ھن ملڪ ۾ پارلياماني جمهوريت آئيني بادشاهت ھيٺ نظام آھي.22800 چورس ڪلوميٽرن جي ھن ملڪ جي آبادي 2017 ۾ 387879 ھئي . ھي ملڪ وچ آفريڪا جو ڇڊي آبادي وارو ملڪ آھي. ھن ملڪ ۾ تمام گھڻيون زميني ۽ آبي حياتياتي جنسون ملن ٿيون.ملڪ جي سرڪاري ٻولي انگريزي آهي. بيليزيئن ڪريئول مقامي وڏي آهي جنھن کانپوءِ ٻي وڏي ٻولي اسپينش ٻولي آھي.ھن ملڪ جا پاڙيسري ملڪن سان گھرا تعلقات آھن. ھي ملڪ ڪيريبئن ڪميونٽي (CARICOM)، ڪميونٽي آف ليٽن آمريڪن اينڊ ڪيريبئن اسٽيٽس (CELAC) جو رڪن ملڪ آهي .

بيليز

Flag of بيليز
{{{coat_alt}}}
جھنڊو قومي نشان
شُعار: '"Sub Umbra Floreo" (ٻولي؟)
"Under the shade I flourish"
ترانو: "Land of the Free"

شاھي ترانو: "God Save the Queen"
Location of بيليز
جو مقامبيليز
گادي جو هنڌ بيلموپن
17°15′N 88°46′W / 17.250°N 88.767°W / 17.250; -88.767
سڀ کان وڏو شهر بيليز سٽي
دفتري ٻوليون انگريزي
تسلیم شدہ  ٻوليون بيليزيئن ڪريئول، گيري فونا, مايان ٻولي , اسپيني ٻولي
نسلي گروھ (2010)
  • 53.9% ميسٽيزو بيليزيئن ڪريئول
  • 23.9% بيليزيئن ڪريئول
  • 11.3% مايان
  • 6.1% گاريفونا
  • 5.8% گورا
  • 3.9% ايشيائي انڊين
  • 1.0% ايسٽ ايشيائي
  • 1.2% ٻيا
  • 0.3% اڻ ڄاتل
مقامي آبادي بيليزيئن (since 1973)
حڪومت وحداني پارلياماني آئيني بادشاهت
• شاھي سربراھ
ايلزبيٿ ٻين
• بيليز جو گورنر جنرل
ڪولول ينگ
• وزيراعظم
ڊين بئرو
مقننه نيشنل اسيمبلي
سينيٽ
ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز
آزادي
• يونائيٽيڊ ڪنگڊم کان ورتائين
21 سيپٽمبر 1981
پکيڙ
• جملي
22٬966 km2 (8٬867 sq mi) (147th)
• پاڻي (%)
0.8
آبادي
• 2017 اندازو
387,879
• 2010 مردم شماري
324,528
•  گھاٽائي
14.1 /km2 (36.5 /sq mi) (213th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$3.34 ارب ڊالر
• في سيڪڙو
$8,445
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$1.91 ارب ڊالر

تاريخ

بيليز 
ڪاراڪول وٽ ڪئانا
بيليز 
زونانٽيونڪ وٽ ايل ڪاسٽيلو

بيليز عيسوي صدين جي پھرين ھزار سال ۾ ماين تھذيب جي ھڪ شھري رياست ھو جنھن کان پوءِ ھتي اسپين ۽ برطانيا جا تڪرار ھليا جيڪي 17 کان 18 صدي تائين جاري رھيا. اھڙي طرح 1862 ۾ ھي ملڪ برٽش ھونڊوراس جي نالي سان برطانوي ڪالوني بڻيو. گوئٽي مالا ۽ برطانيا جي علائقائي تڪرارن جي ڪري ھن کي ڏاڍي دير بعد 1981 آزادي ملي. گوئٽي مالا کيس تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو نيٺ 1992 ۾ کيس تسليم ڪيو پر پوء بہ ٻنھي ملڪن وچ ۾ سرحدي تڪرار برقرار آھي.

جاگرافي

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 45 W آھي ۽ نقشي ۾ وچ آمريڪا ۾ واقع آهي. ملڪ جي پکيڙ 22,966 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 22806 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 160 چورس ڪلوميٽر پاڻي اٿس. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 152 نمبر تي آهي. ملڪ جي خشڪي سان سرحد 542 ڪلوميٽر آهي جنھن مان 266 ڪلوميٽر گوئٽي مالا سان ۽ 276 ڪلوميٽر ميڪسيڪو سان ملي ٿي. بحري سرحد 386 ڪلوميٽر اٿس ۽ سمنڊ اندر علائقي جي 12 ناٽيڪل ميل ۽ مخصوص معاشي زون ھجڻ جي 200 ناٽيڪل ميلن تائين سندس علائقي ھجڻ جي دعویٰ اٿس. ھتان جي زمين ھموار ، ساحلي ميدان واري، گپ چڪ واري آھي ڏکڻ طرف ننڍا جبل پڻ واقع اٿس.ملڪ جي سراسري بلندي 173 ميٽر آھي. سڀ کان اوچو مقام ڊوائلس ڊيلائيٽ آھي جنھن جي بلندي 1124 ميٽر آھي.

آبهوا

ھتان جي آبهوا ٽراپيڪل آھي.موسم تمام گرم ۽ نمي واري ھوندي آھي. مئي کان نومبر ۾ ھتي برسات پوندي آھي ۽ فبروري کان اپريل تائين موسم خشڪ رھندي آھي

قدرتي وسيلا

قدرتي وسيلن ۾ پوکي لائق زمين، عمارتي ڪاٺ ، مڇي ۽ ھائڊرو پاور شامل آهن

زراعت

ھتان جي 6.9 سيڪڙو زمين زرعي آھي جنھن مان 3.3 سيڪڙو پوکي لائق جنھن مان 1.4 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿئي ٿي. 2.2 سيڪڙو زرعي زمين تي چراگاھون آھن باقي 60.6 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻيلا آهن. آبپاشي واري زمين پوري ملڪ ۾ 35 چورس ڪلوميٽر آهي.

بيليز جا ماڻهو

بيليز 
مايا نسل جا ٻار

بيليز جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 360346 ھئي. دنيا ۾ آبادي جي لحاظ کان ان جو نمبر 177 آهي. ھتان جي ماڻھن کي بيليزيئن چوندا آهن. انھن م 52.9 سيڪڙو ميسٽيزو، 25.9 سيڪڙو ڪريئول، 11.3 سيڪڙو مايا، 6.1 سيڪڙو گيريفونا، 3.9 سيڪڙو اوڀر انڊين، 3.6 سيڪڙو مينونائٽ ۽ 1.2سيڪڙو گورا آھن. آبادي جو 62.9 سيڪڙو ماڻهو انگريزي ڳالھائيندا آھن جيڪا ھن ملڪ جي سرڪاري ٻولي آھي. ان کان علاوه 56.6 ماڻھو اسپيني ٻولي، 44.6 ڪريئول ٻولي، 10.5 سيڪڙو مايا، 3.2 سيڪڙو جرمن ۽ 2.9 سيڪڙو گاريفونا ٻولي ڳالهائيندڙ آھن.آبادي جو 40.1 سيڪڙو ماڻهو رومن ڪيٿولڪ مذهب، 31.5 سيڪڙو پروٽسٽنٽ، 1.7 سيڪڙو يھوا جا شاھد، 10.5 سيڪڙو باقي ٻيا جن ۾ ھندو، مسلمان، راسٽافاريئن، سيلويشن آرمي وغيره شامل آهن.

بيليز 
ڊينگريگا، بيليز ۾ گاريفونا نسل جا روايتي ڊانسر

نالو

ملڪ جو پراڻو نالو برٽش ھونڊوراس آھي . نئون نالو بيليز اتان جي بيليز نديءَ مان نڪتل آهي. بيليز لفظ ھڪ خيال مطابق مايا ٻوليء جي لفظ بيلڪس مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي گپ چڪ.

سياسي نظام

بيليز 
بيليز جا ضلعا

ھتي جو سياسي نظام پارلياماني جمھوريت آھي جيڪو آئيني بادشاهت جي تحت ھلي ٿو جيڪو دولت مشترڪه واري نظام ۾ شامل آھي. حڪومت جي گادي بيلموپن شھر ۾ آھي جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 17 15 N, 88 46 W تي آھي. ھن ملڪ جي انتظامي ورهاست ضلعن ۾ ٿيل آهي. ملڪ جا جملي ڇھ ضلعا آهن جن ۾ بيليز، ڪايو، ڪوروزال، اورينج واڪ، اسٽان ڪريڪ، ٽوليڊو شامل آهن. ملڪ 21 سيپٽمبر 1981 ۾ برطانيا کان آزاد ٿيو.

حوالا


Tags:

بيليز تاريخبيليز جاگرافيبيليز آبهوابيليز قدرتي وسيلابيليز زراعتبيليز جا ماڻهوبيليز نالوبيليز سياسي نظامبيليز حوالابيليزListenانگريزيفائل:En-us-Belize.oggوڪيپيڊيا:IPA for English

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

اوطاق1200عڪولمبياهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجگهوڙوبرازيلانسائيڪلوپيڊياسمن جو راڄقزاقستاناتر بحرالڪاهل معاهدي واري تنظيمدوشنبيليکڪصحافتڊائرياسياستسونپاڪستان جا ضلعاچاڊکيرولٽوڪيوڄام ڪرنايڪڙ747عترجموٽيليفونراولا منڊيروانڊاآرامي ٻولييورپين ايڪانامڪ ايرياعثماني سلطنتفيس بڪتاريخ1117عپروليمشت زنيدؤرحقيقي زندگي1690عاٽليملائڪدي نيو يارڪ ٽائمزڪيوباسماجي اڀياسجيوٽيگنگمشتاق احمد يوسفيشيخ اياز1634عانجنيئرڱبھيويدانيتوڪي مينيابيهڪ جون نشانيونبرووخ اسپنوزامادوحرمروموزمبيق🡆 More