بارباڊوس

بارباڊوس يا باربئڊوس(انگريزي: Barbados) i/bɑrˈbeɪdɒs/ يا /-doʊs/ ھڪ ملڪ جو نالو آهي جيڪو ڪيريبئن سمنڊ ۾ ويسٽ انڊيز جو ھڪ ٻيٽ آھي ۽ 34 ڪلوميٽر ڊگھو 23 ڪلوميٽر ويڪرو آھي ۽ جنھن جي پکيڙ 432 چورس ڪلوميٽر آهي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شهر برج ٽائون آھي.

بارباڊوس

Flag of بارباڊوس
{{{coat_alt}}}
جھنڊو نِسبتي نشان
شُعار: '" فخر ۽ صنعت"
ترانو: In Plenty and In Time of Need

شاھي ترانو: God Save the Queen
Location of بارباڊوس
گادي جو هنڌ برج ٽائون
13°06′N 59°37′W / 13.100°N 59.617°W / 13.100; -59.617
سڀ کان وڏو شهر برج ٽائون
دفتري ٻوليون انگريزي
تسلیم ٿيل مقامي  ٻوليون بيجن ڪريئول
نسلي گروھ (2010)
  • 90.4% آفريقي
  • 4.1% ميسٽيزو
  • 3.7% گورا
  • 1.3% ريڊ انڊين
  • 0.4% باقي ٻيا
مذهب
مقامي آبادي
  • باربئڊين يا بارباڊوسي
  • بيجن (محاورتن)
حڪومت وحداني رياست پارلياماني نظام آئيني بادشاهت
• شاھي سربراھ
ايلزبيٿ ٻين
• گورنر جنرل
سينڊرا مئيسن
• وزيراعظم
ميئا موٽلي
مقننه پارليامينٽ
سينيٽ
ھائوس آف اسيمبلي
آزادي
• برطانيا کان
30 نومبر 1966
پکيڙ
• جملي
439 km2 (169 sq mi) (183rd)
• پاڻي (%)
نہ جھڙو
آبادي
• 2010 مردم شماري
277,821 (181st)
•  گھاٽائي
660 /km2 (1٬709.4 /sq mi) (15th)
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.663 billion
• في سيڪڙو
$16,669 (73rd)
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2016 لڳ ڀڳ
• ڪل
$4.385 billion
بارباڊوس
ماڻھو برج ٽائون ۾ خريداري ڪندي

تاريخ

ھن جزيري ۾ تيرھين صدي عيسويءَ ۾ ڪاليناگو ماڻهو ھتي رھندا ھئا. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ ھتي اسپيني پھتا ۽ ھي ٻيٽ سڀ کان پھريون اسپين جي نقشي ۾ 1511 عيسويءَ ۾ ظاهر ڪيو ويو. 1536 ۾ ھتي پورچوگيزي پھتا پر انھن ھن ٻيٽ جي دعويداري نہ ڪئي. 1625 م ھتي انگريزن جو بحري جهاز اولو بلاسم(انگريزي: Olive Blossom) پھتو ۽ انگريزن ھن ٻيٽ تي جيمز پھرين پاران قبضو ڪيو. 1627 ۾ ھتي پھريان دائمي آبادڪار انگلينڊ مان پھتا ھتي ڪمند جي پوک جي ڪري ھي ٻيٽ آفريڪي غلامن جي واپار جو انگلينڊ جو مرڪز ٿي ويو ۽ 1833 ۾ غلامي تي بندش جي قانون اچڻ تائين اھو مرڪز برقرار رھيو. 30 نومبر 1966 ۾ بارباڊوس دولت مشترڪہ واري گروپ ۾ ھڪ خودمختيار ملڪ بڻيو پر ان جي رياست جو سربراھ برطانيا جي شاھي خاندان کي ئي تسليم ڪيو ويو، جيڪو ھن وقت راڻي ايلزبيٿ II آهي.

جاگرافي

بارباڊوس 
بارباڊوس جو نقشو

ڪيربين سمنڊ جو ھي ٻيٽ تي مشتمل ملڪ اتر اينٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ وينزويلا جي اتر اوڀر م واقع آهي. ان جي جاگرافيائي بيهڪ 13 10 N, 59 32 W آھي. ھن ملڪ جي پکيڙ 430 چورس ڪلوميٽر جيڪو سمورو خشڪي تي واقع آهي جو اتي ڪوبہ، درياء ، ندي ، ڍنڌ يا ڍورو ڪانہ آھي. پکيڙ ۾ ھن ملڪ جو دنيا ۾ نمبر 202 آھي. ٻيٽ ھجڻ ڪري ھن جي ڪابہ زميني سرحد ڪانہ آھي باقي ان جو سامونڊي ڪنارو 97 ڪلوميٽر اٿس ۽ سامونڊي علائقي جي ان جي دعوا 12 بحري ميل ۽ مخصوص معاشي زون 200 بحري ميل اٿس. ملي جو بلند ترين مقام مائونٽ ھلابي آھي جنھن جي اوچائي 336 ميٽر آھي.

آبھوا

بارباڊوس 
بئٿشيبا، سينٽ جوزف

ملڪ جي موسم ٽراپيڪل آھي . برساتي موسم جون کان آڪٽوبر تائين ھلندي آھي.

قدرتي وسيلا ۽ معدنيات

پيٽروليم، مڇي، قدرتي گيس ھتان جا مکيہ معدني ۽ قدرتي وسيلا آھن.

زراعت

ھن ملڪ جي 32.6 سيڪڙو زمين زرعي آهي جنھن جو 25.6 سيڪڙو پوکي لائق آھي.2.3 سيڪڙو زرعي زمين تي مستقل پوکي ٿيندي آهي، 4.7 سيڪڙو زمين تي مستقل چراگاھون آھن ۽ 19.4 سيڪڙو زرعي زمين تي ٻيلا آهن. ملڪ جي 50 چورس ڪلوميٽر زمين تي آبپاشي نظام آھي.ھي اوڀر ڪيريبين سمنڊ جي ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪَ گھاٽي آبادي وارو ملڪ آهي. آبادي جو ٽيون حصو شھر ۾ رھي ٿو.

بارباڊوس جا ماڻهو

جولاءِ 2017 جي انگن اکرن مطابق ھن ملڪ جي آبادي 292336 آهي ۽ آبادي جي لحاظ کان دنيا ۾ 180 نمبر تي آهي. ھتان جي ماڻھن کي باربئڊين يا بيجين سڏيندا آهن. آبادي ۾ ڪارا آفريقي 92.4 سيڪڙو، گورا 2.7 سيڪڙو، ايسٽ انڊين 1.3 سيڪڙو آھن.ھتان جي ماڻھن جي ٻولي بيجين ڪريئول آھي جيڪا انگريزيءَ وانگر آهي.ھتان جي ماڻھن 66.4 سيڪڙو ماڻهن جو مذھب پروٽيسٽنٽ آھي.5.9 سيڪڙو ماڻهو ايڊوينٽسٽ، 5.9 سيڪڙو ماڻهو ميٿڊسٽ ، 3.4 سيڪڙو ماڻهو نيزرين، 2.4 سيڪڙو ماڻهو چرچ آف گاڊ، 1.8 سيڪڙو ماڻهو بئپٽسٽ ، 0.9 سيڪڙو ماڻهو پروٽيسٽنٽ، 3.8 سيڪڙو رومن ڪيٿولڪ آھن.

نالي جو مطلب

بارباڊوس لفظ پورچوگيزي ٻولي جو لفظ آهي جنھن جي معني آهي ڏاڙهي وارا

سياسي يا حڪومتي انتظام

بارباڊوس 
بين الاقوامي خلائي اسٽيشن تان ورتل بارباڊوس جي تصوير

ملڪ جو سياسي نظام آئيني بادشاهت ھيٺ پارلياماني جمهوريت آھي ۽ ھي ملڪ دولت مشترڪہ واري دائري ۾ اچي ٿو. گاديءَ جو هنڌ برج ٽائون اٿس جنھن جي جاگرافيائي بيهڪ 13 06 N, 59 37 W آهي. ملڪ ۾ ڪل يارھن ضلعا ۽ ھڪ شھر آھي. ضلعي کي ھن ملڪ ۾ پيرش(انگريزي: parish) چوندا آهن جنھن جو مطلب اھڙو مڪاني حڪومت وارو علائقو جتي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ گرجا ۽ پادري ھجي. بارباڊوس جي واحد شھر جو نالو برج ٽائون آھي ۽ يارھن ضلعن جا نالا آھن: ڪرسچن چرچ، سينٽ اينڊريو، سينٽ جارج، سينٽ جيمز، سينٽ جان، سينٽ جوزف ، سينٽ لوسي، سينٽ ميخائيل، سينٽ پيٽر، سينٽ فلپ، ۽ سينٽ ٿامس. ھي ملڪ 30 نومبر 1966 ۾ آزاد ٿيو. ھتي جو عدالتي نظام انگلش ڪامن لا سسٽم تي مشتمل آهي ۽ بين الاقوامي قانون مطابق بين الاقوامي عدالت جي اختيار کي تسليم ڪندڙ ملڪ آھي.رياست جو سربراھ برطانيا جي شاھي خاندان مان آھي جيڪا ھن وقت راڻي ايلزبيٿ ٻين آهي جنھن جي نمائندگي گورنر جنرل ڪندو آھي. حڪومت جو سربراھ وزيراعظم آھي 25 مئي 2018 تي سئنڊرا ميسن ھتان جي چونڏيل وزيراعظم طور ڪم شروع ڪيو . ھن ملڪ جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھي ھڪ ايوان سينيٽ آھي جنھن جون 21 سيٽون آھن . ٻئي ايوان جو نالو ھائوس آف اسيمبلي آھي جنھن جون 30 سيٽون آھن.

حوالا

Tags:

بارباڊوس تاريخبارباڊوس جاگرافيبارباڊوس آبھوابارباڊوس قدرتي وسيلا ۽ معدنياتبارباڊوس زراعتبارباڊوس جا ماڻهوبارباڊوس نالي جو مطلببارباڊوس سياسي يا حڪومتي انتظامبارباڊوس حوالابارباڊوسListenانگريزيفائل:En-us-Barbados.oggوڪيپيڊيا:IPA for Englishڪيريبئن سمنڊ

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

آصف علي زرداريراجڪمار هيراڻيڪيفترڪمانستانانسائيڪلوپيڊيافيصل مسجدراڻي وڪٽوريا (برطانيا)اين اي-265 (پشين)ملاحمهابت خان مسجدپولينڊافغانستانماسڪو1742عڻٽالپر گهراڻو1533عابوبڪر صديقجامع مسجد ٿل18 آڪٽوبرقطب الدين بختيار ڪاڪيروزواين اي-40 (اتر وزيرستان)پوڇڙ تاراجمهوريا ڪانگوچيني ٻوليڪانگريس ڪنٽرول نمبر لائبريريٽالپر شاهي خاندانفرانسلسانياتنارويڪريٽو ڪامنزپاڪستان جا گورنر جنرلپي پي-1 (اٽڪ-1)خلائي دؤربئڪٽيريا5 نومبرڪلهوڙا شاهي گهراڻو12 جنوريبيلاروسمظهر ابڙومحمدسنڌ ۾ رهندڙ ذاتيون قومون ۽ قبيلامراٺي ٻوليپاڪستانبوسنيا ۽ ھرزگوينيا1777عڊرون14 سيپٽمبرلاهوت لامڪان1662عڪولمبياآسيہ ارجينٽونيپالي ٻولياسدالله ڀٽو13 جنوري🡆 More