اضحي

عربي ٻوليءَ جو لفظ، جنهن جو مفهوم آهي، اُهو جانور جنهن جي، حج جي خوشيءَ ۾ 10 ذوالحج تي، حج جي خطبي کان پوءِ قرباني ڏجي.

نه رڳو حج واري ڏينهن، پر حج جي ٻئي ۽ ٽئين ڏينهن به قرباني ڏيئي سگهجي ٿي. اُضحيءَ جي گوشت جون ٽي پتيون ڪبيون آهن. هڪڙي پتي پنهنجي عيال لاءِ، ٻي پتي عزيزن قريبن ۽ دوستن لاءِ -ٽين- پتي خيرات ڪرڻي آهي.اضحي هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ادا ڪيو ويندو آهي. قرباني هر عام مسلمان تي واجب ناهي، پر صاحبِ نصاب (سرندي وارن) مسلمانن تي واجب آهي ۽ ان جو فائدو هر عام مسلمان کي ٿئي ٿو. هن ۾ مسلمان پنهنجي حق حلال جي بچت ڪمائيءَ مان ڪو حلال جانور خريد ڪري (يا گهر ۾ پاليل) کي الله تعاليٰ جي راه ۾ قربان ڪندو آهي، ان جو گوشت پاڻ به کائيندو آهي ۽ ٻين عام مسلمانن کي به ورهائي ڏيندو آهي

قرباني جا حڪم

پنهنجي وطن ۾ مقيم هر صاحبِ نصاب (سرندي واري) مسلمانن تي عيد الاضحيٰ جي مقرر ٽن ڏينهن مان ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ شرعي طور مقرر جانور کي ذبح ڪري ان جو گوشت ورهائڻ واجب آهي. ان عمل جو نالو اضحي يا قرباني آهي. ان جو وقت عيد نماز ادا ڪرڻ سان شروع ٿيندو آهي، اها سال ۾ فقط هڪ ڀيرو ادا ڪئي ويندي آهي. ٻي قرباني حج جي موقعي تي ڪئي ويندي آهي. حج اسلام جو اهم رڪن آهي. هر سال لکين مسلمان پوري دنيا مان اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِ مڪه معظمه ۾ پهچن ٿا. حج جي احڪامن مان هڪ حڪم قرباني آهي، جيڪا هر حاجيءَ تي حج سان گڏ فرض آهي. زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو واجب آهي، پر جيڪڏهن ڪو وڌيڪ حج (نفلي) ادا ڪندو ويندو ته ان کي قرباني به ادا ڪرڻي پوندي”حنفي مسلڪ“ ۾ واجب آهي ۽ هر ان ماڻهو تي واجب آهي، جنهن تي صدقه فطر واجب آهي يعني جيڪو صاحبِ نصاب آهي. صاحبِ نصاب ان ماڻهو کي چئبو آهي، جنهن وٽ زندگيءَ جي ضرورتن کان بچت ساڍا ٻاونجاهه تولا چاندي يا ساڍا ست تولا سون يا انهن مان ڪنهن هڪ جي قيمت نقد جي صورت ۾ يا ڪاروبار جي صورت ۾ هجي. جيڪو زڪوات جو نصاب آهي. البته زڪوات لاءِ ضروري آهي ته اهو مال سڄو سال يا سال جو اڪثر حصو وٽس موجود رهيو هجي جڏهن ته فطراني يا قربانيءَ لاءِ مال جو سڄو سال موجود هجڻ ضروري نه آهي. اگر ڪو ماڻهو صاحبِ نصاب نه هوندو ۽ قرباني ڪندو ته کيس اجر ملندو مگر مٿس شرعي طور تي واجب نه آهيقرباني صرف پنهنجي طرفان ۽ پنهنجي صغير اولاد طرفان ڪئي ويندي آهي . حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن اضحيءَ جي ڏينهن ۾ ڪاري رنگ جا ٻه دُنبا خريد ڪندا هئا جيڪي وڏن سڱن سان ۽ ٿُلها متارا هوندا هئا. نماز ۽ خطبي مان فارغ ٿي پنهنجي مبارڪ هٿن سان انهن کي ذبح ڪندا هئا جيئن ابن ماجه ۾ روايت آهي: ترجمو:

”بيشڪ رسول الله جڏهن اضحي ڪرڻ جو ارادو فرمائيندا هئا ته ڪاري رنگ جا ٻه دُنبا خريد ڪندا هئا جيڪي وڏن سڱن سان سگها ۽ ٿلها متارا هوندا هئا انهن مان هڪ پنهنجي پوري امت جي طرفان ذبح ڪندا هئا، جن الله تعاليٰ جي توحيد ۽ سندن رسالت جي شاهدي ڏني آهي. پوءِ ٻيو دنبو محمد ۽ آل محمد صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي طرفان ڪندا هئا.“

— حديث نبوي صہ

قربانيءَ جا جانور

  • قربانيءَ ۾ هر حلال جانور جيڪو گهر ۾ پاليو وڃي ٿو ۽ ان جي عمر بلوغت کي پهچي ۽ ان ۾ ڪو به اهڙو عيب نه هجي، جنهن سان سندس قيمت ۾ فرق پوي يا گوشت گهٽ ٿئي، جائز آهي.
  • ڪوبه جهنگلي حلال جانور جن جو شڪار ڪيو ويندو آهي، تن جي قرباني نٿي ڪري سگهجي، ڪو به ڪمزور يا نٻل ۽ بيمار جانور قربان نه ڪيو ويندو.
  • قربانيءَ لاءِ اُٺ، مينهن، ڍڳو، ٻڪر، دنبو، رڍ مادي يا نر جانور جائز آهن جن ۾ مٿيان سڀ شرط پورا هجن.

قربانيءَ جو عمل

قربانيءَ جو جانور ڪهڻ کانپوءِ ان جي سموري گوشت کي گڏائي ان جا ٽي حصا ڪيا ويندا آهن. هڪ حصو قرباني ڪرڻ وارو کڻندو، ٻيو حصو دوستن يارن، مٽن مائٽن کي ڏنو ويندو آهي ۽ ٽيون حصو عام غريب غربي کي ڏنو ويندو آهي.

تاريخ

اسلامي تاريخ مطابق قربانيءَ جي ابتدا به انسانيت جي ابتدا سان گڏوگڏ ٿي. حضرت آدم عليہ السلام جي ٻن پٽن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ قربانيءَ جي حوالي سان هن طرح آيو آهي. ترجمو:

”انهن کي آدم عليہ السلام جي ٻن پُٽن جو قصو سچائيءَ سان ٻڌاءِ جنهن وقت الله تعاليٰ جي حضور ۾ قربانيون پيش ڪيائون ته هڪڙي جي قبول ٿي ۽ ٻئي جي قبول نه ٿي، ته چيائين ته مان توکي قتل ڪندس. ٻئي چيس ته بيشڪ الله تعاليٰ تقويٰ وارن جي قرباني ئي قبول فرمائيندو آهي.“

ان کانپوءِ حضرت ابراهيم عليہ السلام جي سندن فرزند حضرت اسماعيل عليہ السلام جي قربانيءَ جو ذڪر اچي ٿو. مشهور قصو آهي، جنهن ۾ پهريان پٽ جي قربانيءَ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪو پوءِ تبديل ٿي دنبو قربان ٿيڻ جي صورت ۾ پورو ٿيو ۽ اها ئي قرباني آهي جيڪا اڄ تائين سنت ابراهيمي طور اسلام ۾ به رائج آهي. يهودي مذهب ۽ عيسائي مذهب بلڪ هر الهامي يا غير الهامي مذهب ۾ قربانيءَ جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ملي ٿو. يهودي توڙي عيسائي پاڻ کي ابراهيم عليہ السلام جو پيرو ڪار چوائن ٿا. ابراهيم عليہ السلام جي قربانيءَ جي ذڪر ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي: ترجمو:

”پوءِ اسان ابراهيم عليہ السلام کي هڪ بردبار پٽ جي بشارت ڏني سون، پوءِ جڏهن ان سان گڏ گهمڻ ڦرڻ جهڙو ٿيو ته (سندس پٽ اسماعيل عليه السلام کي) چيائين ته پٽڙا مون خواب ۾ ڏٺو آهي ته ڄڻ توکي ذبح ڪري رهيو آهيان، پوءِ سوچ ته ڇا ڪرڻ گهرجي. چيائين ته (اهو پالڻهار جو حڪم ٿي سگهي ٿو) جيئن توکي حڪم ڪيو ويو آهي، ائين ڪر ۽ مون کي به صبر ڪرڻ وارن ۾ ڏسندين، پوءِ جڏهن ٻئي ڄڻا متفق ٿي ويا ته ان کي (زمين تي) پيشاني ڀر ليٽايائين ته اتي اسان (ابراهيم عليہ السلام کي) پڪاري چيو ته اي ابراهيم عليہ السلام (بس) تو پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو، بيشڪ اسان نيڪو ڪارن کي بدلو ڏيندا آهيون، بيشڪ اها وڏي ظاهر ظهور آزمائش هئي (جنهن لاءِ تون تيار ٿي وئين) ۽ ان کي ذبح عظيم جي فديي سان تبديل ڪري ڇڏيوسين.“

هن قربانيءَ کي الله تعاليٰ طرفان ابراهيم عليہ السلام جي آزمائش قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي هُو بلڪل پورو لٿو. سچيءَ دل سان پنهنجي جگر جو ٽڪرو فرزند الله تعاليٰ جي راه ۾ قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. وڏي ڳالهه ته ان ۾ سندس پٽ اسمٰعيل عليہ السلام به برابر جو شريڪ رهيو. ننڍڙو ٻار هو، پر الله تعاليٰ جو حڪم نه ٽاريائين، خوشيءَ خوشيءَ سان قبول ڪيائين. الله تعاليٰ کي سندن اهو عمل ۽ خلوص ايترو ته پسند آيو جو قيامت تائين سندن ياد تازي ٿيندي رهي ٿي. هر مومن جيڪو الله تعاليٰ جي رضا چاهي ٿو، اهو خوشيءَ خوشي سان پنهنجي مال مان خرچ ڪري ٿو ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن.

حوالا

Tags:

اضحي قرباني جا حڪماضحي قربانيءَ جا جانوراضحي قربانيءَ جو عملاضحي تاريخاضحي حوالااضحيعربي ٻولي

🔥 Trending searches on Wiki سنڌي، سندھی ، सिन्ध:

رومڊڪشنريعزتآسٽرو–ايشيائي ٻوليونمحمد بن قاسم1781عهيومن ڊويلپمنٽ انڊيڪسمحبتآمريڪا جون گڏيل رياستونگل خيروبلوچستانآذربائيجاني مناتلغاري (قبيلو)صشامافلاطونمثنوي1981عقادر مڱسيلوڪ ادبنازبوڪبيرپاڪستانعبدالستار ايڌيگئانگشيسنڌي ادبي سنگتايلزبٿ ٻين (برطانيا)مومل راڻوعلي رضا سولنگيزراعتڪارو سمنڊگوگلادريس عليہ السلام1978عهيروڊوٽسجرمنيوڪي ڊيٽافحش اداڪارآمريڪاڪتوڪينيڊاروسمحمدلاطينيعالمي معياري ڪتاب نمبرتاريخسوئيزرلينڊسِسٽم ٿيئريگهوڙو7 ڊسمبرقومپرستيقاسم سليمانينيوٽرانآسٽريلياابخازياآنڌرا پرديش🡆 More