امير علي چانڊيو

امير علي ولد محمد چانڊيو 24 مئي 1949ع تي ڳوٺ شاهه محمد چانڊيو لڳ قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.

هي سٺو نثرنگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ مترجم هو. امير علي چانڊيو شروع ۾ ڀر واري ڳوٺ آباد جي ملا مڪتب ۾ پڙهيو ۽ پوءِ پنهنجي والد سان گڏ اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو. جتي انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ وڃي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. جتان 1973ع ۾ ايم. اي انگريزي ڪيائين. جنهن کانپوءِ پاڻ ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران سي. ايس. ايس جو مقابلي وارو امتحان پاس ڪري ورتائين. جنهنڪري کيس اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس منتخب ڪيو ويو ۽ پوءِ ايس.پي ٿيو ۽ پنهنجي سروس دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهيو. آخر ۾ اڻويهين گريڊ ۾ ڊي. آءِ. جي جي عهدي تي پهتو.
امير علي چانڊيو شاگردي واري زماني کان ئي ادب سان شوق رکندو آيو. هن شاعري به ڪئي. گيت، غزل، وايون ۽ ڪافيون لکيائين. کيس راڳ جي به سٺي ڄاڻ هئي. ان سلسلي ۾ مشهور راڳي مٺو ڪڇيءَ کي پنهنجو استاد بڻايائين. بهترين نثرنگار ۽ نقاد به هو. مهراڻ، ٻين رسالن ۾ شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاج بلوچ جي شاعريءَ بابت سندس مقالا ۽ تنقيدي مضمون ڇپيا. امير علي چانڊيي کي ادب جي تاريخ ۾ جنهن ڪم سبب هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو، سو آهي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي بيتن جو انگريزي ۾ سندس ترجمو. سندس شاهه جا ترجمو ڪيل بيت ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ روزانو هڪ هڪ بيت به شايع ٿيندا رهيا. ان کانسواءِ هن شيخ اياز تي تمام علمي انداز ۾ فني پهلوئن جي حوالي سان عملي تنقيد ڪئي ۽ شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جا نظم سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. امير علي چانڊيي 12 آڪٽوبر 1996ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.

حوالا



امير علي چانڊيو پڻ ڏسندا

Tags:

سنڌ يونيورسٽي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

پيزليوي بيڪ مشينگوتم ٻڌهانگ ڪانگناري واد24 ڊسمبرشهيد بينظيرآباد ڊويزنواڱڻ716عراويآسٽريليا جا شاھي سربراھپنجابي جا لھجامصراوجھريونگو (علائقو)ڪمپيوٽر سائنسواشنگٽن ڊي سيڊچ ايسٽ انڊيزاپنشدچچ ناموضلعو هيٺيون چترالخلاڪتبوڪارياورڪتوجاپانڪل ديسي پيداواريهوديتزراعت1573عشِودهليجپسيهنگلاج ماتااصطخريپاڪستان جو ٺھراءُاڇي مکآئينجهڏوبرج خليفہسر يمن ڪلياڻپروفيسرويرا واھ1525عقافيوسوکڙي (ڪتاب)افتخار محمد چوڌريجو بائيڊنھائڊروجن2019–20 ڪوروناوائرس مها وبا1846ع1754عرباباَنبِڙِيوهاڙي ضلعوتهراننعرواسماعيل بن جعفربليڪ هولامام بخاريناريل🡆 More