بلگاريا: ڏکڻ اوڀر يورپ جو ھڪ ملڪ

بلغاريہ(انگريزي: Bulgaria) i/bʌlˈɡɛəriəbʊl-/ جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف بلغاريہ ڏکڻ اوڀر يورپ جو ملڪ آهي جنھن جون سرحدون اتر ۾ رومانيہ،اولھ ۾ سربيا ۽ ريپبلڪ آف ميسيدونيا، ڏکڻ ۾ يونان ۽ ترڪي ۽ اوڀر ۾ ڪاري سمنڊ سان ملن ٿيون.

گاديءَ جو هنڌ صوفيہ اٿس ۽ ٻيا وڏا شھر پلووديف، وارنا، برگاس اٿس.

ريپبلڪ آف بلغاريہ

Република България  (ٻولي؟)
Republika Bǎlgariya
Flag of بلغاريه
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '
  • Съединението прави силата (ٻولي؟)
  • "Sǎedinenieto pravi silata"  (transliteration)
  • "اتحاد ۾ طاقت آھي"
ترانو: 
Мила Родино  (سانچو:ISO 639 name bg)
ملا روڊينو  (transliteration)
ڊيئر مڌرلينڊ
مڪانيت  بلگاريا  (تيز سائو) – يورپ ۾  (سائو & تيز ڀورو) – in يورپي يونين  (سائو)  –  [Legend]
مڪانيت  بلگاريا  (تيز سائو)

– يورپ ۾  (سائو & تيز ڀورو)
– in يورپي يونين  (سائو)  –  [Legend]

گادي جو هنڌ صوفيا
42°41′N 23°19′E / 42.683°N 23.317°E / 42.683; 23.317
سڀ کان وڏو شهر صوفيا
دفتري ٻوليون بلغارين
سرڪاري اسڪرپٽ سرلڪ
نسلي گروھ (2011) 84.8% بلغارين, 8.8% ترڪ, 4.9% روماني, 0.7% ٻيا
مقامي آبادي بلغارين يا بلغاريائي
حڪومت وحداني پارلياماني
ريپبلڪ
• صدر
رومين ريديف
• وزيراعظم
بوائڪو بوريسوف
مقننه نيشنل اسيمبلي
قيام جي تاريخ
• پھرين بلغاريائي ايمپائر
681–1018
• ٻين بلغاريائي ايمپائر
1185–1396
• بلغاريا جي پرنسپلٽي
3 مارچ 1878
• عثماني خلافت کان آزادي
5 آڪٽوبر 1908
پکيڙ
• جملي
110٬993.6 km2 (42٬854.9 sq mi) (103rd)
• پاڻي (%)
2.16
آبادي
• 31 ڊسمبر 2017 اندازو
کم 7,050,034 (103rd)
•  گھاٽائي
64 /km2 (165.8 /sq mi) (155th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$163  ارب ڊالر (76th)
• في سيڪڙو
$23,207 (62nd)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
$64  ارب ڊالر (81st)
Portrait of president Rumen Radev
رومين راديف
بلغاريہ جو صدر
Portrait of premier Boyko Borisov
بوائڪو بوريسوف
بلغاريہ جو وزير اعظم

تاريخ

موجوده بلغاريہ جي سڀ کان قديم سماج نيولٿڪ دؤر جي ڪارانووو تھذيب آھي جيڪا 6500 ق.م. جي آھي ڇھين کان ٽين صدي ق م ۾ ھيء ڌرتي ٿريشيا، وارن، فارس وارن ، ڪيلٽ وارن ۽ قديم ميسيدونيا جي ماڻھن جي وچ ۾ ھڪ جنگ جو ميدان ھيو ۽ اھو سلسلو جاري رھيو ايستائين جو 45 عيسويءَ ۾ رومن ايمپائر ھي علائقو فتح ڪيو. بلغار نسل وارن ڪجهه علائقا ستين صدي عيسويءَ ۾ اوڀر رومن ايمپائر ۽ بازنظيني ايمپائر کان کسي ورتا جتي 681 ۾ انھن پھرين بلغار ايمپائر جو بنياد وڌو جنھن بلقان ۾ پنھجو غلبو آندو. بلغار ايمپائر يارھين صدي تائين قائم رهي جنھن بعد اتي وري بازنظيني ايمپائر قبضو ڪري بلغار ايمپائر کي ناس ڪري ڇڏيو.

بلگاريا: تاريخ, جاگرافي, آبھوا 
ٻين بلغار ايمپائر جي گاديءَ جي هنڌ ويليڪو ٽارناوو ۾ واقع زاريويٽس قلعي جون ڀتيون

1185 ۾ وري ٻي بلغار ايمپائر قائم ٿي جيڪا آئوين آسين ٻيون (1218–1241) جي دور ۾ عروج تي پھتي 1396 تائين ھي ايمپائر ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿي ۽ ان جا اڪثر حصا عثماني خلافت جي قبضي هيٺ آيا اھڙي طرح ھي ملڪ پنج سؤ سال عثماني ترڪن جي قبضي هيٺ رھيو. 78- 1877 ۾ روس ۽ ترڪي واري جنگ جي نتيجي ۾ موجوده بلغاريہ جي ٽين رياست وجود ۾ آئي. 1946 ۾ ھتي ھڪ پارٽي واري سوشلسٽ حڪومت قائم ٿي ۽ ملڪ سوويت بلاڪ ۾ شامل ٿي ويو.1989 ۾ حڪمران ڪميونسٽ پارٽيءَ انقلاب اچڻ بعد اقتدار ڇڏيو جنھن کان پوءِ گھڻ جمائتي جمھوريت ۽ مارڪيٽ جي بنياد واري معيشيت جي دؤر جو آغاز ٿيو.

جاگرافي

بلگاريا: تاريخ, جاگرافي, آبھوا 
بلغاريہ جي نقشي ۾ ان جي ٽوپوگرافي ڏيکاريل

ھن ملڪ جي جاگرافيائي بيهڪ 43 00 N, 25 00 E آھي. ملڪ جي پکي 110,879 چورس ڪلوميٽر آهي جنھن مان 108,489 چورس ڪلوميٽر خشڪي ۽ 2,390 چورس ڪلوميٽر پاڻي آهي.. پکيڙ ۾ دنيا ۾ 106 نمبر تي آهي. ملڪ جي ڪل زميني سرحد 1,806 ڪلوميٽر آهي جن مان 472 ڪلوميٽر يونان سان، 162 ڪلوميٽر ميسيدونيا سان، 605 رومانيا سان، 344 سربيا سان۽ 223 ڪلوميٽر ترڪيءَ سان ملي ٿي. بحري سرحد 354 ڪلوميٽر آهي. ھن ملڪ جي بحري سرحد جي علائقي جي دعویٰ 12 ناٽيڪل ميل آھي ۽ ان سان لڳولڳ سامونڊي زون جي دعویٰ 24 ناٽيڪل ميل ۽ مخصوص معاشي زون جي دعویٰ 200 ناٽيڪل ميل آھي. اتر ۽ ڏکڻ-اوڀر واري پاسي جبل واقع آھن جن جي ڀر ۾ ھيٺاھين زمين آھي

آبھوا

ھتان جي آبهوا ٽيمپريٽ، ٿڌي آھي. سيارا گھميل ۽ اونھارا خشڪ ۽ گرم ھوندا آھن.ملڪ جي سراسري اوچائي 472 ميٽر آھي.سڀ کان اوچو مقام موسالا آھي جنھن جي اوچائي 2925 ميٽر آھي.

معدنيات ۽ قدرتي وسيلا

ھتانجي معدنيات ۽ قدرتي وسيلن ۾ باڪسائيٽ، ٽامو، شيھو، جست، پوکي لائق زمين شامل آهن.

زراعت

ھتان جي زمين جو 46.9 سيڪڙو زراعت سان تعلق رکندڙ آهي. جنھن مان 29.9 سيڪڙو پوکي لائق آھي، 1.5 سيڪڙو تي مستقل پوکي ٿيندي آھي، 15.5 سيڪڙو تي مستقل چراگاھون ۽ 36.7 سيڪڙو تي ٻيلا آهن.2012 جي انگن اکرن مطابق ملڪ جي آبپاشي واري زمين جملي 1020 چورس ڪلوميٽر آهي.

بلغاريہ جا ماڻهو

ھن ملڪ جي آبادي جولاءِ 2017 ۾ 7,101,510 ھئي. آبادي جي لحاظ کان دنيا ۾ ھي ملڪ 103 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي بلغارين چوندا آهن. آبادي جو 70.9 سيڪڙو بلغارين نسل جا، 8 سيڪڙو ترڪ نسل، 4.4 سيڪڙو روماني نسل ۽ ٻيا جن ۾ روسي، آرمينيائي ۽ ولاچ شامل آھن. ھتان جي 76.8 سيڪڙو ماڻهن جي ٻولي ٻولي آھي جيڪا ھتان جي سرڪاري ٻولي پڻ آھي. 8.2 سيڪڙو ترڪي ٻولي، 3.8 سيڪڙو روماني ٻولي ڳالھائيندڙ آھن. ھتان جي 59.4 سيڪڙو آبادي جو مذھب ايسٽرن آرٿوڊڪس آھي ، 7.8 سيڪڙو مسلمان آهن.

نالو

ھن ملڪ جو نالو ھتان جي بلغار قبيلن جي ڪري بلغاريہ پيو

سياسي نظام

بلگاريا: تاريخ, جاگرافي, آبھوا 
  1. Blagoevgrad
  2. Burgas
  3. Dobrich
  4. Gabrovo
  5. Haskovo
  6. Kardzhali
  7. Kyustendil
  8. Lovech
  9. Montana
  10. Pazardzhik
  11. Pernik
  12. Pleven
  13. Plovdiv
  14. Razgrad

  1. Ruse
  2. Shumen
  3. Silistra
  4. Sliven
  5. Smolyan
  6. Sofia Province
  7. Stara Zagora
  8. Targovishte
  9. Varna
  10. Veliko Tarnovo
  11. Vidin
  12. Vratsa
  13. Yambol

ھن ملڪ ۾ 28 صوبا آھن جن کي کي اوبلاسٽ چوندا آهن جن جا نالا آھن: بلاگوئيف گراڊ، برگاس، ڊوبرچ، گابرووو، ھئزڪووو، ڪاردزھالي، ڪيوسٽينڊل، لوويچ، مونٽانا، پازارڊزھڪ، پيرنڪ، پليوين، پلووديف، رزگارڊ، روسي، شومين، سلسٽرا، سلائيوين، سمولوا ، صوفيا، صوفيا گراڊ، اسٽارا، زيگورا، ٽارگوويشٽي، وارانا، ويلڪو، ٽارنووو، ودين، وراسٽسا ۽ ييمبول.
ملڪ 3 مارچ 1878 ۾ خلافت عثمانيه کان آزادي ورتي ۽ 22 سيپٽمبر 1908 تي مڪمل آزاد ٿي ويو. ملڪ ۾ رياستي سربراھ صدر ۽ حڪومتي سربراهه وزيراعظم آھي.

بلگاريا: تاريخ, جاگرافي, آبھوا 
صوفيا ۾ واقع بلغاريہ جي نيشنل اسيمبلي

پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو نيشنل اسيمبلي آھي جنھن ۾ 240 سيٽون آھن جن جي چئن سالن لاءِ سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ملڪ جي وڏي۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ آف ڪئسيشن آھي جنھن ۾ 72 جج آھنجن جو سربراھ چيئرمين آھي.

حوالا


Tags:

بلگاريا تاريخبلگاريا جاگرافيبلگاريا آبھوابلگاريا معدنيات ۽ قدرتي وسيلابلگاريا زراعتبلگاريا بلغاريہ جا ماڻهوبلگاريا نالوبلگاريا سياسي نظامبلگاريا حوالابلگارياListenانگريزيصوفيہفائل:En-us-Bulgaria.oggوڪيپيڊيا:IPA for English

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

يورپين ايڪانامڪ ايريايونيڪوڊمحمد ھاشم مخلص14 آڪٽوبرپائيدار ترقيآزاديگرين هائوسوڪي مينيا707عانساني حقايڪتا (فلم)1603عڪون وڻنائو ملسنڌو ماٿريءَ جي تھذيبڀڳوت گيتاڦڳڻ ڦلاريوڀنڀور کي باھ لڳي وئيبجليگڏيل قومن جو عالمي ادارواستاد بخاري1789عترائيلڀارت12 نومبرٻولياو سي ايل سيليما1877عپاڪستان جا صوباگليليئو گليليئيپهاڪوشاعري1593عايران1999عمقامي آباديآمريڪي فلمنڱگو831عرت جي دوري جو سرشتوبينظير ڀٽودعاهائپر ٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويجاللهرياضيشاھ حسن بيگ ارغون4 شعبانعلم ڪيمياگوگلديھ لتيڻيونڪارٿيجڌرتيبيتعثمان بن عفانسوارا ڀاسڪر1093ع🡆 More